نواز شريف” آئوٽ “۽ زرداري ”اِن“ !

تحرير: شفيق الرحمان شاڪر

ڊگهي ڇڪتاڻ کانپوءِ ڇھه جماعتي اتحاد ”پي ڊي ايم ٽو“ حڪومت جي قيام جو باقاعدي اعلان ڪري ڇڏيو آھي جنھن ۾ ٻه مرڪزي رانديگر پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن ھوندا.ھن وقت تائين سامھون آيل فارمولي مطابق آصف علي زرداري صدر مملڪت، شھباز شريف وزير اعظم ۽مريم نواز وزير اعليٰ پنجاب ھوندي.مسلم ليگ ن پاران شھباز شريف جي بطور وزير اعظم نامزدگي ته پنھن جي جاء تي خبر آھي پر اصل خبر ھيءَ آھي ته ڇوٿون ڀيرو پنھن جي سياسي عروج تي پھچي ھڪ لحاظ کان وزارت عظميٰ کي ڇھندي واپس ايندڙ نواز شريف ويجهي آئيندي ۾ سياسي طور تي ڪو بنيادي ڪردار ادا ڪندي نظر نٿو اچي جنھن جي منصوبا بندي ھن ڪري رکي ھئي يا ھن جي ساٿين ۽ پارٽي ڪارڪنن جي اڪثريت جيڪي اميدون رکيو ويٺي ھئي.

ان مايوسيءَ جي ھڪ جهلڪ اوھان کي مسلم ليگ جي ٻن اڳواڻن جي انھن ٽويٽس ۾ نظر اچي ٿي.شيخوپورا مان شڪست کائيندڙ ميان جاويد لطيف ميان نواز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو آھي ته” اسان شرمسار آھيون جو توهان جي بيانيي سان انصاف ڪري نه سگهياسين،توسان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين جو بدلو نه وٺي سگهياسين.جڏھن اھو موقعو آيو ته اسان ضايع ڪري ڇڏيو.“

اھڙيءَ طرح جج ارشد محمود ڪيس ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ ليگي اڳواڻ جي وفادار ساٿي ناصر بٽ لکيو ته ” اڄ منھن جي اکين ۾ ڳوڙھا آھن،اسان نواز شريف سان وفا نه ڪري سگهياسين.“

ان کي حالتن جو جبر چئجي يا اتفاق جو نواز شريف سواءِ ٻيا به ڪيترائي ليگي اڳواڻ چونڊن ۾ ھار کائي ويا جيڪي ميان نواز شريف جي ويجهن بااعتماد ساٿين ۾ شمار ٿين ٿا.جن ۾ رانا ثناء الله، خواجا سعد رفيق، خرم دستگير، ميان جاويد لطيف ۽ ٻيا به ڪيئي شامل آھن جيڪي ھڪ لحاظ کان چونڊ ميدان ۾ سياسي ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار بڻيا.

ھاڻي صورتحال اھا آھي جو پنھن جي جماعت جي حڪومت اچڻ جي امڪانن کانپوءِ به مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن جي اڪثريت دل ٽٽل ۽ مايوس نظر اچي ٿي ڇو جو نواز ليگ جي سموري چونڊ مھم جو بنياد ميان نواز شريف کي چوٿون ڀيرو وزير اعظم بڻائڻ جي ھدف تي رکيل ھو. اھو ئي سبب آھي جو مسلم ليگ نون جي منشور جو نعرو ” پاڪستان ڪو نواز دو“ رکيو ويو يعني نواز شريف جي سياست ۽ اقتدار جو ٻيھر جياپو پر ڪنھن کي خبر ھئي ته قصر سلطانيءَ جي گنبذ تي وري ڪو “شھباز“ پر ڦڙڪائي رھيو آھي.

