نئين چونڊ ۽ ٺپا مافيا جي پراڻي انجنيئرنگ

تحرير رياض ابڙو 

ايم ڪيو ايم ۾ سدائين وانگي ٻاهرين ايجنسين جا وڏا ڪم ڦاٿل هوندا آهن، اهي هن لساني گروھ کي سرگرم ڪري سڀ ڪم ڪندا وتندا آهن، جن ۾ سڀ کان وڏو ڪم چيني پروجيڪٽ رولهڙي جو شڪار ڪرائڻا اٿن. جو ڪراچي نيوڪلئير پاور پروجيڪٽ کان وٺي ڄامشورو پاور تائين ۽ گوادر جي روٽ کان وٺي سنڌ جي اربن ايرياز جي روٽن تائين چائنا اها فرمائش ڪري چڪو آهي ته انهن جا ڪنٽينر هاڻي گوادر کان نه هلندا پر گوادر ڊيپ سي کان ڦري گهري ڪراچي حيدرآباد ۽ سکر جي روٽ تان گذرندا، پنجاب مان لنگهي وڃي چين پڄندا ان ڪري نوان روٽ ۽ روڊ ٺهندا. بس رڳو چيني پروجيڪٽس کي ناڪامي جا منهن يا رولڙي جو شڪار ڪرڻ جي لاءِ ضروري هيو ته اهي ايم ڪيو ايم جهڙي تنظيم کي آڏو آڻين ۽ ماڻهن ۾ بي چيني آڻين. هاڻي ته عذاب ٿو لڳي ته جي ڀلا چيني پروجيڪٽ نه هجن هان ته ڪجھه ڀلو به هيو، پر ڳالهھ اها به آهي ته 2016 ۾ نوازشريف ڪراچيءَ ۾ رينجرس جا جيڪي سرچ آپريشن ڪرايا انهن ۾ رڳو اهو هيو ته هن پارٽيءَ مان جان ڇٽي جو اهي هڪ ڪال تي سمورو شهر بند ڪرائڻ وارا اٺن سالن تائين پاڻ بند رهيا، وري هنن مان هاڻي رسو ڪڍي ڇڏيو اٿن.

ڳجهيون طاقتون سمجهن ٿيون ته اهي پنهنجا ڪم ڪرائي وينديون پر هن ڀيري هن اليڪشن واري ڪوڙي مينڊيٽ تي ڀروسو نه ٿو ڪري سگهجي، جنهن ۾ بيلٽ باڪسز ڪجھه ته ٺپا مافيا سرگرم هيا جن جا ڪراچي شهري پاڻ اکين ڏٺا شاهد آهن. جيڪي چون ٿا ته پولنگ اسٽشينن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا نمائندا بيٺا ته هيا پر رڳو ان لاءِ هيا ته اتي جيڪي ماڻهو ٺپا مافيا وارا هجن انهن کي تحفظ ملي، باقي ماڻهن جو خير آ. ان ڪري به ته جيئن ڪير انهن سان مزاحمت نه ڪري سگهي، انهن ٺپا مافيا وارن کي جيڪڏهن ڪير تنگ ڪندو نه اهي ڪنهن کي به تنگ ڪري سگهن ٿا. ان ڪري ماڻهو ته مصلحتن چپ ڌري ويهي رهيا ۽ اهي ٺپا مافيا هڪ ڊگهي ننڊ مان اوچتو اٿي پيا، پنهنجا مُئا جياري ويا جن کي پاڙي مان به ووٽ نه ملي سگهي هان.

پر ٺپا مافيا ۽ رٽرننگ آفيسرن جي فارم 47 ۽ 45 انهن جي جيت ممڪن ڪئي. ان ڪري ان ناانصافي جي ڪري هاڻي به ساڳي ڪار آهي ته پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي وارا شهر ۾ جڳھ جگھ تي ڌرڻا هنئيون ويٺا آهن. ان ڪري ته انهن جي اکين تي هٿ رکي هيل ايم ڪيو ايم کي کٽرايو ويو آهي. ڳالهھ اها به آهي ته مڪاني چونڊ کٽڻ وارا هيل هڪ سيٽ کڻڻ ۾ به لاچار رهيا ۽ ماڻهن کي ڏندين آڱريون آهن ته هي ڇا ٿي ويو، جو ووٽ پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي کي ڪين پر وري ”فلپ فلاپ“ ٿي ويو ۽ اٿلي پُٿلي ووٽ ايم ڪيو ايم ڏي هليو ويو ۽ انتر منتر جادو جنتر ٿي ويو.

