جيڪو سوچيو هيو ايئن نه ٿيو!

تحرير: قيوم سنديلو

نيٺ چونڊ ٿي وئي، نه نه ڪندي اهو ڪم ڪيو ويو جنهن جي اميد تمام گهٽ هئي، وري جنهن جي ٿيڻ جي اميد هئي، ان تي سواليه نشان بڻجي ويو. اليڪشن ٿي ته وئي پر جيڪڏهن نه ٿئي ها ته شايد ملڪ ۾ ٿورو گهڻو استحڪام هيو پر جنهن جي ڪري چونڊ ڪرائي وئي اهو ويتر وڌي ويو آهي. نواز جي وزيراعظم ٿيڻ واري ڳالهه جيڪا بنهه سئو سيڪڙو سچ پئي لڳي اها نوي سيڪڙو ڪوڙي ثابت ٿي وئي. مولانا جي جيڪا ڳڻتي هئي اها صحيح ثابت ٿي پر صدر ٿيڻ واري ڳالهه سئو سيڪڙو غلط ثابت ٿي وئي.

مطلب اهو  ٿيو ته جيڪو سوچيو ويو هو اهو نه ٿيو ۽ جنهن بابت ڪنهن کي گهٽ توقع هئي اها ڳالهه پڪي ٿي وئي. پيپلز پارٽي جنهن بابت ڪجهه سالن کان اهو چئي پيو ويو ته اها پنجاب مان ختم ٿي وئي آهي پر اليڪشن جي نتيجن ان کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو. مشڪوڪ اليڪشن  هجڻ باوجود ٿورا ماڻهو آهن جيڪي سمجهن ٿا ته پ پ جي به سليڪشن ٿي آهي. ايم ڪيو ايم جنهن بابت ناليوارا صحافي چون ٿا ته ايم ڪيو ايم اها غلطي ڪئي جو هن تمام ٿورا اميدوار بيهاريا جيڪڏهن ملڪي سطح تي تقريبن سيٽ تي اميدوار بيهاريا وڃن ها ته شايد ايم ڪيو ايم چئني صوبن ۾ حڪومت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها پر وري به اها ئي ڳالهه ٿي ٿئي ته جن جيڪو سوچيو اهو نه ٿي سگهيو.

تحريڪ انصاف وارن يا ان جي حامين جي سوچ هئي ته پي ڊي ايم ٺهڻ کان پوءِ جيڪو اسان خلاف ڪم هلي رهيو آهي اهو چونڊن کانپوءِ ويتر وڌي ويندو پر ايئن نه ٿيو پر اهو سوچ جي مطابق ئي ٿيو ته ڀلي تحريڪ انصاف سيٽون گهڻيون کڻي وٺي پر ان جي حڪومت ٺهڻ نه ڏني ويندي. ووٽ کي عزت ڏيڻ جو بيانو وڃائيندڙ نواز شريف جي پارٽي شايد ان آسري ويٺي هئي ته اسان جي ڳالهه ٿي وئي آهي، ڪاميابي اسان جو مقدر آهي پر شهباز شريف جي ڪاميابي ۽ نواز جي تڪراري ڪاميابي پي ڊي ايم 2 جي صورت ٺاهي ڇڏي آهي. نواز شريف جي ساٿي پارٽي اڳواڻن مطابق ته هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر نواز شريف جي طبيعت خراب ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ تمام جلد ٿي سگهي ٿو ته لندن جو ڊاڪٽر کين فون ڪري گهرائي وٺي.

8 فيبروري کان اڳ نواز شريف جڏهن جلسن کي ٿورو گهڻو خطاب تنقيد جي ڪري شروع ڪيو ته ان جي ڳالهائڻ ۽ باڊي لينگويج مڪمل حڪومت وٺڻ واري لڳي رهي هئي پر شايد نواز شريف ٽي ڀيرا وزيراعظم رهڻ جي باوجود دوستن جي سوچ کي نه پڪڙي سگهيو آهي ۽ سادي اڪثريت وٺڻ واري خواهش پوري نه ڪري سگهيو بحرحال اهي ڳالهيون سچ ثابت ٿي ويون جيڪي اڳ ۾ ڪرڻ تي نواز ليگ جا ڪارڪن توڙي اڳواڻ باهه ٿي ويندا هئا ته ڪجهه به ٿئي نواز شريف بجاءِ شهباز شريف وزيراعظم ٿي ويندو.

پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ جيڪا روايتي مخالفت هلي مطلب جي ڊي اي هجي يا سوشل ميڊيا تي جيڪا تنقيد هلي پئي پر ٿيو اهو ئي جيڪو ٿيندو رهيو آهي پر ظلم جي حد اها ڪئي وئي جو پير پاڳاري کي به اڳ وارا نتيجا نه ڏئي ويتر راند کي تڪرار بڻايو ويو آهي پر پير پاڳاري خبر ناهي ڇو سچ ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي جنهن جو مطلب به اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته نواز وانگر هنن کي به جيڪا پڪ ڏني وئي ها اها پوري نه ٿي سگهي آهي باقي رهيو عوام اهو ته هاڻي سوشل ميڊيا تي مصروف ٿي ويو آهي، مطلب صبح اٿڻ سان سيلفي هڻي پنهنجو ڪم وڌائي رهيو آهي ۽ هر روز سالگرهه ملهائڻ جو لاڙو تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ باقي جيڪي ٿورا گهڻا انقلابي آهن اهي به چون ٿا ته تون روڊ تي نڪر ته مان تصوير ڪڍي واهه واهه ڪرايا باقي احتجاج سان ٿيندو ڪجهه به نه.

سنڌ  هجي يا بلوچستان روايت مطابق قومپرستن کي راند کان تقريبن ٻاهر ڪڍيو ويو آهي پر راند به ان موقعي تي پهتي آهي ته جيڪو کٽي پيو اهو ٿو ته مان هارايو آهي ۽ هارائڻ واري کي ننڊ مان اٿاري چيو پيو وڃي ته تون کٽي ويو آهين. بحرحال مريم نواز جا وزيراعليٰ پنجاب ٿيڻ واري اڳڪٿي ڪرڻ وارا خوشي ۾ نه پيا ماپن پر اها خوشي ان ڪري به گهٽجي وڃي ٿي جو ڪي پي ڪي ۾ تحريڪ انصاف ڪاميابي ماڻي مزو خراب ڪري ڇڏيو آهي.

چونڊ جي شروعاتي نتيجن ۽ نواز ليگ جي دير تائين چپ چپات تقريبن صحافين کي ڪاوڙائي وڌو آهي جو هاڻي سوشل ميڊيا تي نواز ليگ ۽ صحافي برادري ۾ صرف ان ڪري جهيڙو هلي رهيو آهي ته صحافين سوير ئي ڇو نواز ليگ کي ناڪام ڪري ڇڏيو، هاڻي صحافي تنظيمون هجن يا پري انٽرنيشنل ميڊيا هجي اها ان ئي ڳالهه تي ٽڪ ٻڌي بيهي رهي آهي ته اليڪشن آزاد کٽي ويا آهن پر کٽرايو ٻين کي پيو وڃي.

شروعات کان تڪراري بڻيل اليڪشن ڪميشن وڌيڪ مڪمل طور تي تڪراري بڻجي وئي آهي چئجي ته غلط نه ٿيندو پر ڏوهه انهن جو به ناهي، شايد اهي به پراميد هئا ته لندن جي فلائيٽ صورتحال تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي اسان جي خواهش عوام ئي پورو ڪندو پر شايد انهن کي عوام جي اهڙي انقلاب جي بنهه اميد نه ئي هئي ۽ نتيجن جي جيڪا ڳڻپ هنن چاهي پئي اها پوري نه ٿي سگهي ۽ پوري ڪرڻ جي ڪوشش هنن کي مڪمل طور تي فلاپ ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي ڳالهه ان تي پهتي آهي ته اليڪشن ڪميشن جيڪا سدائين اليڪشن نه ٿيڻ جي ڪوششن ۾ هوندي هئي هاڻي اليڪشن پوري ٿيڻ جي ڪوششن ۾ ڪامياب نه پئي ٿئي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.