آمريڪي معيشت، يورپ کي ڪيئن پوئتي ڇڏيو ؟

دنيا کي عالمي وبا دوران معاشي چيلينجز کي منهن ڏيڻو پيو، پر هڪڙو ملڪ آمريڪا مضبوط ٿي اڀريو.آمريڪا تيزيءَ سان اڀرندڙ اھڙي معيشت آھي جتي مزدورن جي طلب آهي، مهانگائي جي شرح به گهٽجي رهي آهي. ان لحاظ سان آمريڪا يورپ ۽ ٻين امير ملڪن کي به پوئتي ڇڏي ويو آهي.

2023  ۾ چوٿون ڀيرو آمريڪا ۾ مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) 3.3 سيڪڙو رھي.جيڪا ماھرن جي رڳو 2 سيڪڙو کان گھڻو وڌيڪ آهي. سال 2023 ۾ ملڪي (جي ڊي پي ) 2.5 سيڪڙو رھي.جنھن سان ھن ملڪ ٻين سمورن ترقي ڪيل ملڪن کي پوئتي ڇڏي ڏنو ۽ 2024 ۾ بھ آمريڪا ٻيهر ائين ڪري سگهي ٿو.

ماهرن آمريڪي معيشت جي بهتر ڪارڪردگيءَ جا ڪجهه سبب ٻڌايا آهن،جنھن موجب ڪووڊ 19 دوران ماڻهن جو ڪم ڪار ۽ سماجي زندگي رڪجي وئي ھئي. ڪيترن ئي ملڪن گهرن ۾ ويٺل ماڻهن کي مدد ڏني. انهن مان گهڻا ئي بيروزگار ٿي ويا ھئا. مارچ 2020 دوران ڪانگريس ان مد ۾ 22 کرب ڊالرن جو  بل پاس ڪيو. جنھن سان ملازمن، خاندانن ۽ ڪاروبار کي لاءَ رقم  وظيفي طور ڏني وئي.ٻن ٻين قانونن سان ننڍا ڪاروبار فعال رھن ۽ ماڻهو بيروزگار نھ رھن.

تاريخ ۾ پهريون ڀيرو معيشت کي پيرن تي بيھڻ لاءِ ايتري رقم ڏني وئي. اٽڪل پنج 50 ارب ڊالر انفرادي سطح تي جاري ڪيا ويا، بيروزگارن کي هفتوار  اضافي 600 ڊالر مليا.جڏهن ته مقامي ٽرانسپورٽ ڪمپنين جي بھ سھائتا ڪئي وئي. ان سان آمريڪي معيشت ۾ قوت خريد کي مستحڪم رکيو ويو، جيڪو ملڪ جي اقتصادي سرگرمين جو ستر سيڪڙو آهي. آمريڪي معيشت ان ڪري ٻڏڻ کان بچي وئي ڇاڪاڻ ته ماڻهن وٽ  مھانگائي باوجود خريداري جي طاقت هئي.

عوام کي مليل ٿوري  اضافي رقم  بچت جو سبب پڻ بڻي. جنهن هن جنگ ۾ هٿيار جو ڪم ڏنو.

يورپي ملڪن جي ڀيٽ ۾ آمريڪا ۾ گهڻو بهتر سوشل سيڪيورٽي نيٽ ورڪ آهي. جنهن خرچن کي وڌائڻ کان سواءِ موجوده پروگرامن ۾ ترميم ڪئي، پر اهو مختصر مدي وارو فائدو ماڻهن جي ضرورتن سان ٺهڪندڙ نه هو.

مھانگائي ماڻھن لاءِ ڏکيائي جو سبب بڻي ۽ معيشت بابت تصور تبديل ٿيا، پر جاب مارڪيٽ جي مضبوطيءَ سان اضافي آمدني حاصل ٿي وئي. ان طرح سان قوت خريد جو ڦيٿو ڦرندو رهيو. فيبروري 2022 کان ملڪ ۾ بيروزگاري جي شرح 4 سيڪڙو کان گھٽ رھي آهي.اھا تاريخ ۾ سڀ کان گهٽ شرح آهي. هڪ طرف قيمتون وڌيون ته ٻئي طرف پگهارون به وڌيون.گھٽ آمدني وارن جي آمدني ۾ وڌيڪ بھتر سڌارو ڪيوويو. 2023 ۾ آمريڪي پيداوار گذريل سالن جي مقابلي ۾ خاص طور تي تيز ٿي وئي آھي. ماھرن موجب لچڪدارليبر قانون جي مدد سان ڪمپنين وبا سبب نيون نوڪريون پيدا ڪيون.ٿوري مدي جي نقصان بعد ڪمپنين تبديلي ڪندي ۽ نئين ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپ ڪئي. جن هوٽلن ملازمن کي برطرف ڪيو ۽ انهن کي وبا کان اڳ واري سطح تي بحال ڪيوويو. آمريڪا وٽ اھا سگھھ آھي جو ھن وري  ليبر مارڪيٽ کي ڀرتي ڪرڻ  جي صلاحيت رکي ٿو.

بيبي بومر نسل ( 20 صدي جي وچ ۾ پيدا ٿيل فرد ) جي رٽائر ٿيڻ سان آبادي جي پيداوار گھٽي ان دوران اميگريشن ذريعي جاب مارڪيٽ کي ٻيھر ڀريو ويو. يورپي حڪمت عملي تحت انهن ڪمپنين کي رعايتون مليون جن لاڪ ڊائون باوجود ملازمن کي برطرف نه ڪيو. برطانوي فرلو اسڪيم تحت 18 مهينن کان وڌيڪ ملازمت ڪندڙن کي 80 سيڪڙو پگھارون ادا ڪيون ويون. آمريڪا سخت بيروزگاري ھوندي ،بيروزگاري جي مالي سھائتا کي وڌايو.انھن کي روڪ صورت ۾ وظيفو ڏنو

آمريڪا توانائي برآمد ڪندڙ ملڪ آهي.معيشت ۾ مضبوط رهڻ جي صلاحيت آھي. روس فيبروري 2022 ۾ يوڪرين ۾ مداخلت ڪئي.يورپ کي وڏو نقصان ٿيو.جرمني، يورپ ۾ روس کان نورڊ اسٽريم پائپ لائن ذريعي قدرتي گئس درآمد ڪندڙ وڏو ملڪ آھي.ان جي پيداوار کي سخت نقصان ٿيو.

توانائي جي قيمتن وڌڻ سان يورپ مھانگائي ٿي. ماهرن عالمي وبا ۽ يوڪرين  جنگ کي ’ڊبل شاڪ‘ قرار ڏنو آهي.يورپ ۾ 2021 کان 2022 تائين گيس جي قيمتن ۾ 20 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو. آهي، پر آمريڪا ۾ گئس جي قيمت ۾ ان عرصي ۾ 3 کان 4 سيڪڙو اضافو ٿيو.آمريڪا ٻين ملڪن، خاص ڪري يورپ جي ڀيٽ ۾ تيزيءَ سان مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي قابل ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.