پي ٽي آءِ حڪومت ٺاهڻ کان انڪار ڪري سياسي خودڪشي ڪئي؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت ٺاھڻ کان انڪار ڪري سياسي خودڪشي ڪئي آھي تجزئي نگار عمران شفقت چيو آھي ته پي ٽي آءِ وٽ مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کان وڌيڪ سيٽون ھجڻ جي باوجود به اھا حڪومت نه ٺاھڻ جو فيصلو ڪري گھاٽي جو سودو ڪيو آھي. عمران خان سمجھي ٿو ايندڙ حڪومت گذريل پي ڊي ايم جي حڪومت جيان ناڪام ويندي، پر اھا سندس خام خيالي آھي، مسلم ليگ (ن)  ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ھاڻ ماضي واري روايتي سياست ڪرڻ جي بدران پنھنجي ڪارڪردگي بھتر بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنديون. عمران شفقت چيو ته پي ٽي آءِ وٽ پنھنجي حمايت يافته 92 اميدوار آھن، جڏھن ٻين پارٽين جي اميدوارن کي ملائڻ سان اھو انگ 146 ٿي ويندو، جيڪي پي ٽي آءِ  سان گڏجڻ لاءِ تيار آھن، جڏھن ته 113 سيٽن سان سادي اڪثريت سان حڪومت قائم ٿي سگھي ٿي، پر عمران خان ان ڳالھه تي بضد آھي ته منھنجون چورايل سيٽون واپس ڪيون وڃن، جيڪو ممڪن ناھي، کيس گھرجي ھا ته حڪومت ۾ اچي خود ۽ پارٽي کي مشڪل مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري ھا پر ان ايئن نه ڪري سياسي خودڪشي ڪئي آھي، ڇو ته کيس ٻيھر اھڙو موقعو نه ملندو ۽ ئي وقت کان اڳ چونڊون ٿينديون ايندڙ حڪومت پنھنجو مدو يعني پنج سال پورا ڪندي

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 15 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.