پر ڳالھه انصاف جي آهي ته هيل فرمائشي اليڪشن جي تناظر ۾ ايم ڪيو ايم کي اهڙي پڪ هئي جو هنن آڱرين تي ڳڻي ان ڳالھه جي پهرين پڪ ڪري ڇڏي هئي ته انهن جون 18 سيٽون رڳو قومي اسيمبليءَ جون آهن جن جي انهن کي ان ڪري ته گهرج هئي جو انهن کي ايوان ۾ اهڙيون قراردون آڻڻيون آهن جيڪي ڪو ٻيو نه ٿو آڻي سگهي، جنهن ۾ ارڙهين ترميم جو خاتمو، صوبن جي اختيار کي گهٽائڻ، اين ايف سي ايوارڊ جي ورڇ جي گهٽتائي ۽ مرڪز جي مرڪزيت جي سگهھ کي وڌائڻ جنهن ۾ صوبا ڪا به ٻڻڪ نه ڪڇي سگهن ان ۾ ايم ڪيو ايم کانسواءِ ڪا به پارٽي نه ٿي ٿي سگهي جيڪا اهڙي حرڪت ڪري به سگهي ان ڪري ارڙهين ترميم ۾ جيترو فائدو پنجاب کي پاڻ آهي اوترو ٻين صوبن کي ناهي ڇو ته هي صوبو ٻه ڀاڱا ٿو کائي، هڪ صوبي جو، ٻيو وفاق جو ۽ ٽيون اسٽبلشمينٽ جو ان ڪري ارڙهين ترميم جو ڪجهھ شقون هي هاڻي ختم ڪرائي ويندا.

2018 ۾ مالڪن کي عمران خان ان ڪري به کپندو هيو جو ان ۾ گھڻا ڪم ڦاٿل هين پرعمران خان جڏهن اکيون ڏيکارين ۽ عوامي سياست تي لهي آيو ته بند ڪري ڇڏينس (توڻي جو هن معاشرتي ۽ آئيني گناھ به ڪيا جن جو ازالو ڏئي ٻاهر ايندو ڀلي پوءِ ان جو ازالو عمر جا ڪجهھ سال به هجنس) ۽ ان جا آزاد اميدوار بغير بيٽ ۽ پچ جي ميدان ماري ويا پر هيل مالڪن کي اهو به خوف هيو ته عمران خان جي اميدوارن کي جي بيٽ جو نشان به ملي ويو ۽ عمران خان پاڻ ضمانت تي آزاد ٿي ويو ۽ نااهل ڀلي هجي پر الڪشن مهم سازي ته ڪري هان جو جتي ٻين پارٽين اربين روپيا سيڙائي چونڊ مهم هلائي اتي پي ٽي آءِ رڳو ”ورڊ آف مائوٿ“ هلايو ۽ کٽي ويا ان ڪري 2018 ۾ ايم ڪيو ايم جي دشمني ۾ ڪراچيءَ ۾ فري اينڊ فيئر اليڪشن ڪرائي عمران خان کي جيترائي ويا وري 2024 ۾ عمران خان کان ڊنل اسٽبلشمينٽ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي مُردن ۾ ساھ وجهي وئي ۽ ڪوڙي اليڪشن ڪرائي دنيا کي ڏيکارين ته اهي اليڪشن انجنيئرنگ ڪئين ڪري سگهن ٿا ۽ جيڪو چاهن اهو ڪري سگهن ٿا.

