ڪڏهن ڪڏهن ڪا هڪ تقريب، ڪو سيمينار، ڪو ميلو، ڪا فڪري ويهڪ، ڪا ڪانفرنس يا ڪو علمي پروگرام صرف ڪجهه ماڻهن جي گڏجاڻي نه هوندي آهي، پر اُها دراصل مستقبل جي تعمير جو هڪ وڏو بنياد بڻجي امر ٿيو وڃي ، اھڙيون تقريبون صرف تقريرون ٻڌڻ لاءِ نه هونديون آهن، پر اُهي نسلن جي سوچ بدلائڻ، نوجوانن کي نوان خواب ڏيڻ، سماج ۾ شعور پيدا ڪرڻ، ۽ قومن کي ترقيءَ جي نئين رستي تي آڻڻ لاءِ هڪ وڏي تحريڪ ثابت ٿينديون آهن. ڪيترائي ڀيرا تاريخ ۾ ايئن ٿيو آهي، جو هڪ ننڍڙي فڪري ويهڪ، هڪ علمي سيمينار يا هڪ تعليمي پروگرام ايندڙ ڪيترن ئي سالن جي تبديليءَ جو سبب بڻيو آهي، ڇو ته جڏهن علم، شعور، فڪر، تحقيق، هنر، تخليق ۽ نوجوان نسل هڪ ئي جاءِ تي گڏ ٿيندا آهن، تڏهن رڳو لفظ نه ڳالهايا ويندا آهن، پر مستقبل لکيو ويندو آهي.
اڄ جي جديد، تيز رفتار ۽ ٽيڪنالاجي واري دنيا ۾ سيمينار، ميلا، ايجوڪيشنل پروگرام، پروفيشنل ڪانفرنسون، آرٽ ۽ لٽريچر فيسٽيول، بزنس ايونٽس، ٽيڪنالاجي ايڪسپوز، ڪيريئر گائيڊنس پروگرام، موٽيويشنل سيشنز ۽ نوجوانن لاءِ ٿيندڙ فڪري تقريبون انتهائي اهم بڻجي چڪيون آهن. دنيا هاڻي صرف روايتي تعليم تي نه هلي رهي آهي، پر هاڻي علم سان گڏ مهارت، رابطي، تخليقي سوچ، تحقيق، ليڊرشپ، جديد ٽيڪنالاجي، عملي تجربي ۽ عالمي شعور جي به ضرورت آهي. جيڪڏهن نوجوان صرف ڪتابن تائين محدود رهندا ته شايد هو دنيا جي وڏي مقابلي ۾ پوئتي رهجي وڃن، پر جيڪڏهن انهن کي سيمينارن، ميلا ۽ مختلف پروفيشنل پروگرامن ذريعي عملي دنيا سان ڳنڍيو ويندو، ته پوءِ انهن جي سوچ، اعتماد، گفتگو، قابليت ۽ شخصيت ۾ هڪ نئون انقلاب پيدا ٿيندو. تعليمي حوالي سان ڏٺو وڃي ته سيمينار ۽ ايجوڪيشنل پروگرام نوجوان نسل لاءِ هڪ نئين يونيورسٽي وانگر هوندا آهن ڪلاس روم ۾ شاگردن کي ڪتابي علم ضرور ملي ٿو، پر سيمينار کين زندگيءَ جي حقيقتن سان روشناس ڪرائي ٿو – پرکڻ جي بنياد بڻجو تبديليءَ جو ڪارڻ بڻجي ٿو هتي نوجوانن کي جديد تعليم، مستقبل جي ڊگرين، عالمي مارڪيٽ، آرٽيفيشل انٽيليجنس، ڊجيٽل اسڪلز، ريسرچ، سائنسي ترقي، آن لائن دنيا، ميڊيا، ٽيڪنالاجي ۽ نئين دور جي ضرورتن بابت شعور ڏنو وڃي ٿو – هٿي وٺرائڻ لاءِ هئي سنگ ميل بڻجي نئوا گس پنڌ ڏيکاري راه زندگيءَ اسان بڻائيو ڇڏي.
ڪيترائي شاگرد اهڙا هوندا آهن، جن کي پنهنجي صلاحيتن جو اندازو ئي نه هوندو آهي، پر جڏهن اهي اهڙين تقريبن ۾ مختلف ماهرن، استادن ۽ ڪامياب ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌندا آهن، تڏهن انهن جي اندر نئون اعتماد پيدا ٿيندو آهي. کين اهو احساس ٿيندو آهي ته دنيا تمام وڏي آهي، جيڪڏهن هو محنت، علم ۽ مهارت سان اڳتي وڌندا ته وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري سگهن ٿا. ساڳئي وقت پروفيشنل سيمينار ۽ بزنس ڪانفرنسون به انتهائي اهم آهن، ڇو ته اڄ جي دنيا مڪمل طور مقابلي واري دنيا جدت ترقي سائنس جي عروج واري دنيا ۾ تبديل ٿي چڪي هاڻي صرف ڊگري هجڻ ڪافي ناهي، پر عملي تجربي، رابطن، پروفيشنل اخلاق، گفتگو، ليڊرشپ، ٽيم ورڪ ۽ جديد مهارتن جي به ضرورت آهي. جڏهن نوجوان پروفيشنل سيمينارن ۾ شرڪت ڪن ٿا وڃن ٿا ، تڏهن انهن کي مختلف شعبن جي ماهرن سان ملڻ، نيون شيون سکڻ، پنهنجي ڪيريئر بابت سوچڻ ۽ عملي دنيا کي سمجهڻ جو موقعو مليو وڃي . اتي نوجوانن کي اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته مستقبل ۾ ڪهڙا شعبا اهم آهن، ڪهڙيون اسڪلز دنيا ۾ وڌيڪ ڪارآمد آهن، ۽ ڪيئن پاڻ کي عالمي دنيا مطابق تيار ڪجي.
اڄ دنيا جي وڏين ڪمپنين، ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ اهڙا پروگرام مستقل بنيادن تي ٿيندا آهن، ڇو ته انهن کي خبر آهي ته قومن جي اصل ترقي نوجوانن جي فڪري ۽ پروفيشنل تربيت سان ئي جڙيل هجي ٿي ايئن ڪرڻ سان ڪا هڪ نه نسل در نسل ترقي تمدن تهذيبن جو اڻموٽ رستو جڙيو وڃي ٿو ثقافتي ميلا ۽ آرٽ فيسٽيول به سماج لاءِ انتهائي اهم آهن، ڇو ته اهي قومن جي روح هجن ