اڄوڪو ڌرڻو : سياست ڪٿي دنگ ڪندي !

تحرير: غلام حسين لغاري

اڄ جمع ڏهاڙي ملڪ جي مختلف حصن ۾ سياسي احتجاج ٿيڻ ۽ قومي شاهرائن تي ڌرڻا لڳڻ وڃي رهيا جنهن لاءِ سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ ڌرڻن ۽ احتجاج وارن هنڌن تي پهچي چڪا آهن ۽ ڪي پهچڻ وارا آهن. هنن احتجاجن ۽ ڌرڻن جو سڏ جي ڊي اي، پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي، جي يو آءِ ۽ ٻين سياسي ڌڙن ڏنو آهي. جي ڊي اي وارو اڄوڪو ڌرڻو شام تائين پڄاڻي تي پهچندو يا ان کي ڊگهو ڪيو ويندو ان جو فيصلو جي ڊي اي قيادت اڄ ئي ڪندي جيڪڏهن ڌرڻو ڊيگهه ٿو وٺي صورتحال ڪجهه ڳنڀير ٿي ويندي. اهي به امڪان آهن ته ڌرڻن ۽ احتجاجن کي روڪڻ لاءِ اڳتي هلي ايمرجنسي به لڳائي وڃي.

اهي به اطلاع آهن ته ملڪ کي سياسي بحران ۽ ڌرڻن واري سياست کان بچائڻ لاءِ پ پ پ قيادت ۽ ڪجهه سگهارن حلقن پ پ پ اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ ن ليگ جي صدر نامزد وزيراعظم ميان محمد شھبازشريف جي ڊي اي سربراهه پير صاحب پاڳاري سان رابطو ڪري ملاقات ڪرڻ ۽ احتجاج کي موخر ڪرڻ لاءِ چيو آهي پر  پير صاحب پاڳاري معذرت ۽ انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ واضح ڪيو اٿس ته في الحال کيس ۽ سندس اتحادين کي پنهنجو جمهوري حق ادا ڪرڻ ڏنو وڃي جو نگرانن چونڊن ۾ ڌانڌليون ڪرائي پنهنجي پسند جي ماڻهن کي اسيمبلين ۾ موڪلڻ وارو حربو استعمال ڪيو آهي. ڌرڻن ۽ احتجاج واري صورتحال ۽ امن امن جي قيام لاءِ نگران حڪومت اڳواٽ اپاءَ وٺي ڇڏيا آهن. ممڪن آهي ته اڳواڻن جون گرفتاريون به ٿين جنهن سان صورتحال ويتر ڳنڀير بڻجي سگهي ٿي. هي پهريون ڀيرو آهي جو پير صاحب پاڳارو خود ڪنهن ڌرڻي جي قيادت ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري رهيو آهي.

ڌرڻو ته پنهنجي جاءِ تي پر پي ڊي ايم به هاڻ ٽٽي چڪي آهي جنهن به ن ليگ کي سياسي ميدان ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جي يو آءِ جي قائد مولانا فضل الرحمان ٽيون ڏينهن پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي چونڊ نتيجن کي رد ڪندي  ن ليگ کي دعوت ڏني آهي ته اهي پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جي حيثيت ۾ ساڻن گڏ ويهن ۽ چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي کي تسليم ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائين. جي يو آءِ به تحفظات سان پارليمينٽ ۾ ويهندي ۽ قومي مسئلن لاءِ پنهنجي ويڙهاند جاري رکيو ايندي. مولانا صاف صاف چئي ڇڏيو آهي ته جي يو آءِ کي هارائڻ ۾ نگرانن ۽ سگهارن قوتن ۽ آمريڪا جو هٿ آهي ايتري قدر جو کين آزادي سان چونڊ مهم هلائڻ نه ڏني وئي ۽ رنڊڪون وڌيون ويون جنهن جو ڪارڻ اهو آهي جي يو آءِ امن خاطر پاڪ افغانستان لاڳاپن لاءِ ڪم ڪيو، فلسطينن ۽ حماس جي حمايت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آمريڪا اسرائيل جي منفي ڪردار جي مخالفت ڪئي.

مولانا فضل الرحمان ڪي پي ڪي ۾ هڪ وڏي سياسي قوت آهي ۽ هي ٻيو ڀيرو آهي جو پنهنجي گهر واري سيٽ تي پي ٽي آءِ هٿان شڪست کائي رهيو آهي ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر رهي ٿو. مولانا صاحب چيو ته جيڪڏهن سگهاري قوت سمجهي ٿي ته چونڊون صاف سٿريون ۽ شفاف ٿيون آهن ته پوءِ نائين مئي واري بيان جو ڇا ٿيندو ڪاڏي ويندو. مولانا صاحب چيو ته هن ڏس ۾ ڪو به سندس ذاتي فيصلو نه سمجهيو وڃي پر جماعت جي مجلس شورا جو گڏيل فيصلو سمجهيو وڃي. جماعت ڌاڌلين خلاف ملڪ اندر ڀرپور احتجاج هلائيندي. مولانا صاحب ڪجهه اشارو به ڪيو جنهن مان سندس جهڪاءُ پي ٽي آءِ طرف محسوس ٿئي ٿو جنهن ۾ هن هڪ الله جو ذڪر ڪيو ۽ انهي ذڪر سياسي حلقن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي ته مولانا جو آخر مقصد ڪهڙو آهي ڇا هو مستقبل ۾ پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪرڻ جو ڪو ارادو رکي ٿو.

