اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ ٻن هفتن دوران ڪچي تيل جي اگهن ۾ واڌ سبب ملڪ ۾ تيل جا اگهه وڌڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ٻن هفتن ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي ۽ ڪچو تيل مهانگو ٿيڻ سان ريفائنرين جي پيداواري لاڳت وڌي آهي.
ان جي نتيجي ۾ 15 فيبروري(اڄ) کان ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ ٻه رپيا في ليٽر تائين واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 9 رپيا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي تجويز آهي.
واضح رهي ته 31 جنوري تي به وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو هو.