سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جو هڪ واکاڻ جوڳو ۽ يادگار ڪم

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي هڪ پڌرائي موجب ميڊيا جي مختلف شعبن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي درست واهپي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سکيا ورڪشاپن جو هڪ سلسلو هلندڙ آهي جنهن حوالي ۾ سڀاڻي 17 فيبروري تي پڻ ڪراچي ۾ هڪ ڏينهن ورڪشاپ رٿيل آهي جنهن لاءِ صحافتي ادارن ۽ ميڊيا جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي تربيت لاءِ نامزدگيون گهرايون ويون آهن.

سنڌي ٻولي جي ان اداري جي ٻي ڪارڪردگي ڪيئن آهي، ان تي هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي راءِ ٿي سگهي ٿي پر جيستائين پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي لکجندڙ ۽ ڳالهائيجندڙ ٻولي جو تعلق آهي ته ان تي نظر رکڻ، ان جي اصلاح ڪرڻ، غلطين جي نشاندهي ڪري واسطيدار ادارن ڏانهن خط لکي انهن جي درستگي ڪرائڻ واري ڪم کي ان اداري جو يادگار ڪم چئي سگهجي ٿو. ان مقصد لاءِ سنڌي ٻولي جي ان اداري مختلف شهرن ۾ ورڪشاپ به ڪرايا آهن. هاڻي ته ڪراچي ۾ به ان اداري جي آفيس کولي وئي آهي جتي ورڪشاپ ٿيڻ لڳا آهن. سڀاڻي وارو ورڪشاپ به ان مقصد تحت ڪرايو پيو وڃي جنهن جي اسان آجيان ڪريون ٿا.

سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي انهيءَ ڪوشش سان ڪيترو فائدو ٿيو آهي خاص ڪري سنڌي اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تي ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ڪيترو لاڀ ورتو آهي، ادارو پاڻ ان ڏس ۾ ڪيترو مطمئن آهي سو الڳ بحث آهي پر اهم ڳالهه اها آهي ته اهو سلسلو هلندو پيو اچي جيڪو هلڻ به گهرجي، انهن ورڪشاپن  مان فائدو ئي فائدو آهي نقصان ته ڪو آهي ئي نه. سکيا جي ڪا فيس به ناهي مفت ۾ اها خدمت سرانجام ڏني وڃي ٿي جنهن جو سڀني کي ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي.

ٻولي جي ڪريل معيار جي حوالي سان خاص ڪري سڀ کان وڏي تنقيد اڄ جي اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تي ٿيندي رهي آهي ته اتي سنڌي ٻولي کي تمام گهڻو کاريو ويو آهي. اها تنقيد بلڪل  جائز آهي. ڇاڪاڻ ته انهن ادارن ۾ ٻولي جي سڌاري ڏانهن ڪا خاص چنتا نظر نٿي اچي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته هر اداري ۾ ٻوليءَ جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ماهر رکيو وڃي جيڪو روز جي بنياد تي پنهنجي اداري ۾ ڪم ڪندڙن جي ٻولي بهتر ڪري ڇو ته عام ماڻهو، اخبارن، رسالن، ريڊيو، ٽي وي چينلن تي لکجندڙ يا ڳالهائيندڙ ٻولي مان سکندا آهن. جيڪڏهن سنڌي جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي پنهنجي ٻولي ئي خراب هوندي ته ڏسندڙ، ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ به ان کي ئي درست سمجهي ڪري پنهنجي استعمال ۾ آڻيندو. تنهن ڪري سنڌي ميڊيا کي ته خاص ڪري پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان ۾ ڪو عار محسوس نه ڪرڻ گهرجي. سنڌي ڳالهائڻ جي معنيٰ اها ناهي ته ڪو اسان ان ٻولي جا ماهر آهيون يا ان تي ڪا دسترس رکون ٿا. ٻوليءَ تي مهارت لاءِ ان شعبي ۾ تعليم حاصل ڪرڻي پوندي، پي ايڇ ڊي ڪرڻي پوندي، ۽ ان لاءِ خاص طور تي اسان سڀني کي شاهه ڀٽائي پڙهڻو ۽ سمجهڻو پوندو.

ڪنهن سنڌي ماڻهوءَ کي سنڌي ٻولي سکڻ جو چئجي يا اردو، انگريزي يا ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن کي سندن مادري ٻوليون سکڻ جو چئبو ته ٻڌڻ شرط کين عجيب لڳندو پر حقيقت اها آهي ته مادري ٻولي ڳالهائڻ ٻي ڳالهه آهي پر ان ٻولي جي ڄاڻ يا ان ۾ مهارت لازمي ناهي ته مادري ٻولي ڳالهائيندڙ هر ماڻهوءَ کي هجي. سو پنهنجي مادري ٻولي به سکي سگهجي ٿي ۽ سکڻ گهرجي.

انهيءَ حقيقت کي مڃڻو پوندو ته ڪنهن به ٻوليءَ تي مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي منسوب ڪرڻي پوندي آهي تڏهن ماڻهو ڪنهن شعبي ۾ ماهر وڃي ٿيندو سو به اهو جيڪو ان شعبي م غير معمولي دلچسپي رکندو.

اها به حقيقت آهي ته سنڌي ٻولي اندر هر دور ۾ ٻين ٻولين جا لفظ شامل ٿيندا رهيا آهن مثال سنسڪرت، هندي، عربي، فارسي وغيره سميت ڪيتريون ٻوليون سنڌي ٻولي ۾ ضم ٿينديون ويون آهن. اڄ جي سنڌي ۾ خاص ڪري جيڪا ميڊيا ۾ استعمال ٿئي ٿي تنهن ۾ اردو ۽ انگريزي ٻولين جا لفظ وافر مقدار ۾ استعمال ٿين ٿا. شهر ۾ رهندڙ نئون نسل گهرن اندر جيڪا ٻولي ڳالهائي ٿو تنهن ۾ اردو انگريزي ۽ هندي ٻولين جا لفظ گهڻا استعمال ٿين ٿا ڇاڪاڻ ته گهر کان ٻاهر انهن کي اردو ۽ انگريزي ٻولين سان واسطو رهي ٿو جنهن جو اثر سندن ٻوليءَ تي سڌو سنئون پوي ٿو. ٽي وي تي هندي فلمون ۽ پروگرام ڏسڻ ڪري سندن ڳالهائڻ ۾ هندي لفظ به شامل ٿي وڃن ٿا. وري اهو نسل وڏو ٿي اخبارن، ٽي وي، ريڊيو وغيره ۾ وڃي ٿو ته پوءِ اتي به اها ئي ٻولي ڳالهائي ٿو جيڪا کريل قسم جي هجي ٿي. ماضي ۾ خاص ڪري پي ٽي وي تي درست ٻولي تي خاص ڌيان ڏنو ويندو هو پر هاڻي ان پاسي ڪا سنجيدگي نٿي ڏيکاري وڃي.

انهيءَ المياتي صورتحال ۾ اڄ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو واحد ادارو آهي جيڪو سنڌي اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تي لکجندڙ ۽ ڳالهائيندڙ ٻولي تي ڌيان ڏئي ٿو ۽ ان جي سڌاري لاءِ پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ٿو. جنهن جي اهميت ۽ ضرورت وقت سان گڏ وڌندي وڃي ٿي. انهيءَ جو احساس سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي به هئڻ گهرجي تنهن ڪري سنڌي اخبارن ۽ ٽي وي چينلن ۾ ڪم ڪندڙ عملي کي ته لازمي طور اهڙا ورڪشاپ اٽينڊ ڪرڻ گهرجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.