وزارت عظميٰ کان انڪار جو مطلب سياست ڇڏڻ ناهي: مريم نواز

لاهور(م ڊ) نواز ليگ جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته شهباز شريف ۽ مان نواز شريف جي حڪم جا پابند آهيون، اسان نواز شريف جي سربراهي ۽ نگراني ۾ ڪم ڪنداسين، نواز شريف جو سياست کان پاسيرو ٿيڻ وارو تاثر غلط آهي، وزارت عظميٰ جو عهدو قبولڻ کان انڪار جو مطلب سياست ڇڏڻ ناهي. ايڪس تي پوسٽ ڪيل پنهنجي بيان ۾ مريم نواز چيو ته نواز شريف ايندڙ 5 سالن دوران نه رڳو ڀرپور سياست ڪندو پر وفاق ۽ پنجاب ۾ پنهنجي حڪومتن جي سرپرستي به ڪندو. هن چيو ته نواز شريف کي ٽنهي حڪومتن ۾ عوام واضح اڪثريت ڏني هئي، پنهنجي تقرير  ۾ نواز شريف واضح ڪري چڪو آهي ته ڪنهن به مخلوط حڪومت جو حصو نه بڻجندو

نوازشريف سان ظلم جو پلاند نه وٺي سگهياسين: جاويد لطيف

اسلام آباد(م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ ميان جاويد لطيف ٽوئيٽر تي نواز شريف کي مخاطب ٿي لکيو آهي ته اسان شرمسار آهيون ته اسان توهان جي بيانئي سان انصاف نه ڪري سگهياسين. اسان اوهان سان ڪيل  لم ۽ ناانصافين جو بدلو نه وٺي سگهياسين. اسان توهان جي ملڪ ۽ قوم سان محبت، خدمت ۽ وفاداري جا قرضدار آهيون.

نوازشريف حامي ڪئمپ ۾ مايوسي، پارٽي ۾ ڏار شروع

لاهور(عوامي آواز نيوز)ميان محمد نواز شريف کي صرف ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڏيکاء خاطر ملڪ واپس آندو ويو ھو، ان ڪري ئي ان چونڊ مھم  ۾ گرم جوشي سان حصو نه ورتو ھو، ڇو ته اسٽيبلشمينٽ اڃان به اقتدار سندس حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ڇو ته نواز شريف ھر ڀيري طاقتور ڌرين سان ٽڪر کائيندو رھيو آھي. ناليواري تجزئي نگار امداد سومري چيو آھي ته 2018ع جي چونڊن وقت اسٽيبلشمينٽ نواز شريف کي چيو ھو ته ميان صاحب اوھان پوئتي ھٽي وڃو، ھاڻي شھباز شريف کي اڳتي اچڻ ڏيو، جيڪو وزيراعظم ٿئي، پر نواز شريف سندن ڳالھه نه مڃي ھئي. ھاڻ نواز شريف اھو سڀ ڪرڻ لاءِ وڃي رھيو آھي، جيڪو ھن 2018ع ۾ انڪار ڪري ڇڏيو ھو. امداد سومري اھو پڻ چيو ته مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪنن جو گھڻو تعداد نواز شريف کي وزيراعظم ٿيندي ڏسڻ جو خواھشمند آھي، جيڪو شھباز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ سان مايوس ٿيندو ۽ پارٽي ۾ ڏار جو سبب بڻجندو. صحافي امداد سومري مطابق ته آئون مسلم ليگ (ن) ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاھه واضح طور ڏسي رھيو آھيان ۽ مسلم ليگ (ن) جي ڪک مان مسلم ليگ (ش) نڪرندي.  امداد سومري وڌيڪ اھو به چيو ته نوازشريف مريم نواز کي وزيراعليٰ محض ان خيال سان بڻائڻ جو خواھشمند آھي ته جيئن کيس پھرين عورت وزيراعليٰ جو اعزاز حاصل ٿئي.

