بي اعتمادي رٿ باجوا جي چوڻ تي آندي، ادارا سياست ۾ ڇو ٿا اچن: فضل الرحمان

اسلام آباد (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ خلاف بي اعتمادي رٿ جنرل (ر) باجوا جي چوڻ تي آندي وئي، بي اعتمادي وقت جنرل (ر) باجوا ۽ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد  رابطي ۾ هئا. نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته مان بي اعتمادي رٿ جي حق ۾ نه هيس، مان چاهيو پئي ته تحريڪ ذريعي ان وقت جي حڪومت هٽائي وڃي، فيض حميد مون وٽ آيو ۽ چيائين ته جيڪو ڪرڻو اٿوَ سسٽم اندر رهي ڪيو. هن چيو بي اعتمادي کان انڪار ڪيان ها ته چيو وڃي ها مان پي ٽي آءِ باني کي بچايو، ڌانڌلي 2018 ۾ به ٿي هئي ۽ هاڻ به ٿي آهي، ظاهري طور چونڊن ۾ ڌانڌلي جو فائدو ن ليگ کي ٿيو، افواهه آهن ته نواز شريف کي لاهور واري سيٽ ڏني وئي آهي. هاڻ فيصلا ايوان نه ميدان ۾ ٿيندا. سندس چوڻ هو ته پي ڊي ايم ۾ اختلافن باوجود اسان گڏ هلي رهيا هئاسين، اسان اڳ به ن ليگ کي سپورٽ ڪيو هو ۽ اڳتي به ڪيون ها، اسان ته پارليامينٽ ۾ خدشن سان وڃي رهيا آهيون، اسان حڪومت سازي جو حصو ناهيون نه ته ن ليگ کي سپورٽ ڪيون ها. فضل الرحمان چيو جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جو موقف آهي شفاف چونڊون ٿيون ته 9 مئي جو بيانيو دفن ٿي ويو، پوءِ ڇا ماڻهن غدارن کي ووٽ ڏنو؟ جي يو آءِ سربراهه چيو ته منهنجو اصل مسئلو ۽ دعويٰ ته اسٽيبلشمينٽ تي آهي، اهڙي حڪومت ٺاهڻ کي ڪامياب حڪمت عملي نٿو سمجهان، حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو اٿوَ ته نتيجن جا ذميوار پاڻ هوندئو. مولانا فضل الرحمن صحافي ظفر نقوي کي انٽرويو ڏيندي چيو آھي ته جمعيت علماءِ اسلام  (ف) جي قائد مولانا فضل الرحمن چيو آھي ته اسان اھو طئي ڪري ورتو آھي ته ھاڻي فيصلا ايوانن ۾ نه پر ميدانن تي ئي ٿيندا، اسان جي جدوجھد ايستائين جاري رھندي جيستائين پاڪستان جي سياست ۾  اسٽيبلشمينٽ ۽ فوج جي مداخلت مڪمل طور تي ختم نه ٿيندي، پر اسان جي جدوجھد سياسي ۽ پرامن ھوندي. 1977ع جي چونڊن ۾  ٿيندڙ ڌانڌلي جي خلاف جيڪا تحريڪ ھلي ھئي، ان جي اڳواڻي منھنجي والد مفتي محمود صاحب ڪئي ھئي. منھنجي تربيت شروع کان ئي اھڙي ٿيل آھي ته ڪنھن ناجائز ۽ بي اصولي ڳالھه کي تسليم نه ڪريان. پنھنجي انٽرويو ۾ مولانا فضل الرحمن اعتراف ڪيو ته آئون ڪرپٽ نظام جو حصو به رھيو آھيان پر ان نظام ۾ رھي به مون ان کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھيس. ھن وڌيڪ اھو به چيو ته آئون ذاتي طور عمران خان جي خلاف پيش ٿيندڙ عدم اعتماد واري رٿ جي خلاف ھئس پر اتحاد سبب مجبور ھئس. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته مون جڏھن ڏٺو ته پاڪ ۔ افغان مسئلو جنگ ڏانھن وڌي رھيو آھي ته مون افغانستان جي دوري جو فيصلو ڪيو، ان معاملي ۾ ملڪ جي عسڪري ۽ سياسي اڳواڻن کي اعتماد ورتو ھو. مولانا فضل الرحمن چيو ته اقتدار اسان جي منزل ناھي، اھو ضروري به ناھي ته جنھن کي اقتدار ملي ته ان کي عزت به ملي۔ الله تعالي امام حسين عزت ڏني پر اقتدار نه ڏنو ھو پر يزيد کي اقتدار ڏنائين کيس عزت نه ڏني .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.