سنڌ جتي ويلنٽائينس ڊي ممنوع قرار ڏنل آ

ڪاشف نوراني

سکي هوا ۾ هڳاءُ آهي،

گلي گلي گيت ٿي وئي آ،

پيا بنا ننڊ ڪيئن ايندي،

بسنت رت جو بي چئي آ. (شيخ اياز)

سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ محبت جو ڏهاڙو”ويلنٽائين“ ملهايو پيو وڃي، ماڻهو هڪٻئي کي گــُل ۽ مختلف سوکڙيون ڏئي محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن. سڄي دنيا ۾ بيڪرين تي ڪيڪن جا آرڊر، گلن جي دڪانن، گفٽ شاپس تي نوجوانن ئي نه  پر بزرگ مرد ۽ عورتن جي رش نظر اچي رهي آهي. ويلنٽائين ڊي تي چاڪليٽ جو وڪرو وڌي ويندو آهي، ڇو ته ماڻهو تحفي ۾ چاڪليٽ ڏيڻ پسند ڪندا آهن. اڄ محبتي جوڙا ھڪٻئي سان محبتون ونڊيندا. ھڪٻئي سان پيار جو پچارون ڪندا، ھڪٻئي کي گلن ۽ چاڪليٽن جا تحفا ڏيندا ۽ سڄو ڏينھن گڏ گذاريندا.

محبتون ته غير مشروط هونديون آهن پر ويلنٽائينس ڊي فيبروري مهيني جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي. ان مهيني خصوصي طور تي رومانوي سوچ رکڻ وارا جن کي سولي سنڌيءَ ۾ عاشق به چئبو آهي اهي هن مهيني کي رومانٽڪ بڻائڻ لاءِ مختلف رٿابندين ۾ مصروف عمل ٿي ويندا آهن. پيار جيڪو هڪ بغاوت آهي، جنهن جي حقيقت کي هن مهل تائين ڪير به پهچي ناهي سگھيو. پر اسان جنھن معاشري خصوصي طور سنڌ ۾ رھون ٿا اتي محبت اسان لاءِ صرف ھڪ خواب بڻجي وئي آھي.اسان ته اھڙي سماج ۾ رھون ٿا جنھن ۾ جون لينن جي چوڻي موجب ته ”اسان ھڪ اھڙي سماج ۾ رھون ٿا، جتي محبت تـ لڪي ڪرڻي پوي ٿي پر تشدد، جھيڙا ۽ نفرتون سرعام ڪندا آھيون“. ڌرتي ۽ سرتيءَ جي عشق ۾ وڏو ڪمال سمايل هوندو آهي، جنهن ۾ موت جو خوف اصل ئي بي معنيٰ ٿي ويندو آهي، عاشقن جي راهن ۾ جيتريون پابنديون ۽ سختيون اينديون آهن، اوترو ئي ان ازلي عشق جي ڪشش وڌندي رهندي آهي، نگاهه ۽ قدم صرف منزل مقصود تي هوندي آهي. جتي پيار گناهه نه ھجي، جتي سمنڊ جي ڪناري تي هلندڙ جوڙي کي عجيب نگاهن سان نه ٿو ڏٺو وڃي ۽ جتي پارڪ جي بئنچ تي ويٺل ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کان سندن رشتن جي پڇا نه ٿي ڪئي وڃي جتي پيار ممنوع آهي، جواني جرم آهي ۽ خواب گناهه آهن. جتي پيار کي انائن جي بارگاهه ۾ بليدان ڪيو ويندو آهي ۽ جتي محبتون قبائلي سردارن جي اجازت سان ڪبيون آهن.