مسلم ليگ ن هاڻي بوٽ ليگ بڻجي وئي:سينيٽر مشتاق

اسلام آباد(م ڊ) جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو آهي ته مسلم ليگ ن هاڻي بوٽ ليگ بڻجي وئي آهي.ماڻهو پيرن   بوٽ پائيندا آهن پر نواز ليگان کي پنهنجي مٿي تي رکيو،سينيٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ڊي ايم کي مڙهڻ لاءِ اليڪشن جي نالي تي ڊرامو رچايو ويو. ان ۾ آئيني مدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. ليول پليئنگ فيلڊ نه ڏني وئي، هن چيو ته صاف ۽ شفاف اليڪشن بدران ڌانڌلي واري اليڪشن هئي،پي ڊي ايم حڪومت جا آخري 17 مهينا   بدترين ناڪام حڪومت هئي،موجوده حڪومت (پي ڊي ايم ٽو)ان جو تسلسل هوندي.

نوازشريف کي مظلوم بڻايو پيو وڃي: سينئر صحافي

اسلام آباد(سوشل ميڊيا ڊيسڪ) سينيئر حامد مير لکيو آهي ته مسلم ليگ ن کي سڀ کان وڌيڪ نقصان استحڪام پاڪستان پارٽي سان اتحاد ڪرڻ سان ٿيو، ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو بلند ڪندڙ پارٽي جي ڳچي ۾ لوٽن جو هار پارايو ويو، اخبارن ۾ وزيراعظم نوازشريف جا اشتهار ڏنا ويا جيڪي حقيقت نه بڻجي سگهيا ۽ هاڻي ميڊيا سان جهيڙو شروع ڪيو ويو آهي،سينئر صحافي رئوف ڪلاسرا لکيو ته گذريل رات کان نواز ليگ جي سوشل ميڊيا مهم کي تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي، رڳو 78 سيٽن سان ڀاءُ وزيراعظم، ڌيءَ پنجاب جي وڏي وزير، سمورن ايم اين ايز، مرڪز ۽ پنجاب تي مڪمل قبضو ڪرڻ باوجود اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته نوازشريف سان زيادتي ڪئي وئي آهي، سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ جي باوجود انهن کي مظلوم بڻايو پيو وڃي. هن ملڪ ۾ڪجهه وڪامجي يا نه، مظلوميت، همدردي ۽ مذهبي ٽچ ضرور وڪامجي ٿو

ن ليگ نواز شريف سان انصاف نه ڪيو: محمد زبير جو ٽوئيٽ

ڪراچي (م ڊ ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ محمد زبير ايڪس تي نواز شريف جي تصوير شيئر ڪندي چيو ته نواز شريف پهريون شخص هو جنهن مون کي سياست ۾ اچڻ لاءِ متاثر ڪيو، هن جيڪو نالو ڪمايو ۽ جيڪي عهدا حاصل ڪيا. سڀ سندس  اعتماد جي ڪري هئا. سندس چوڻ هو ته کيس ائين ڏسي ڏک ٿيو، (ن) ليگ کي جيترو ووٽ مليا اهي سندس جي ڪري مليا، پر پارٽي نواز شريف سان انصاف نه ڪيو، ڇا اها سندس آخري سياسي ويڙهه هئي؟

مارشل لا خطري سبب  ريگستاني شخصيت جي ن ليگ جي حمايت

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) تجزئي نگار نصرت جاويد چيو آهي ته نواز ليگ کي نوازشريف ئي بڻايو هو، نوازشريف 1993ع  ۾ چيو هو ته مان ڊڪٽيشن نه وٺندس، تڏهن سندس حڪومت ختم ڪئي وئي، هن چيو ته مارشل لا ۽ زلزلو انهن ٻنهي جي ڪا اڳڪٿي ناهي ٿيندي، پر زلزلي جي باري ۾ چوندا آهن ته صحرائي جانورن جي ڄنگهن ۾ وائبريشن شروع ٿي ويندي آهي، آصف علي زرداري ريگستاني ماڻهو آهي، آصف علي زرداري ايترو ڊنل آهي ته هن جي پارٽي مسلم ليگ ن جي نامزد ڪيل وزيراعظم کي ووٽ ڏيندي ۽ گڏوگڏ ضيا الحق جو پٽ به ووٽ ڏيندو، اهي هڪ پيج تي اچي ويا آهن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.