شاعرِي ته اڻ ڳڻين شاعرن جِي روز نظر مان گذري ٿي، يا گيتن ذريعي ٻُڌجي ٿي، پر جيڪو ڪلام دل توڙي دماغ تي سنئون سڌو اثرانداز ٿئي، سو ئي حافظي ۾ رھجي وڃي ٿو. سنڌ جو نمائندو مزاحمتي توڙي رومانوي شاعر مقصود گل به سنڌي ٻوليءَ جي اھڙن منفرد ۽ ڪامياب شاعرن ۾ سرِ فهرست آهي، جن جي شاعري نه فقط دل ۽ دماغ تي اثرانداز ٿئي ٿي، پر ورھين جا ورھيه گذرڻ باوجود به يادداشت ۾ محفُوظ رھجي ٿي وڃي، جيئن ضيائي آمريت جي ڏينهن ۾ مقصود گل صاحب جي ڪيل مزاحمتي شاعريءَ رستي اٿاريل آواز اڄ به سنڌ ڄاون کي ياد آهي ۽ جيڪڏهن ڪنھن کي لفظ به لفظ ياد نه به ھجي، ته به ورھين بعد اهي سٽُون سامھون اچڻ تي اھو ڪارو زمانو، ذهن جي پردي تي فلم جيان اکين ۾ تَري اچي ٿو. جيئن، گل صاحب جو ههڙو اظھار:
رات رُئندي رھِي، ماڪ پوندي رھِي
داغ ڌرتيءَ سندا، باک ڌوئندي رھي
درد جَي ديوَ دھشت وِڌي ديسَ ۾،
سوچَ سَڙندِي رھِي، لوچَ لُڇندي رھي
گھر ڌڻين جي مٿان، رات گوليون وسيُون،
پرھ پڙلاءَ کان، پارَ پُڇندي رھِي
لاشَ بي ڏوھ، رستن تي نَچندا رھيا
ڏنگَ ڏاھپ ڏِٺا، ڏات ڏُکندي رھِي
رات کي مات سورج ڏني آ ڪٿي!
ڏند ڏائڻ ڪَڍي، کوڳَ کِلندي رھي
پيارَ وارا پرَي، ڪيئن نه دلڙي ڪرَي،
سارَ جي سُوٽَ، ھينئڙي ۾ ھُرندي رھِي
ڪنھن ته چُوچِي ڏنِي، باغ ڀڙڪِي پَيو،
”گل“ ڄريٽي ۾، سرھاڻ سَڙندِي رھِي
مقصود گل جي شاعري جيتوڻيڪ گهڻ رُخي ۽ گھڻ موضوعاتي آھي، پر ان ۾ رومانوي، مزاحمتي، انقلابي توڙي سماجي پھلو وڌيڪ نمايان آھي. ان جو سبب اھو آھي ته مقصود گل صاحب عام ماڻھوءَ سان اُٿندو ويھندو ھو، جنھن ڪري عوامي امنگن جي نمائندگي ڪيائين، جھڙيءَ طرح ھتي چوي ٿو:
ڌرتيءَ جِي سِڪَ سِيني لائي، پيار وفا کي پنهنجو ڀانئي،
چنڊ ستارا مرڪُون ميڙي، باک ڀليرِي سوچ سهيڙَي،
صبح ٿيڻ جِي ساک ڏيان ٿو، لهندَي سجَ کان لاکَ وٺان ٿو
سنڌوءَ مان سنگيت کڻان ٿو، لاک ــ رَتا مان گيت لکان ٿو
پنهنجي فن ۾ ماهر آهيان، مان ڌرتيءَ جو شاعر آهيان
مقصود صاحب سنڌي ادب جو وڏو ماڻهو هوندي به پنهنجي فطرت ۾ هرگز مغرور نه ھو. پنهنجي زندگي سادگيءَ سان گذاريائين ۽ ڪڏهن به خود پرست نه رهيو. هُو سدائين سخي دل رهيو. کل مُک، مکڻ ماڻهو، زندهه دل ۽ هڏڏوکي انسان. پنهنجي قلم کي سماج جي تصوير ڪشيءَ لاءِ ھن ريت استعمال ڪندو رهيو:
گھر گھر ۾ جتي ظُلم جو گھاڻو هوندو،
هر شخص اتي ڇو نه ڏُکاڻو هوندو،
ان شهر ۾ آ عدل ۽ انصاف ڪٿي!
جنهن شهر جو مفتي جَي وڪاڻو هوندو
مقصود گل صاحب سنڌ جو يگانو، دلير شاعر ۽ اديب هو، جيڪو حق ۽ سچ لاءِ هر محاذ تي اٽل بيٺل رهيو. ايم آرڊي تحريڪ هجي! يا سنڌي ٻوليءَ جو مسئلو… هر ميدان ۾ عملي توڙي قلمي محاذ تي سدائين اڳڀرو هو. مقصود گل کي 1982ع ۾ ڌاڙيلن اغوا ڪيو (يا کيس اغوا ڪَرايو ويو) جتان 11 ڏينهن 11 راتين بعد هو بازياب ٿيو. ھن کي مزاحمتي اظھار کان روڪڻ لاءِ لاڙڪاڻي شوگر مل ۾ ڊپٽي مئنيجر جي حيثيت ۾ سرڪاري نوڪريءَ دؤران شديد تنگ ڪيو ويو، جو بالآخر کيس استعفا ڏئي اها ملازمت مجبوراً ڇڏڻي پئجي وئي. کيس پنهنجي قلمي بيباڪيءَ سبب صوبي بدر به ڪيو ويو ۽ اڻ ڳڻيون ذهني اذيتون پڻ ڏنيون ويون، پر ان جي باوجود ھن شاعريءَ سان گڏوگڏ مزاحمتي ادب لاءِ به پنهنجو قلمي پورهيو ڪٿي به ڪڏهن به ڪونه روڪيو. ان حوالي سان به سندن ھهڙا اعترافَ جابجا ملن ٿا:
سنڌڙيءَ جي سينڌ جو مُون اڄ کنيو آهي قسم
ڀل ته ڏي ايذاءَ تُون، پر سچ تي کڻبو قلم
مقصود گل صاحب جو گھراڻو علمي ادبي حوالي سان، نسل در نسل ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سائينءَ جي خاندان جو ھر فرد مرد توڙي عورتون، پيڙهين کان علم، ادب ۽ آرٽ سان وابسته رھندا پيا اچن. مقصود گل پاڻ به پنهنجي آخري دم تائين قلم سان نباھيندو رھيو. سندن وڇوڙو بھار جي آمد ۾ ٿيو، جيڪو يقيني طور تي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو وڏو نقصان هو، جيڪو خال ڀرجڻ ڪنهن به طور ممڪن ناھي. سندس ترقي پسند سوچ سنڌ جي ساڃاهه جي نمائندگي ڪندڙ رھِي. ھن ادب جي ھر صنف ۾ نھايت مھارت سان قلم آرائي ڪئي. اڄ سندن پاڇو ۽ خوشبو سندس اولاد ۾ موجود آھي. مقصود گل صاحب جھڙي منفرد علمي ادبي پورھيت کي وسارڻ ناممڪن آھي، خاص طور تي اڄ سندن وڇوڙي واري ڏينهن تي سندس قلمي ڪرت توڙي شخصيت کي ياد ڪري سندن خدمتن کي ساراهيندي سرهائي سان گڏگڏ فخر به محسوس ٿئي ٿو.