پيار جو طوفان پنهنجا ڪنارا پاڻ طئي ڪندو آهي. پيار جيڪو پيريءَ ۽ جوانيءَ کان وٺي وڌيڪ اذيت ناڪ هوندو آهي. محبوب جو هڪ ديدار ئي عاشق جي ڪوماٽيل دل ۾ انقلاب جـﻫـڙي جوت جڳائي سگھي ٿو. پر ان جي ڪابه آخري حد ناهي ٿيندي، پيار سمنڊ آهي جنـﻫـن جي ٻئي ڪناري تي اڄ تائين ڪوبه عاشق پهچي ناهي سگھيو. اڄ انهن عاشقن لاءِ هي (عيد ڏڻ) خوشين کان اڻپورو هوندو، جن کي پنهنجي پرينءَ جو درشن نصيب نه ٿيو هوندو. جن جا پرين محلاتن ۽ لوهي ڪارن ڪوٽن ۾ قيد هوندا آهن انهـن لاءِ عيد به عام ڏهاڙي جھڙي هوندي آهي. اڄ هي انهن عاشقن لاءِ ئي عيد جو ڏڻ هوندو، جن کي پرينءَ جو چهـرو ڏسڻ ۽ چمڻ نصيب ٿيو هوندو، اهو لمحو جڏهن ڪنهن پريميڪا جي حصي ۾ آيو هوندو ته ان جي زندگيءَ جا وساميل سڀئي ڏيئا ٻري پيا هوندا، سندس زندگي شام شفق جو ٻرندڙ ڏيئن جيان جرڪي پئي هوندي. ان لمحي هن مُرڪي جڏهن پنـﻫـنجو پاڻ ڏٺو هوندو ته ان خوشيءَ جي لمحي کي هن اياز جي هن سٽ ۾ هيئن محسوس ڪيو هوندو ته:

آ رات لڙي هو اچڻو آ ، مون مرڪي پنـﻫـنجو پاند ڏٺو ،

تون ڇوڙ نه پايل پيرن جي، رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي.

پيار ڇا آهي؟ ڀلا انهيءَ ۾ ڪهڙي طاقت آهي، جو پهاڙ جهڙا ماڻهو ميڻ جي ٺهيل محبوبن جي گرم ساهن ۾ وگهرجيو وڃن. آخر انهيءَ ۾ ڪهڙي ڪشش آهي، جو هڪ نگاهه جي اشاري تي صدين جا رشتا، هزارن سالن جون سڃاڻپون ۽ ازل جا واسطا پل کن ۾ ٺهيو پون ۽ ٻيا سڀ رشتا بي معنيٰ ٿيو پون. آخر ڪهڙو راز آهي، جو ماڻهو پنهنجو وجود عشق جي باهه ۾ ساڙي ڀسم ڪريو ڇڏين، پنهنجون سڃاڻپون مٽايو ڇڏين؟ آخر ڪهڙي قوت آهي، جو ڏاهي کان ڏاهو ماڻهو عقل جو لباس، پيار جي بي لباسي پهري، مستيءَ ۾ سرمست آهي! ڪجهه ته آهي، پر ڇا آهي؟ جسم جي بک آهي يا روح جي پياس؟ پنهنجي تڪميل آهي يا پاڻ کي فنا ڪرڻ آهي؟ ڪنهن کي حاصل ڪر ڻ يا پاڻ کي وڃائڻ آهي؟ صدين جو سودو آهي يا لمحن جو حساب؟ تڙپ آهي يا سڪون آهي؟ ڳولڻ آهي يا لهڻ؟ خير آهي يا شر آهي؟ ڇا آهي هي عشق؟ ڪهڙي رمز آهي پيار ۾؟ شايد اهو سڀ ڪجهه آهي يا ڪجهه به نه آهي. جيڪي سمجهن ٿا عشق رڳو روحاني رشتو آهي، سي برفيلن جسمن جي گرم هٿن ۾ پگهرڻ واري وجد کان واقف نه آهن. جيڪي عشق کي رڳو ڪجهه حاصل ڪرڻ واري راند سمجهن ٿا، سي پاڻ وڃائڻ واري سرور کان محروم آهن. جن لاءِ عشق رڳو پنهنجي تڪميل آهي، تن فنا واري مزي کان پاڻ کي پري رکيو آهي. عشق تڏهن ئي آهي، جڏهن توهان جسمن جي ذريعي روحاني رمزن تائين پهچو. جڏهن سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ واري سوچ ۾ هر شئي وڃائي ڇڏيو ۽ تڪميل واري خواهش ۾ پاڻ پنهنجو وجود فنا ڪري ڇڏيو، تڏهن شايد عشق جي خبر پوي. ڇو ته جيڪڏهن عشق کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي سين، ته ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن انهيءَ جي ويجهو به نه اچي سگهون. پيار ڪنھن رت، ڏهاڙي جو محتاج ناهي. ڀلا پيار جي پهرين پل ۾ ورتل پهرين چميءَ کي اڄ تائين ڪو پريمي وساري سگھيو آهي.؟ هي اهو پل هوندو آهي جنهن پل عاشق جي دل ۽ دماغ جون سڀ اکيون کلي پونديون آهن ۽ هر اک ۾ صرف هڪ ئي چهروهوندو آهي جيڪو سندس پرينءَ جو هوندو آهي.ان لمحي کيس ڪنهن موسم جو احساس به نه هوندو آهي.