اوھان ڏٺو ھوندو ته ملڪ جي سمورين وڏين اخبارن ۾ وزير اعظم نواز شريف جي عنوان سان اشتھارن جي نالي تي شھه سرخيون ڇاپيون وييون جنھن جو مقصد ھڪ پاسي عوام کي ته ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ کي پڻ اھو پيغام ڏيڻ مطلوب ھو ته پارٽيءَ پاران بطور وزير اعظم نواز شريف سواءِ ٻيو ڪوبه قبول نه ھوندو.پر اھو خواب پورو نه ٿي سگهيو.ان وچ ۾ اھو اطلاع به آڏو آيو ته جيڪر نواز شريف کي چونڊن ۾ سادي اڪثريت ملي ٿي وڃي ته ميان نواز شريف وزير اعظم جو اميدوار ھوندو.ان جو ٻيو مطلب اھو ٿيو ته جيڪر گڏيل حڪومت جڙي ٿي ته وزارت عظميٰ جو تاج شھباز شريف جي مٿي تي پھرايو ويندو ڇو ته نواز شريف ڪنھن به اھڙي حڪومت جو حصو بنجڻ نٿو گهري جنھن ۾ ٻين جماعتن تي ڀاڙڻو پوي.

ٻئي طرف سياسي مبصرن جي خيال ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ڊگهي سوچ ويچار بعد ھڪ ”سمارٽ موو“ کيڏي آھي جنھن ھيٺ انھن مسلم ليگ نون جي ممڪنه حڪومت جو حصو بنجڻ کان معذرت ڪئي آھي تڏھن به صدر مملڪت ۽ چئن ئي صوبن ۾ گورنرشپ سميت ڪيئي وڏا آئيني عھدا گهري ورتا آھن.اھڙيءَ طرح ”رند ڪي رند رھي اور ھاٿ سي جنت ڀي نه گئي“ جيان پيپلز پارٽي عملي طور تي نه رڳو حڪومت ۾ شامل ھوندي پر ممڪنه طور تي صدر، چيئرمين سينيٽ، اسپيڪر قومي اسيمبلي سميت وڏن آئيني عھدن سان حڪومت مٿان ھڪ مانيٽر يا نگران وارو ڪردار به ادا ڪندي جڏھن ته ان کان سواء ھڪ غير اعلانيہ اپوزيشن جو درجو به پيپلز پارٽي کي حاصل ھوندو ۽ اھا حڪومت جي ڏکين ۽ تڪراري فيصلن ۾ ڀائيوار بنجڻ بدران ان جي گرفت ڪري عوام ۾ پنھنجو پاڻ کي سرخرو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي.

اھا ڳالھه قابل ذڪر آھي ته جيڪر پيپلز پارٽي اپوزيشن ۾ ويھڻ جو فيصلو ڪري ھا ته بلاول نمبر گيم جي لحاظ کان اھو عھدو حاصل ڪري نه سگهي ھا ڇو ته آزاد ميمبرن جو گروپ نمبر گيم جي حساب سان وڌيڪ وڏو آھي جيڪو اڳيان ھلي ڪنھن جماعت جو حصو بڻجي سگهي ٿو.

في الحال اھو چوڻ مشڪل آھي ته پيپلز پارٽي وزارتون نه وٺڻ واري فيصلي تي قائم رھندي يا ان ”چارٽر آف ڊمانڊ“ جي بنيادي مقصد تي منٿ ميڙ بعد وفاقي حڪومت ۾ مرضيء جون وزارتون حاصل ڪرڻ به شامل ھوندو.اڳيان ھلي شراڪت اقتدار ڇا ٿي بيھي، اھو ته ڪجھه ئي ڏينھن ۾ واضح ٿي ويندو تنھن ھوندي به ھن وقت تائين جي زميني حقيقت اھا آھي ته فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ جيڪر ڪنھن جماعت کي سڀ کان گهڻو سياسي فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو آھي ته اھا پاڪستان پيپلز پارٽي آھي ۽ ان لحاظ کان “ايڪ زرداري، سب پي ڀاري“ جو نعرو ھڪ ڀيرو ٻيھر عملي تعبير حاصل ڪري چڪو آھي.يعني ھڪ طرف سنڌ ۾ بنان ڪنھن شرڪت جي حڪومت ھن وٽ ھوندي،بلوچستان ممڪنه طور تي وزارت اعليٰ سان گڏوگڏ سمورا اھم عھدا ان وٽ رھندا ۽ چئني صوبن اندر گورنر جا عھدا به گهري رھي آھي جڏھن ته وفاق ۾ صدارت سان گڏوگڏ چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر جھڙا اھم عھدا به ھن وٽ رھندا.