جي يو آءِ جي قائد جي پريس ڪانفرنس پ پ پ ۽ ن ليگ کي هڪ قسم جو وڏو ڌڪ رسايو آهي جو اهي اڪيلائپ جو شڪار ٿيڻ وڃي رهيون آهن۔مولانا فضل الرحمان ن ليگ کان هاڻ انهيءَ ڪري به بدظن ۽ خائف ٿي چڪو آهي جو عمران حڪومت ڊاهڻ وقت ن ليگ  ايوان صدر جو منصب مولانا حوالي ڪرڻ جي کيس يقين دهاني ڪرائي هئي جيڪا پوري ٿي نه سگهي هئي ۽ هاڻ به صدارت جو عهدو ن ليگ آصف علي زرداري يا نوازشريف حوالي ڪرڻ جو اندر ادر ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙي فيصلي به مولانا کي ويتر بدظن ڪيو آهي. مولانا صاحب هڪ سياسي قوت آهي جيڪا هو روڊن رستن تي استعمال ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو۔مولانا پريس ڪانفرنس وسيلي پنهنجا پتا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن هاڻ ن ليگ جيڪا حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي ڏسجي هو مولانا کي ڪهڙي قسم جي موٽ ڏئي ٿي کيس راضي ڪري ٿي يا نه ڏينهن اڌ ۾ پتو پئجي ويندو ۔ڇا ن ليگ ايندڙ صدر مولانا کي ڪري کيس راضي ڪيو ويندو يا ن ليگ سگهارين قوتن جي فيصلي سان گڏ بيهندي جيڪي ڪنهن به صورت ۾ مولانا کي صدر ڏسڻ نٿيون چاهين ۽ مولانا خود به چئي چڪو آهي ته کيس هارائڻ ۾ آمريڪا ۽ سگهارن قوتن جو هٿ آهي.

ملڪ هن وقت سياسي ڀونچال جو شڪار آهي چونڊن کي گذري اٺ ڏهاڙا گذري چڪا آهن ڪا به صورتحال واضح ناهي ٿي سگهي ته آخر نئين حڪومت ڪير ٺاهيندو ۽ جيڪا به حڪومت ٺهندي ان کي عوام ڪنهن حد تائين قبول ڪندي. هارايل اميدوار عدالتن جو رخ ڪري چونڊ نتيجا روڪرائي رهيا آهن ٽربيونلن به اڃا ڪم شروع ناهي ڪيو. نگران به هاڻ ڍرا لڳا پيا آهن وڃڻ واريون وايون پيا ڪن اهڙي صورتحال ۾ چونڊ نتيجن جا نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ ۽ اسيمبلين جا اجلاس نه گهرائڻ به شڪ شبا ظاهر پيا ڪن ته آخر ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ اهي به اطلاع آهن ته پي ٽي آءِ کي وڌيڪ ڪمزر ڪرڻ لاءِ انجا وڏي انگ ۾ آزاد ميمبرن جون وفاداريون تبديل ڪرائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن ڪجهه ميمبر ن ليگ ۾ شامل ٿي چڪا آهن ۽ ڪجهه پ پ پ ڏانهن وڃڻ جو ارادو رکن ٿا.

ذڪر اڄوڪي ڌرڻن ۽ احتجاجن جو پئي هليو ته جيڪڏهن اهي پوري ملڪ ۾ لڳن ٿا ته هڪ قسم جو سياسي ۽ معاشي ڀونچال پئدا ٿيندو ۽ صورتحال نگرانن جي هٿن مان نڪري سگهي ٿي. جڏهن هاءِ ويز تي ٽرئفڪ بيهجي وڃي شهر ۽ ڪاروبار متاثر ٿين ته ملڪ ۾ معاشي بحران ضرور پئدا ٿئي. اهڙي صورت ۾ سگهاريون قوتون ۽ نگران به شايد حرڪت ۾ اچن ۽ ڪو انتظامي قدم کڻن جنهن جا به امڪان رد ڪري نٿا سگهجن. جي ڊي اي جي سربراهه پير صاحب پاڳاري ڪارڪنن کي امن امان برقرار رکڻ جو چئي ڇڏيو آهي. بهرحال اڄوڪو ڌرڻو سگهارين قوتن لاءِ هڪ قسم جو پيغام هوندو. بهرحال ڪمزور حڪومت کان وڌيڪ ترجيح مضبوط پارليامينٽ کي هجڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.