ايندڙ حڪومت لوڏن ۾ هوندي، ڪنهن کي به اڪثريت ناهي: اختر مينگل

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر  جان مينگل چيو آهي ته اڃا فيصلو نه ڪيو آهي ته ڪهڙي سياسي پارٽي سان گڏ هلنداسين، عام چونڊن کانپوءِ ڪنهن به پارٽي کي اڪثريت نه ملي، ايندڙ حڪومت لوڏن ۾ هوندي. انڊيپينڊنٽ اردو کي ڏنل انٽرويو ۾ اختر مينگل چيو ته تحريڪ انصاف جي آزاد اميدوارن سڀ کان وڌيڪ سيٽون کٽيون ۽ مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي قومي اسيمبليءَ ۾ ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جميعت علماءِ اسلام پاڪستان سڀ کان وڌيڪ  11-11 سيٽون حاصل ڪيون آهن، جڏهن ته مسلم ليگ ن  10 ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي هڪ سيٽ کٽي آهي. اختر مينگل جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ چونڊ نتيجن کانپوءِ احتجاج ڪندڙ چار جماعتي اتحاد ۾ اسان جي پارٽي به شامل آهي ۽ اهو اتحاد فيصلو ڪيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف احتجاج جاري رکيو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته  اتحاد سان گڏجي مستقبل جو لائحه عمل طئي ڪنداسين. هنن چونڊن جي نتيجي ۾ جن به ڌانڌلي ڪئي آهي. انهن جو خيال آهي ته ان طريقي سان ملڪ جو سياسي بحران ختم ڪري سگهجي ٿو، پوءِ اها انهن جي غلط سوچ آهي. اختر مينگل موجب مان قومي اسيمبلي جي ٽن تڪن تي چونڊ وڙهي رهيو هئس. جيڪي پارٽيون اسان جي خلاف هيون انهن به اسان کي قومي تڪن تي ووٽ ڏيڻ جو يقين ڏياريو هو، تنهن ڪري انهن جا نتيجا به راتو رات تبديل ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.