ٻئي طرف مسلم ليگ نون جيڪا چونڊن کان اڳ سورھن مھينن جي اقتدار ۾ پنھن جو سياسي ڪيپيٽل قربان ڪري چڪي ھئي انھن جو خيال ھو ته ان جي بدلي کين ليول پليئنگ فيلڊ سان گڏ اقتدار جي واڳ پور اختيار سان سندن حوالي ڪئي ويندي پر اھو خواب چڪنا چور ٿي چڪو آھي.جيتوڻيڪ نواز شريف جي واپسي، ڪيسن جي ختم ٿيڻ ۽ ھڪ طرفي چونڊ مھم جي صورت ۾ نواز ليگ جي ڪنھن حد تائين سھولت ڪاري ڪئي ويئي پر اٺين فيبروري جي چونڊن سڄي راند ئي ابتي ڪري وڌي جنھن ۾ سڀ کان وڏي قيمت نواز ليگ کي ئي ڀرڻي پئجي رھي آھي.

مبصرن جي چوڻ مطابق جيڪر پيپلز پارٽي عملي طور تي حڪومت جو حصو نٿي بڻجي ته پوءِ ايندڙ حڪومت نھايت ئي ڪمزور ھوندي جيڪا ملڪ کي درپيش سخت بحرانن کي اڪيلي منھن نه ڏيئي سگهندي.ھن کي ھڪ طرف پيپلز پارٽي ته ٻئي طرف پي ٽي آئي جي سخت اپوزيشن کي منھن ڏيڻو پوندو.انھن حالتن ۾ ڏٺو وڃي ته مسلم ليگ نون اڌوري اقتدار جي ”گناهه بي لذت“ طرف وڃي رھي آھي.ميان نواز شريف جيڪو پاڪستاني سياست جي ھڪ وڏي حقيقت پڻ آھي ان جي ڀاءُ ۽ ڌيءَ جي عملي طور تي اقتدار ۾ شرڪت ھڪ طرف نون ليگ لاءِ اميد افزا پھلو آھي ته ٻئي طرف ڪيترائي سوال ملڪ جي سياسي منظر نامي تي گردش ڪري رھيا آھن ته ڇا ميان نواز شريف جو سياسي مستقبل پنھن جي انجام کي پھچي رھيو آھي؟ڇا ملڪ جي سڀني کان سينئر ۽ تجربي ڪار سياستدان پنھن جي سياسي اننگ مڪمل ڪري ورتي آھي؟ اھڙا ٻيا به ڪيترائي سوال آھن جن جا تسلي بخش جواب شايد مستقبل قريب ۾ ئي ملي وڃن.في الحال اسان محترمه مريم نواز جي ان بيان سان ئي سھمت ٿي ٿا وٺون ته “نواز شريف سياست کان ڌار نه پيو ٿئي بلڪ ھو ايندڙ پنجن سالن تائين وفاق توڙي پنجاب ۾ پنھن جن حڪومتن جي سرپرستي ڪندو،“

مبصرن جي چوڻ مطابق جيڪر پيپلز پارٽي عملي طور تي حڪومت جو حصو نٿي بڻجي ته پوءِ ايندڙ حڪومت نھايت ئي ڪمزور ھوندي جيڪا ملڪ کي درپيش سخت بحرانن کي اڪيلي منھن نه ڏيئي سگهندي.ھن کي ھڪ طرف پيپلز پارٽي ته ٻئي طرف پي ٽي آئي جي سخت اپوزيشن کي منھن ڏيڻو پوندو.انھن حالتن ۾ ڏٺو وڃي ته مسلم ليگ نون اڌوري اقتدار جي ”گناهه بي لذت“ طرف وڃي رھي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.