صدر علوي عمران خان جي قيد ختم ڪري سگهي ٿو؟ 

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينيئر صحافي عمر چيما چيو آهي ته  شهبازشريف جي وزيراعظم بڻجڻ تي ماڻهو خوشي بدران ماتم ملهائي رهيا آهن، نوازشريف جي وزيراعظم نه ٿيڻ تي ن ليگ جا ماڻهو مايوس آهن،صورتحال ايتري سادي ناهي، نواز ليگ مان شين جون ڳالهيون ٿينديون هيون پر هتي ته نون ئي ڪڍي  ئي آهي، مولانا فضل الرحمان به ڌانڌلي خلاف سراپا احتجاج آهي،بابر اعواڻ فرمايو آهي ته صدر عارف علوي چاهي ته عمران خان جي سزا معاف ڪري سگهي ٿو، ان کان اڳ صدر رفيق تارڙ ميان نوازشريف کي سزائون معاف ڪيون هيون،ڇا صدر علوي عمران خان جون سزائون معاف ڪري سگهي ٿو؟ آرٽيڪل 45 کيس ان ڳالهه جي اجازت ڏئي ٿو،صدر سزا نه قيد ختم ڪري سگهي ٿو، اهو آرٽيڪل ڪنهن جنگي صورتحال واري  مقصد لاءِ بڻايو ويو آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 15 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.