سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جو نه ختم ٿيندڙ لاڙو

غفار ميرجت

سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جو لاڙو ڏينهون ڏينهن عام ٿيندو پيو وڃي جنهن ۾ عورت ۽ مرد تي غير اخلاقي لاڳاپن جو الزام لڳائي کين "ڪاري” ۽ "ڪارو” قرار ڏئي قتل ڪيو وڃي ٿو. ان کي "غيرت جي نالي تي قتل” به چيو وڃي ٿو. جيڪڏهن تاريخ جا پنا اٿلائي ڏسبا ته سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا دؤر ۽ بادشاهه ٿيا آهن، جنهن ۾ عورتون حڪومتي ۽ جنگي فيصلن ۾ سڌو سنئون شامل رهيون آهن. مکيه مثال هي آهن:سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا 2600 ق.م  1900 ق.م هيءَ ته بادشاهي نظام کان اڳ جو دؤر هو، پر موهن جي دڙي مان مليل "ماءُ ديوي” جا بُت ٻڌائين ٿا ته سماج مائيتو هو. ان جو ٻيو مثال اهو آهي ته سنڌ جي ڪافي ڳوڻ ۽ شهرن جا نالي به عورتن جي نالن سان آهن عورتن جو سماجي ۽ مذهبي فيصلن ۾ وڏو درجو هو. ڪن عالمن جي خيالي مطابق ان وقت پنچائت جهڙو نظام هوندو هو جنهن ۾ عورتون به شامل هونديون هيون.

سنڌ ۾ سومرا دؤر 1050ع کان 1350ع سومرا حڪمران مقامي سنڌي هئا. هن دؤر ۾ راڻيون درٻار ۾ اثر رکنديون هيون:راڻي سوڍل سومرياڻي حاڪم دودي جي ماءُ. دودو ننڍي هو ته حڪومت جا فيصلا سوڍل جي صلاح سان ٿيندا هئا. دودي ۽ چنيسر جي جنگ ۾ به راڻي سوڍل جو ڪردار اهم هو. ۽ جنگ جو سبب اهو هيو ته جڏهن چنيسر کي پڳ ٻڌائي پئي وئي ته هن چيو ته مان ماءُ کان اجازت اچان پوءِ پڳ ٻڌندس سومرن جون سردار عورتون قبيلائي جهيڙن ۽ صلح جي فيصلن ۾ ويهنديون هيون. سما دؤر 1351ع کان 1524ع تائين سما بادشاهن جي دؤر ۾ عورتن جوسياسي اثر وڌيڪ نظر اچي ٿو ڄام نندي جي ڏاڏي مائي بختاور ڄام ننڍو، ننڍو  هو ته مائي بختاور حڪومت هلائي. وڏن سردارن سان صلاح مصلحت ڪري فيصلا ڪندي هئي. ڄام فيروز جي امڙ به فيصلن تي اثر انداز ٿيندي هئي دولهھ دريا خان جو ڄام فيروز سان ناراض ٿيڻ ۽ وري پرچائڻ  جو سبب به ڄام فيروز جي امڙ  کي ڄاڻايو ويو آهي ڄام تماچي نوريءَ کي راڻي بڻايو. درٻار ۾ سندس ڳالهه مڃي ويندي هئي. چوڻي آهي ته "نوريءَ جا نيڻ، ٺٽي جا ميڻ”.وري پاڻ ڪلهوڙا دؤر 1701ع کان 1783ع تائين نظر وجهنداسون ته مائي خديجه، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي زال هئي ميان نور محمد جڏهن ايران ويو هو ته پٺيان حڪومت مائي خديجه هلائي. وڏن معاملن ۾ سندس صلاح ضروري سمجهي ويندي هئي.

وري  ٽالپر دؤر 1783ع کان 1843ع جي دور حڪومت ۾  ٽالپرن جي زالن کي "بيبيون” سڏيو ويندو هو ۽ حرم مان به سياست تي اثر انداز ٿينديون هيون. مير ڪرم علي ٽالپر جي ماءُ درٻار جي اهم فيصلن ۾ شامل هئي. حر تحريڪ سوره بادشاهه جو دؤر 1895ع کان 1943ع پير صبغت الله شاهه راشدي "سوريھ بادشاهه” جي تحريڪ ۾ عورتون سڌيون شامل هيون حُرن جون گهر واريون حُر جڏهن جنگ تي ويندا هئا ته زالون هنن کان وعدو وٺنديون هيون ته "ڀڳو آئون نه چوان، ماريو ته وسهار”. يعني پوئتي نه هٽجو. سورهيه بادشاهه انگريزن خلاف حڪمت عملي جوڙيندو هو ته حُر عورتون به صلاح ڏينديون هيون. پرديسي ڪپڙو، تماڪ، چوڙين جي بائيڪاٽ جو فيصلو گهرن تائين عورتن پهچايو.لر ڪيمپن جا لوڙهڻ ۾ عورتن قيد ڪاٽيا. ٻيو ته سنڌ جي لوڪ ڏاهپ ۾ به عورتن جو ڪردار نمايان آهي ڀٽائي جي شاعري جون ٻه سورميون عورتون آهن سسئي، مارئي، نوري، سورٺ، مومل، سهڻي، ليلا سڀ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪنديون هيون. ان مان خبر پوي ٿي ته سنڌي سماج ۾ عورت هميشه فيصلي ساز رهي آهي.

