سياسي جماعتن جي غير معمولي لچڪ جي آجيان ڪجي ٿي

هاڻي جڏهن سال 2024ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ ڪا به سياسي جماعت اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ ناهي ته اها صورتحال هر لحاظ کان ڳڻتي جوڳي آهي. ڪيترائي سوال، انومان ۽ انديشا پريشان ڪري رهيا آهن. پر ڪالهه رات دير سان پي ڊي ايم حڪومت وارين اتحادي جماعتن پراڻي تجربي جي روشني ۾ گڏجي حڪومت قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن جي آجيان ڪجي ٿي.

اها شئي ته واضح هئي ته پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوارن، مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ مان گهٽ ۾ گهٽ ٻن جماعتن کي گڏجي حڪومت ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ اتحاد ڪرڻو هو، تڏهن ڪا حڪومت ٺهي سگهي ها. ان معاملي ۾ پهرين اڳڀرائي مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف چونڊن جي ٻئي ڏينهن تي لاهور ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ، ايم ڪيو ايم، جمعيت علماءِ اسلام (ف) ۽ آزاد اميدوارن کي گڏجي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني هئي.

هن معاملي ۾ جيڪا جماعت غير جمهوري، غير پارلياماني ۽ سخت رويو رکندي رهي آهي سا آهي، تحريڪ انصاف، هاڻي به ان جو رويو سخت آهي. رپورٽن موجب اها هاڻي به مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ سان ڪنهن به معاملي تي گڏ ويهڻ يا ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي. هاڻي به ان جو اهو موقف نظر اچي رهيو آهي ته اڪيلي سر حڪومت نه ٺاهي سگهياسين ته اپوزيشن بينچن تي ويهنداسين. ڏٺو وڃي ته مرڪز ۾ عمران خان جي تبديلي وارو نعرو ئي اصل ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ کي اقتدار کان ٻاهر رکڻ وارو رهيو آهي. جڏهن ته جمهوري تقاضا ، خاص ڪري حڪومت ۾ هوندي سڀني پارلياماني جماعتن کي گڏ کڻي هلڻ جي هوندي آهي پر تحريڪ انصاف بابت اهو تاثر جڙيل آهي ته اها حڪومت ۾ رهي ته اپوزيشن کي تسليم نه پئي ڪري ۽ اپوزيشن ۾ هوندي آهي ته حڪومت کي ناهي مڃيندي.

هاڻي 9 مئي واري واقعي ۽ پارٽي جي تباهي کانپوءِ به پي ٽي آءِ جي سخت رويي ۾ تبديلي ناهي آئي، جنهن تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. اسان کي ذاتي طور تي پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ هئڻ تي ڪو اعتراض نه هو پر اسان جي مٿس اها تنقيد رهي ته ان کي سٺي حڪومت ڪرڻ جوجيڪوموقعو مليو هو، تنهن جو فائدو نه ورتو ويو. اپوزيشن جماعتن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪري، انهن جماعتن جي اڳواڻن کي چار ئي سال بس چور چور ئي چوندو رهيو، ائين پارليامينٽ اندر جمهوري ماحول ٺاهي نه سگهيو.شايد ان ڪري به جو هو دلي طور پارلياماني نظام مان بيزار اهي، هو صدارتي نظام جو خواهشمند آهي. ان ڪري سندس ارادا اوڏانهن وڃن ٿا ۽ اهو ماحول ٺاهڻ چاهي ٿو، جنهن جي موجوده آئين ۾ بهرحال گنجائش ناهي. مطلب ته تحريڪ انصاف هاڻي به اڳرائي جي موڊ ۾ آهي. پنجاب جي نگراني وڏي وزير محسن نقويءَ به تازو انڪشاف ڪيو آهي ته 9 مئي واري واقعي کي ورجائڻ جو ڪي ڌريون ارادو رکن ٿيون. اسان جو خيال آهي ته اهڙي اڳرائي سان پي ٽي آءِ کي پاڻ ته تباهي ڏسڻي پوندي پر ان سان ملڪ، عوام ۽ جمهوري نظام سان به ويساهه گهاتي ٿيندي.

