ڀڃ ڊاهه ڪيس: حليم عادل شيخ کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي وڌيڪ ٻن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي، دهشتگردي عدالت ٽوڙ ۾  ڀڃ ڊاهه ۽ سرڪار جي ڪم ۾ مداخلت  جي ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، عدالت حليم عادل شيخ کي جيل مان آزاد ڪرڻ  جو حڪم ڏئي ڇڏيو، حليم عادل شيخ کي سولجر بازار ٿاڻي ۽ فيروز آباد ٿاڻن ۾ داخل ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، کيس 9 مئي کان پوءِ 42 ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، عدالت 9 مئي سميت سمورن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.