ڌانڌلي جو اعتراف!

غلام حسين لغاري

تازين عام چونڊن کي چيف اليڪشن ڪمشنر صاف ۽ شفاف قرار ڏئي چڪو آهي جڏهن ته پ پ پ پنهنجي ڪالهوڪي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پڻ ڌانڌلين جو اعتراف ڪندي سياسي پارٽين سان حڪومت سازي بابت ڳالهين ڪرڻ لاءِ ڪاميٽين جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر اجلاس ۾ پ پ پ ميمبرن جي اڪثريت ان ڳالهه جي حامي آهي ته پ پ پ اڪثريت نه ملڻ جي صورت ۾ مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪري. پ پ پ ڌانڌلين جو ته اعتراف ڪيو آهي پر ان تي ڪنهن به قسم جو ڪو به ردعمل ظاهر ناهي ڪيو البته حڪومت ٺاهڻ لاءِ پريشان آهي. جماعت اسلامي جي امير مولانا سراج الحق ۽ پاڪستان استحڪام پارٽي جي چيئرمن پنهنجي شڪست تسليم ڪندي پارٽي جي سربراهي ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ن ليگ ۽ قومي متحده موومينٽ صرف ٻه پارٽيون آهن جن چونڊن کي صاف ۽ شفاف قرار ڏيندي نتيجا قبول ڪيا آهن.

مسلم ليگ فنڪشنل ۽ جي ڊي اي جي سربراهه پير صاحب پاڳاري اتحاد جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي نه صرف عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ جا الزام مڙهيا آهن پر جيڪي ٻه سيٽون کٽيون آهن سي واپس ڪرڻ جو اعلان ڪندي جمع ڏينهن حيدرآباد باءِ پاس تي تاريخي ڌرڻي ۽ احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان اقتداري ايوانن ۾ هڪ قسم جو ٿرٿلو پئدا ٿي چڪو آهي جيتوڻيڪ پير صاحب يقين ڏياريو آهي ته ڌرڻو پرامن هوندو پتو به ڪرندو. هن ڌرڻي ۾ جي ڊي اي ۽ قومپرست پارٽين جا اڳواڻ ڪارڪن ۽ حر شريڪ ٿيندا. هن ڌرڻي کي سنڌ واسي ۽ قومي سطح تي ڏٺو پيو وڃي. اهو ڌرڻو جيڪڏهن مطالبن جي مڃتا تائين ڊيگهه ٿو وٺي ۽ پير صاحب پاڳارو خود اڳواڻي ڪري ٿو ته لازمي آ صورتحال ڳنڀير ٿي سگهي ٿي جيڪا ملڪ لاءِ ڳڻتي جوڳي هوندي ۽ امڪان آهن ته اقتداري ايوان انجو نوٽيس وٺن ۽ ڪي فيصلا ڪن يا قدم کڻن. عوامي راءِ اها آهي ته ملڪ جنهن ماحول ۾ جڪڙجي پيو آهي ان مان شايد ئي نڪري سگهي سواءِ ٻيهر چونڊن ڪرائڻ جي جنهن لاءِ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڌر پي ٽي آءِ به ورجائي رهي آهي بقول انجي ته سندس مينڊنٽ چورايو ويو آهي.

هن وقت جماعت اسلامي، جي يو آءِ، جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ جو گڏيل مطالبو آهي ته يا فارم فائيو تحت نتيجا ڪڍيا وڃن يا ٻيهر عام چونڊون ڪرايون وڃن. ٻيهر عام چونڊن لاءِ وڏي رقم گهرجي جيڪا معاشي ۽ مالي بحران سبب ناممڪن آهي ۽ جيڪڏهن ڪا اقليتي حڪومت ٺهي ٿي تڏهن به ان کي قوم شايد ئي قبول ڪري سواءِ ان جي ته پ پ پ ن ليگ سان اتحاد ڪري. هونئن به پ پ پ صاف چئي ڇڏيو آهي ته پ پ پ کانسواءِ ن ليگ حڪومت نٿي ٺاهي سگهي نه وري پ پ پ ئي ٺاهي سگهندي. جيڪڏهن پ پ پ آزاد ميمبر ايم ڪيو ايم ۽ ٻين هڪ اڌ سيٽن وارين پارٽين کي پاڻ سان ملائي. پ پ پ جي ڪوشش آهي ته پي ٽي آءِ قيادت کي ڪجهه ڳالهين ۽ رليف ڏيڻ جي آڇ ڪري گڏجي حڪومت ڪن جنهن ۾ وزيراعظم بلاول ڀٽو کي ڪجي ۽ صدر اسپيڪرشپ  پي ٽي آءِ جو ڪجي ۽ ڪجهه مک وزارتون جن ۾ پرڏيهي وزير واري وزارت به کيس ڏجي پر هن ڳالهه تي سگهاريون قوتون راضي نه ٿيندون نه وري پي ٽي آءِ راضي ٿيندي جيڪا پنهنجي مينڊنٽ چوري ٿيڻ جا الزام مڙهي رهي آهي ۽ نين چونڊن طرف وڃڻ چاهي ٿي۔اهي به افواهه آهن ته ڪنهن به امڪاني دنگي فساد کان بچڻ لاءِ شايد ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي ۽ نگران حڪومت کي قومي حڪومت ۾ تبديل ڪري سال ٻه چونڊن نه ڪرايون وڃن جنهن تي ن ليگ جي يو آءِ ۽ ڪجهه ٻيون ڌريون به راضي آهن. ٿي سگهي ته پير صاحب پاڳارو به وفاق ۽ صوبن ۾ قومي حڪومت جي قيام تي راضي ٿئي.

جيستائين ڪي فيصلا ٿين ۽ حڪومتون ٺهن تنهن کان پي ٽي آءِ سميت ڪجهه ڌريون جن کي چونڊن تي تحفظات آهن ۽ چونڊن کي رد ڪري چڪيون آهن سي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن تائين پهتيون آهن ۽ چونڊ نتيجا چئلنج ڪيا آهن عدالتون ڪهڙو فيصلو ٿيون ڪن پر جيترو محسوس ٿئي ٿو ته عدالتون اليڪشن ٽريبيونلن ڏانهن رجوع ڪرڻ لاءِ چوندي جو اليڪشن ڪميشن ٽريبيونلس جي جوڙ جڪ لاءِ اعليٰ عدالتن کي  چئي ڇڏيو آهي جيڪي اهڙن ڪيسن جو فيصلو ڪنديون. اهو هارائيندڙ ڌرين تي مدار آهي ته اهي ٽريبيونلن سان رجوع ٿيون ڪن يا احتجاج طور کٽيل سيٽن تان به هٿ کڻن ٿا جيئن پير صاحب پاڳاري ۽ جماعت اسلامي هٿ کنيو آهي. چونڊن کي ذري گهٽ هفتو گذري چڪو آهي اليڪشن ڪميشن ڪامياب اميدوارن جو نوٽيفڪيشن به ناهي ڪڍيو جنهن تي به خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن.

بهرحال ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ کي ڪنهن به خوفناڪ سياسي و معاشي بحران کان بچائڻ گهرجي۔احتجاج ۽ ڌرڻا جمهوري حق آهن ڀلي ڪرڻ گهرجن ۽ حڪومت به ڪنهن به رنڊڪ يا روڪ کان پري رهي ۽ جيڪي به ڌريون احتجاج ڪن تن کي ملڪ جي سالميت جو خيال رکڻ گهرجي. پي ٽي آءِ سميت سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪري صورتحال کي ڳنڀير بڻجڻ کان پري رکيو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.