ان ماحول ۾ پ پ ۽ مسلم ليگ مان ئي اميدون آهن ته اهي لچڪ جو مظاهرو ڪنديون ۽ گڏيل حڪومت ٺاهي ملڪ ۽ جمهوري نظام کي سهارو ڏينديون پر موجوده صورتحال ۾ ٻئي جماعتون پنهنجو وزيراعظم آڻڻ تي زور ڏئي رهيون آهن. اهو ئي هڪ اهڙو معاملو آهي جنهن تي ڳالهه بيهي سگهي ٿي ۽ حڪومت سازي جو بحران وڌي سگهي ٿو. سو اهو ئي معاملو آهي جيڪو اصل ۾ ٻنهي جماعتن جو امتحان آهي ته اهي وزارت عظميٰ جو عهدو ڇڏڻ لاءِ ڪيتري قرباني ڏئي سگهن ٿيون ۽ جمهوريت توڙي پارليامينٽ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪهڙو يادگار ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. اها ذميواري يا انهن مان اها توقع انهيءَ ڪري به انهن جماعتن مان آهي جو اهي ڪافي ڀيرا اقتدار ۾ اچي چڪيون آهن ۽ اپوزيشن جو به وسيع تجربو رکن ٿيون.

پ پ ته هڪ لحاظ کان هن ملڪ جي آئيني نظام جي خالق آهي. 73 جو آئين ذوالفقار علي ڀٽي جوئي ٺاهيل آهي جنهن جي تحفظ جي آخري ذميواري ڄڻ ته پ پ جي ئي آهي. سو جنهن پارٽيءَ ملڪ جو آئين ٺاهيو آهي سا ڄڻ پارليامينٽ جي وجود جي بانيڪار آهي تنهن ڪري پارلياماني نظام کي بچائڻ لاءِ آخري ذمو پ پ کي کڻڻو پوندو پوءِ ڀلي ان لاءِ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو به قربان ڪرڻو پوندو.جيڪو ان ڪالهه ڪري ڏيکاريو آهي ۽ ملڪ توڙي جمهوريت جي مفاد ۾ شهباز شريف سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته اهي گڏيل طور حڪومت ٺاهيندا.

اهڙي نموني ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي به ملڪي تاريخ جي روشنيءَ ۾ پنهنجي رويي تي سوچڻو پوندو ۽ ان ۾ لچڪ آڻڻي پوندي. هونئن به ذميوار ادارن کي ئي لچڪ ڏيکارڻ گهرجي ۽ عوام جي چونڊيل سڀني ڌرين کي گڏ کڻي هلڻ گهرجي. ملڪ ۽ جمهوريت جي مفاد ۾ جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ کي تحريڪ انصاف سان ٺاهه به ڪرڻو پوي ته ان کي بردباراڻو عمل سمجهيو ويندو ۽ هرڪو ان کي ساراهيندو. ان معاملي ۾ خاص ڪري وڏين ۽ ذميوار طاقتن کي انائون ختم ڪرڻيون پونديون. هاڻي ته سڄي دنيا جون نظرون پاڪستان جي چونڊن تي رهيون آهن ۽ اها ملڪي چونڊن تي بيحد ڳڻتي جو اظهار ڪري رهي آهي. جنهن سان ملڪ ۽ هتان جي چونڊ نظام جي بدنامي ٿي رهي آهي. تنهن ڪري سڀني اقتداري ۽ ذميوار ڌرين جو فرض آهي ته اهي پنهنجي روين ۾ لچڪ آڻين ۽ گڏجي ملڪي ۽ جمهوريت نظام کي هلائڻ لاءِ پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪن، جيئن جڳ کي کلڻ جو يا ڳڻتيءَ ڪرڻ جو موقعو نه ملي. بهرحال چونڊ نتيجن کانپوءِ واري غير يقيني واري صورتحال  جو ڪالهه انت اچي چڪو آهي ۽ ان حوالي سان اسان ڪجهه ڏينهن کان پنهنجن ايڊيٽوريلن ۾ جنهن ٻڌي ۽ روين ۾ لچڪ آڻڻ جي تجويز ڏئي رهيا هئاسين تنهن تي ڪالهه عمل ٿي ويو ۽ سواءِ پي ٽي آءِ جي سڀني سياسي جماعتن پاڻ ۾ گڏجي حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيڪا ملڪ، عوام ۽ جمهوريت لاءِ مبارڪباد ڏيڻ جهڙي خوشخبري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.