علي امين گنڊاپور حلف کڻڻ کان اڳ گرفتار ٿيڻ جو امڪان

لاهور(عوامي آواز نيوز)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان پاران خيبرپختو خواه جي وڏ وزارت لاءِ نامزد ڪيل علي امين گنڊا پور حلف کڻڻ جي ھفتي ڏيڍ بعد نااھل ٿي ويندو، ڇو ته ھو 9 مئي واري واقعي ۾ ملوث آھي ۽ مٿس 26 ڪيس ھلندڙ آھن. سينئر صحافي ۽ تجزئي نگار گوھر بٽ چيو آھي عمران خان پاران وڏ وزارت لاءِ نامزد ڪيل علي امين گنڊا پور جو ماضي داغدار آھي ۽ مٿس مختلف الزام آھن جنھن ۾ ھڪ عورت کي سري عام  بي آبرو ڪرڻ وارو  الزام پڻ شامل آھي. گوھر بٽ چيو ته گھڻي ڀاڱي علي امين گنڊا پوري حلف کڻڻ کان اڳ ئي نااھل ٿي ويندو، جيڪڏھن ايئن  نه ٿيو ته ھو وڏو وزير بڻجڻ کان پوءِ ھفتي ڏيڍ کان پوءِ عدالت وسيلي نااھل قرار ڏنو  ويندو. هوڏانهن صحافي امداد سومري چيو آهي ته امڪان آهي ته علي امين گنڊاپور کي 9 مئي ۽ ٻين ڪيسن ۾ حلف کڻڻ کان اڳ گرفتار ڪيو وڃي. وڏو امڪان اهو آهي ته کيس وڏو وزير ٿيڻ کان اڳ جيل حوالي ڪيو ويندو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 15 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.