سنڌ تعليم کاتي ۾ پگهارن ۽ الائونسن نالي پوڻن 6ڪروڙن جون گهوٻيون

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ سرڪار جي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي کاتي  ۾ پگهارن ۽ الائونسز جي مد ۾ منظوري  کانسواءِ 5 ڪروڙ 78 لک 86 هزار روپين جي گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي، سال 2019 کان 2021 تائين جي آڊٽ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي  ته اسڪول ايجوڪيشن کاتي ڪراچي، حيدرآباد، شهيد بينظير آباد ۽ سجاول ۾ تعليم کاتي جي مختلف الائونس ۽ پگهار جي مد ۾ غيرقانوني طريقي سان پئسا ڏنا ويا،  سنڌ ايجوڪيشن فائونڊیشن ڪراچي ۽ ٻين اسڪولي شعبن کي بنا منظوري جي پگهارن ۽ الائونسز جي مد ۾ ڪروڙين رپيا ڏنا ويا، تعليم کاتي پاران آڊٽ کاتي ۾ جواب به جمع نه ڪرايو ويو آهي،رپورٽ موجب سنڌ ايجوڪيشن فائونڊیشن کي سال 2020.21 ۾ 3 ڪروڙ 91 لک 26 هزار روپين جي  ادائگي ڪئي وئي، سنڌ ٽيچرس ايجوڪيشن ڊولپمينٽ اٿارٽي ڪراچي کي 2019.20 کان 2021.22 تائين 97 لک 75 هزار روپيا ادا ڪيا ويا. اهڙي طرح  ڊي، اي،او پرائمري شهيد بينظير آباد کي به 2020.21 دوران 57 لک 49 هزار روپيا غيرمنظم طور ادا ڪيا ويا، ڊائريڪٽر انسپيڪشن اينڊ رجسٽريشن پرائيويٽ انسٽيٽيوشن حيدرآباد 6 لک 73 هزار رپيا ادا ڪيا ويا. ڊائريڪٽر ڪريڪيولم اسيسمينٽ اينڊ ريسرچ ڄامشورو کي 14 لک 46 رپين جي ادائگي ٿي، ڊي اي او پرائمري ملير کي به غير منظم طور 3 لک 76 هزار رپيه ادائگي ڪئي وئي، جيڪا غيرقانوني هئي، ان کانسواءِ ڊي جي مانيٽرنگ اينڊ ايووليشن کي سال 2020/21 ۾ 2 لک 45 هزار، ڊي اي او سجاول ۽ ڊي اي او ايسٽ ڪراچي کي مجموعي طور 4 لک 96 ھزار رپيه سنڌ جي تعليم کاتي اسڪول ايجوڪيشن پاران ڏنا ويا، ان بابت آڊٽ ڊپارٽمينٽ پاران بار بار پڇا ڪرڻ باوجود رڪارڊ جمع نه ڪرايو ويو آهي، آڊٽ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي  سروس بڪ پرسنل فائيل ٽرانسفر پوسٽنگ جا نوٽيفڪيشن توڙي گهربل ٻيا دستاويز جمع ڪرائڻ بغير سمورين آفيسن لاءِ رقم جاري ڪئي وئي، آڊٽ کاتي پاران اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي لاڳاپيل عملدارن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي، سمورين آفيسن کي الائونسز ۽ پگهارن جي مد ۾ ڏنل پيسا سنڌ حڪومت جي ناڻي کاتي جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن نمبر FD(TR)5(12)/2002 جي خلاف ورزي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.