ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ شموليت لاءِ آئين ۾ ترميم جو مطالبو ڪري ڇڏيو

 ڪراچي( رپورٽر) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين حڪومت سازي لاءِ ڳالهيون شروع نه ٿيون آهن، هو ڳالهين تي رابطا ڪميٽي کي اعتماد ۾ وٺي چڪا آهن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته اسان رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ سمورن رخن جو جائزو ورتو، رابطا ڪميٽي اسان کي تڪڙي نوعيت جا سمورا فيصلا ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي. خالد مقبول صديقي چيو ته اسان ن ليگ اڳيان ٽي نقطا رکيا هئا، آئيني ترميم سان جمهوريت کي نئين طاقت ملندي، ملڪ جي موجوده بحران تي سڀني کي ٻاهر نڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اسان جي ڳالهه کي سنجيدگي سان ورتو وڃي  ته پاڪستان نئين دور ۾ داخل ٿيندو.  خالد مقبول اهو به چيو ته سنڌ ۾ گورنر لاءِ ڇا گهرون، گورنر اسان جو آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ن ليگ سڀ کان وڏي پارٽي آهي، اسان ن ليگ سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، پيپلز پارٽي سان هن وقت تائين ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي، پر اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.