اها ڳالهه به مڃون ته ٿا ته ايم ڪيو ايم وارا پنهنجن جو پاڻ شڪار ڪندا وتندا آهن يا ان ڳالهھ کان انڪار به ناهي ته هي جيترا به ڌڙا ٿين پر هر ڌڙي جو ڪم اهو ئي آهي ته هو هٿياربند سياست ڪن ۽ ماڻهن جو ساھ منجهائي شهر ۾ هڙتالون ڪرائي، ڪاروبار بند ڪرائي پنهنجي سياست ڪن اهي سڀ ڪم ان صورت ممڪن آهن ته جي اهي پنهنجي سياست ڪندا جنهن ۾ سموري شهر ۾ سڪٽر انچارج، يونٽ آفيسون، ڀتاخوريون، قبضاخوريون، ماڻهن کي هيسائڻ، ادارن ۾ مداخلت ۽ دوڪاندارن کان وٺي فيڪٽرين تائين ڀتاخوري وغيره وغيره ۽ جي ڪو به ڪڇندو ته لوندڙي تي گولي رکندس ۽ ان صورت شهر ۾ ”ان ريسٽ“ ۽ ”ان اسٽيبلٽي“ شروع ٿي ويندي ماڻهن ۾ بي چيني وڌي ويندي ۽ هي اهو ڪندا جيڪا هنن جي ساست آهي معني رڳو پنهنجي هڪ مخالف کي سڌو جهنم رسيد ڪن ته معاملو مچي سگهي ٿو جنهن ۾ هي وري معصوم ۽ نفيس ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ شهر ۾ هنن جي سياست شروع ٿي ويندي اها ڳالھه ويجهر مستقبل ۾ شروع ٿي ويندي ان ڪري ته جي هي پنهنجي اهڙي سياست نه ڪري سگهيا ته پوءِ ڪنهن ڪم جا ناهن.

هاڻي ته هي خوش آهن ته هنن کي 8 سال پراڻي ٺپا مافيا هن ڀيري نئين اليڪشن انجنيئرنگ واري طريقي استعمال سان واپس ملي ويا ۽ هنن کي پنهنجي حيثيت ملي وئي ۽ هنن هن ڀيري جيڪي به اڳواٽ خرچ ڪيا هين اهي هنن کي موٽائي ملي ويا، پر ملڪي بي چيني وڌي ويندي ان ڪري ڪورٽون هاڻي ڪجهھ به نه ڪن يا ڪنهن جي نه ٻڌنديون پر هنن جو ڪم به وڌي ويو. ڳالهھ اها به واضع آهي ته پيپلزپارٽي سميت جيڪي به پارٽيون هيون انهن اربين روپيا خرچ ڪيا، سيڙايا ۽ ماڻهن کي ايترو انگيج ڪين اوترو پي ٽي آءِ وارن نه ڪيو پر انهن ماڻهن جي دماغ ۾ ويهي ڪم ڪيو ان ڪري جو جيڪي به ووٽر هيا انهن عام ماڻهن کي به موبلائيز ڪيو انهن عام ماڻهن ۾ پي ٽي آءِ جي اليڪشن ورڪنگ ڪئي ۽ پي ٽي آءِ جي ووٽ ڏيڻ جي لاءِ کين مائل پر ڪراچي سميت ملڪن جي ٻين شهرن جون رزلٽون به مٽائي ڦيرائي انگ اکر ڳڻي اها ڳالھه مالڪ سمجهن پيا ته ڳوٽن کي ڪيئن فٽ ڪري سگهجي ٿو جو ڪنهن جي به اڪثريت به هجي ۽ سڀ وري ملي جُلي، چور لٽيرا، ڦورو، ڪرپٽ مافيا گڏجي حڪومت ڪن ان ڪري جي هڪ کي جهلبو ته اهو ٻئي کي کائڻ نه ڏيندو ان ڪري سڀني چورن، لٽيرن ۽ ڦورن کي هڪ جاءِ تي ويهاري پاڻ به کائجي ۽ ٻين کي به کائڻ ڏجي، ان ڪري اها ڳالهھ پئي هلندي ۽ هلي هلندي.

هن ڀيري هن اليڪشن واري ڪوڙي مينڊيٽ تي ڀروسو نه ٿو ڪري سگهجي، جنهن ۾ بيلٽ باڪسز ڪجھه ته ٺپا مافيا سرگرم هيا جن جا ڪراچي شهري پاڻ اکين ڏٺا شاهد آهن. جيڪي چون ٿا ته پولنگ اسٽشينن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا نمائندا بيٺا ته هيا پر رڳو ان لاءِ هيا ته اتي جيڪي ماڻهو ٺپا مافيا وارا هجن انهن کي تحفظ ملي، باقي ماڻهن جو خير آ. ان ڪري به ته جيئن ڪير انهن سان مزاحمت نه ڪري سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.