پر هاڻي ڪارو ڪاري جو رواج سنڌي سماج سان زبردستي ڳنڍيو پيو وڃي حقيقت اها آهي ته هي رواج ڪنهن هڪ تاريخ تي شروع نه ٿيو، پر ان جون پاڙون ان زماني ۾ فٽيون جڏهن سنڌي سماج قانون بدران قبائلي اصولن تي هلڻ لڳو. جن وقتن ۾ جڏهن رياستي قانون مضبوط بجاءِ ڪمزور ٿيڻ لڳو، تڏهن هر قبيلو پنهنجا ضابطا پاڻ ٺاهيندو رهيو.  ۽ عورت کي خاندان جي عزت سان ڳنڍيو ويو. جيڪڏهن ڪنهن عورت بابت شڪ به پيدا ٿيڻ لڳو ته بنا جاچ جي سزا موت ڏني  ڏيڻ لڳا  جاگيرداري نظام جي واڌ سان هي رسم وڌيڪ مضبوط ٿي. وڏيرا ۽ سردار پنهنجن علائقن ۾ پنهنجا قانون هلائين پيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ذاتي مفادن لاءِ به ماڻهن تي ڪارنهن جا الزام لڳائي انهن کي نقصان رسائين پيا . زمين جي تڪرار ۽ دشمني پاڻڻ لاءِ به هن رسم جو غلط استعمال ڪيو وڃي ٿو. برطانوي دور ۾ قانوني نظام قائم ٿيڻ باوجود به ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هي رواج ختم نه ٿي سگهيو.

ڪارو ڪاري جي نالي تي سڀ کان وڏو نقصان بيگناهه ماڻهن جو قتل آهي. خاص ڪري عورت جي ڄڻ ته نسل ڪشي ٿي رهي آهي اڪثر الزام رڳو شڪ جي بنياد تي لڳايا ويندا آهن، جاچ ڪا نه ٿيندي آهي. ڪيتريون ئي عورتون ۽ مرد بنا ڪنهن ڏوهه جي مارجي وڃن ٿا. ٻيو اها رسم به آهي ته جنهن عورت تي ڪارنهن جو الظام لڳي ٿو ته ان کي اگر ماريو نٿو وڃي ته وري ان کي ڏوڪڙن عيوض کپايو وڃي ٿو ۽ خاندان سڄي حياتي ان عورت کان سمورا رشتا ناتا ختم ڪري ڇڏيندو آهي جڏهن ته جيڪڏهن ڪو مرد ڪارو ٿئي ٿو ته خاندان  ان سان اهو حشر نٿو ڪري. سنڌ ۾ گذريل سال 2025ع ۾ 200 کان مٿي  ڪارو ڪاري جي نالي تي قتل ٿيا جن ۾ اڪثريت عورتن جي آهي جنهن ۾ صرف ضلعي ڪشمور ۾ ڇهن مهينن اندر 72عورتون ڪارو ڪاري جي تهمت تحت قتل ڪيون ويون. خيرپور ۾ خالده چانڊيو جو قتل به آهي ان سان گڏ 80 کان مٿي لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ قتل ٿيا ائين سکر ميرپورخاص ڪراچي حيدرآباد ۾ ان ڪڌي رسم تحت انساني ڪوس جاري آهي

هن رواج سبب رياستي قانون ڪمزور ٿئي ٿو ۽ وڏيرا جرڳا ڪن ٿا. بي قصور ڌريون جرڳائي ڀوتارن جي فيصلي تي مجبور ٿينديون آهن.  قاتل پوليس کي رشوت ڏئي "غيرتي” سڏرائي بچي وڃن ٿا ڪارنهن الظام هيٺ آيل ڌر جي ملڪيتن گهرن ڪاروبارن تي قبضا ٿيڻ ٿا رڳو اهو نه پر ان ڌر جي مائٽن سان ساڳو حشر ٿئي ٿو ۽ نياڻين جو رت سستي اگھ ۾ وڪرو ٿئي ٿو. پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙڻ کي به ڪارو قرار ڏئي قتل جون فتوائون ڏنيون وڃن ٿيون. حملي جي ڊپ سبب ماڻهو گهر خالي ڪري لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا.ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ٿين ٿا اڪثر پوليس به قاتلن سان ٻٽ بڻجي ويندي آهي. هن رواج عورت کي انسان بدران رڳو "عزت” جي علامت بڻائي ڇڏيو آهي. عورت جو جيئڻ مرڻ خاندان جي مردن جي هٿ ۾ اچي ويو آهي. صحيح انگ اکر موجود ناهن، ڇو ته گهڻا ڪيس رپورٽ ئي نه ٿيندا آهن. پر انساني حقن جي تنظيمن موجب سنڌ ۾ هر سال سوين عورتون ۽ مرد ڪارو ڪاري جي نالي تي قتل ٿين ٿاجرڳن بدران عدالتن ذريعي انصاف ٿئي. جرڳن کي غير قانوني قرار ڏنو ته ويو پر وري به سرڪاري سرپرستي ۾ آهي جرڳا ٿين ٿا

اصو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جرڳي ڪندڙن ۽ قاتلن سان گڏ قتل جون فتوائون جاري ڪندڙن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ته اهو قتل عام رڪجي سگهي ٿو  ٻهراڙي وارن علائقن ۾ تعليم ۽ عورتن جي حقن بابت شعور ڏنو وڃي. پوليس کي غير جانبدار بڻايو وڃي ته جيئن مظلومن کي تحفظ ملي سگهي.  ڪارو ڪاري رواج سنڌي سماج لاءِ ناسور بڻجي چڪو آهي. هي غيرت نه پر جهالت آهي. جيستائين قانون مضبوط نه ٿيندو ۽ جرڳائي نظام ختم نه ٿيندو، تيستائين حوا جي نياڻي موت جو کاڄ بڻجندي رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.