ڪراچي مان قادر پٽيل ۽ ٻين جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (رپورٽر)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪراچي جي 21 قومي اسيمبلي جي سيٽن تي ڪامياب اميدوارن جي لسٽ جاري ڪري  ڇڏي. نوٽيفڪيشن موجب اين اي 229 تان پيپلز پارٽي جو ڄام عبدالڪريم، اين اي 230 تان آغا رفيع الله، اين اي 231 تان عبدالحڪيم بلوچ، اين اي 237 تان اسد عالم نياز، اين اي 239 تان سردار نبيل گبول، اين اي 241 تان مرزا اختيار بيگ، اين اي 243 تان قادر پٽيل ڪامياب ٿيا آهن .اين اي 232 تان ايم ڪيو ايم جي آسيا اسحاق، اين اي 233 تان محمد جاويد حنيف، اين اي 234 تان معين عامر پيرزادو، اين اي 235 تان محمد اقبال خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪشن موجب اين اي 236 تان ايم ڪيو ايم جو حسان صابر ڪامياب ٿيو آهي جڏهن ته اين اي 238 تان نتيجن جو نوٽيفڪشن جاري ناهي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.