منهنجي پنهنجي ذاتي راءِ اها به آهي ته اڄ جو ڏينھن اسان لاءِ شاھ لطيف جي امن جو پيغام کڻي آيو آھي، اڄ جو ڏينھن اسان کي سچل جي واٽ تي ھلڻ جي تاڪيد ڪرڻ آيو آھي ۽ اڄ جو ڏينھن اسان کي انسانيت جي وجود جو مقصد سمجھائڻ آيو آھي تـ توھان انسانن جو مقصد ھن دنيا ۾ محبتون ۽ پيار پکيڙڻ آھي. اڄ جي دور ۾ ڏٺو وڃي تـ تمام گھڻا الميا نظر اچي رھيا آھن. انھن مان ھڪ الميو اھو به آھي تـ ھن سماج ۾ محبت ۽ مثبت سوچ جو خاتمو ٿي چڪو آھي. ماڻھو محبتون وساري ويٺا آھن ۽ صرف ۽ صرف پنھنجي دلين ۾ نفرتن جا انڀار پالي رھيا آھن ۽ نفرتن جو عروج آھي جنھن ڪري روزاني اڻ ڳڻيا مسئلا درپيش اچن ٿا. سوشل ميڊيا تي نظر ڊورائبي ته ھزارين هانءُ ڏاريندڙ واقعا اکين آڏو اچن ٿا، ڪڏھن ڪنھن بي گناھ جي خون جي خبر پوي ٿي تـ ڪڏھن معصوم رمشا جو بي گناھ قتل ٿيڻ جي خبر شايع ٿيل آھي ايتري تائين جو ڀاءُ جو ڀاءُ کي قتل ڪرڻ جو خبرون بـ روزاني جو معمول بڻجي چڪيون آھن ۽ پٽ به پيءُ جو قاتل ٿي ويو آھي. انھن سڀني براين جو آخر سبب ڇا آھي؟ ھونئن تـ اڄ جو دور ٽيڪنالاجي جي عروج جو دور ڪوٺيو وڃي ٿو. واقعي ٽيڪنالاجي عروج تي آھي پر سماج ۾ براين جو به عروج آھي. اهوبه دور هو ته  ماڻھون هڪ ٻئي سان روح رھاڻيون ڪندا ھئا، ھڪٻئي سان محبتون ونڊيندا هئا ۽ مچ ڪچھريون ڪري امن، شانتي ۽ محبتن جي واکاڻ ڪندا ھئا ۽ پنھنجي نئين نسل کي شاھ جي شاعري ۾ سمايل سبق تي ھلڻ جي تلقين ڪندا ھئا ۽ پيار ۽ محبت وارو درس ڏيندا ھئا. پر اڄ ٽيڪنالاجي جي عروج جي دور ۾ اسان جو نئون نسل صرف سگريٽ نوشي ڪندي ۽ پيڪيجن جي معرفت موبائل تي ھيپي آورس دوران رلندي نظر اچي ٿو. جنھن جو نتيجو صرف براين کانسواءِ ڪجهه ناھي.

جنھن جي من ۾ محبت ھوندي آھي ۽ جنھن جا سينا ڪپت کان آجا ھوندا آھن، انھن سان تـ ڪو حساب ئي نـ ھوندو آ. سو اچو ته گلوبلائيزيشن جي هنن ڏينهن ۾ محبت جو جشن پراڻن ڏينھن جيان ملهائي وٺون. انهيءَ کان اڳ جڏهن محبوب جي ڏنل چاڪليٽن جو ذائقو ۽ مساڪ جو رنگ ڦٽي وڃي ۽ آر سان نالا ۽ دليون ڀريل رومال ڦاٽي پون، انهيءَ کان اڳ جو ڏنل گلابن جون محفوظ ڪيل پنکڙيون ٺوٺ ٿي هوائن ۾ اڏامي وڃن، انهيءَ کان اڳ جو خوشبوءِ جو واس وڃائجي وڃي، انهيءَ کان اڳ جو مليل هٿ ڇڏائجي وڃن، انهيءَ کان اڳ جو دٻيل ٽهڪ گم ٿي وڃن. انهيءَ کان اڳ جو اسان کان هڪ ٻئي جا نالا به وسري وڃن، اچو ته ممنوع هئڻ جي باوجود پيار جو ڏينهن ملهائي وٺون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.