ماڻهو مزاحمت پيا ڪن، فوج اڄ کان ئي سياست مان ٻاهر نڪري: اڳوڻو جنرل

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) بچاءَ واري اڳوڻي سيڪريٽري ۽ ايڪس سروس مين سوسائٽي جي پيٽرن ليفٽيننٽ جنرل(ر) نعيم خالد لوڌي چيو آهي ته مان پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو آهي، حاضر سروس آفيسرن به ووٽ ڏنو هوندو، آرمي چيف،آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ سربراهه پاران ووٽ ڪاسٽ  ڪرڻ تي ڪا به پابندي نه وڌي وئي هئي، اعزاز سيد جي وي لاگ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته فوج تي ڌانڌلي جا الزام لڳي رهيا آهن پر پهرين پريزائيڊنگ آفيسر جن ٻه فارم 45 جاري ڪيا آهن انهن کي ته پڪڙيو،گهڻن ماڻهن جا خدشا آهن، فوج جي ذميواري آهي ته پنهنجي پاڻ کي ڪليئر ڪرائي، جيڪي الزام هڻي رهيا آهن اهي ثابت ڪن، هن چيو ته ايڪس سروس مين سوسائٽي جو ٽوئيٽر اڪائونٽ ڪوڙو آهي،ميجر(ر) عادل راجا اهو هينڊلر هلائي رهيو آهي، هو ٻاهرين ملڪ ويهي خبر ناهي ڪنهن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، فوج ان معاملي کي صحيح هينڊل نه ڪيو، هن چيو ته اسان وٽ هڪ رات ۾ محب وطن صبح جو غدار قرار ڏنو وڃي اها روايت افسوس جوڳي آهي،اظهار راءِ جي آزادي هئڻ گهرجي، مون پي ٽي آءِ ۽ فوج وچ ۾ صلح لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو سوچيو، ان سلسلي ۾ نه عمران نه ئي فوج مون کي چيو هو،عمران خان کي پيغام ڏيندو هئس ته اهي سمجهندا هئا ته فوج جو نمائندو آهي، فوج کي پيغام ڏيندو هئس ته اهي پي ٽي آءِ جو ماڻهو سمجهندا آهن، مان انهن ڳالهين کي برداشت ڪيو،عمران تي اعتراض ڪري سگهو ٿا پر هن جي پارٽي ملڪ گير سطح تي مقبول آهي، فوج ۽ عوام هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن، اڄ به منهنجي ڪوشش آهي ته فوج کي سمجهايان ته توهان عمران خان جي چڪر ۾ گهڻن ماڻهن کي مس هينڊل ڪريو ٿا ان روئي تي نظرثاني ڪريو،ٻنهي طرفن تي منهنجي ڳالهه پهتل آهي، هن چيو ته 9 مئي واقعن جي عدالتي  جاچ ٿيڻ گهرجي، عمران خان ان واقعي جي رٿابندي جي ترديد ڪئي آهي، هن ڏهه ڀيرا 9 مئي واقعي جي مذمت ڪئي، هن چيو ته جڏهن ثبوت موجود آهن ته ڪيس ۾ ملوث ماڻهن جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل هلائڻ جي ضرورت ناهي، ان واقعي کي دهشتگردي جي زمري ۾ نٿا وٺي وڃي سگهو ڇو ته مڇريل هجوم وٽ بارود،هٿيار، گولي نه هئي، هن چيو ته فوج غلطي ڪري سگهي ٿي، پر اها ڪڏهن به پاڪستان خلاف نٿي وڃي سگهي، ڪنهن ٻئي ملڪ جي اشارن تي ڪم ناهي ڪندي، جڏهن عمران خان پاران ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته فوج کي وڌيڪ ماحول خراب نه ڪرڻ گهرجي، توهان عمران خان کي هدف نشانو بڻايو پر عوام کي هدف بڻائڻ خراب آهي، ان ۾ پ پ، ن ليگ ۽ جي يو آءِ وڏيون اسٽيڪ هولڊر آهن، سڀني کي اها تمنا آهي ته اسان فوجي جي وڌيڪ ويجهو ٿيون،فوج اسٽيڪ هولڊر آهي، عوام اسٽيڪ هولڊر آهي، دشمنن جون ڳجهيون ايجنسيون ان ۾ سڀ کان وڏيون اسٽيڪ هولڊر آهن،هن چيو ته فوج کي سياسي پارٽين سان ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، دائرن جو سفر ختم ٿيڻ گهرجي، پارٽين کي ڪنهن جي ڪلهن تي سوار ٿي نه اچڻ گهرجي،اسٽيبلشمينٽ تائين منهنجون سڀ ڳالهيون پهچنديون آهن، ڪڏهن ناراض ٿيندا آهن ڪڏهن ساراهيندا آهن،اليڪشن کانپوءِ منهنجي فوج سان مختصر ڳالهه ٿي آهي ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ تجويزون ڏنيون آهن،هن چيو ته منهنجي ترجيح، پاڪستان،فوج پوءِ ڪي ٻيا آهن، مان فوج تي ڪڏهن تنقيد نه ڪندو آهيان، مان پاليسين تي ڳالهائيندو آهيان، انهن جي عزت بچائڻ لاءِ انهن جي پاليسي تي راءِ ڏيندو آهيان،مان جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن جيڪي حالتون آهن انهن ۾ فوج مجبور ٿي ويندي ته ڇا ڪيو وڃي،هن چيو ته منهنجو مشورو آهي ته جن جو اعتراض آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي،انهن جا ڪيس عدالتن ۾ شفاف نموني هلڻ گهرجن،پي ٽي آءِ به هر شئي پٺيان فوج تي مڙهڻ جي ڪوشش نه ڪري توهان ججن ۽ پريزائيڊنگ آفيسرن سان رابطو ڪريو،فوج اهو ڪم ٿيڻ ڏئي،پ پ جيڪڏهن پي ٽي آءِ سان ملڻ چاهي ٿي يا پي ٽي آءِ پ پ سان گڏجڻ چاهي ٿي ته توهان رنڊڪ نه وجهو، هن ملڪ جي اڪثريت جيڪو چاهي ٿي اهو ٿيڻ ڏيو، هن چيو ته پي ٽي آءِ کي وڌيڪ اعتراض آصف زرداري آهي ان کي ڇڏي جيڪڏهن بلاول عمران خان سان ملاقات ڪري ٿو ته هر جاءِ تي استحڪام اچي ويندو، ملڪ هلائڻ لاءِ ضروري آهي ته جيڪا اڪثريتي پارٽي آهي ان کي ٻاهر نه رکيو وڃي،پارٽين مان ڪرپٽ ماڻهو الڳ ڪيا وڃن ته ارينجمينٽ ٿي سگهي ٿي پ پ پي ٽي آءِ جي مقابلي ۾  ننڍي پارٽي آهي بلاول اڳتي وڌي عمران خان سان ملاقات ڪري، سياسي بنيادن تي انتقامي ڪارروايون بند ڪيون وڃن، ضمانتن ۾ رڪاوٽون نه وڌيون وڃن، ماڻهن کي جيلن مان ڪڍو، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته قوم جي اڪثريت ۾ ڪاوڙ وڌندي، هن چيو ته عمران خان خلاف آخري ٻه ٽي فيصلا تڪڙ ۾ آيا، ججن تي دٻاءُ نظر آيو،ججن احتجاج طور فيصلا ڏنا، اهي فيصلا ڪورٽن ۾ نه رهندا، هن چيو ته آراو ۽ پريزائيڊنگ آفيسرن وٽ جيڪي توهان کي فارم 45 نظر اچن ٿا اهو انهن دٻاءُ وجهندڙن خلاف احتجاج ڪيو آهي،پريشر هاڻي هلڻو ناهي، پيرپاڳاري ٻه سيٽون واپس ڪري ڇڏيون، هڪ اڌٻين ميمبرن به ائين ڪيو آهي، هن چيو ته پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي ته ماڻهو دٻاءُ خلاف مزاحمت ڪري رهيا آهن،عدالتن کي پنهنجا فيصلا ڪرڻ ڏيو، ڊي سيز ۽ پوليس گهرن تي چڙهايون ڪري ظلم ڪري رهيا آهن، 9 مئي جي چڪر ۾ پوليس وڏو مال ڪمايو آهي، پوليس، ججن، ضلعي انتظاميا تي دٻاءُ ختم ڪريو، جيڪو به عمران خان جي خلاف آهي اهو پريشر انهن جو آهي، هن چيو ته فوج کي پنهنجي پاڻ کي اڄ کان ئي  سياست مان نڪرڻ گهرجي،اڄ اها نڪتي ته سڀاڻي کان معاملا ٺيڪ ٿي ويندا، سياستدان پاڻ ۾ ڪنهن جي سهاري تي وڙهندا آهن جيڪڏهن اهي بيساکيون ختم ٿين ۽ سياستدان سمجهن ته سهارو رڳو عوام جو آهي ته پوءِ ڪا به لڙائي نه ٿيندي،ميمو گيٽ سازش هئي، اسان کي ري ڪنسليشن ختم ڪرڻو پوندو،هن چيو ته توهان پارٽين ۾ وراثت ختم ڪريو، پارٽين ۾ جمهوريت آڻڻي پوندي،فوج سميت سمورن ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهڻو پوندو،عدليه پنهنجو ڪم ڪري، ميڊيا به ذميواري جو مظاهرو ڪري، هر قسم جي ايڪسٽينشن ختم ٿيڻ گهرجي، هر ڪو پنهنجو مدو پورو  ڪري اهي سڀ شيون ٿين ته پاڪستان راڪيٽ وانگر ترقي ڪندو،عمران خان ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ قابل اعتماد آهي، مون کي نٿو لڳي ته عمران خان سان ڪنهن جنرل ملاقات ڪئي هوندي، وڪيلن ذريعي پيغام موڪليو ويو هوندو، ننڍي ليول جو آفيسر ٿي سگهي ٿو ته هن سان ملاقات ڪئي هجي،اڻ سڌي ريت پيغام رساني ٿي رهي آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 15 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.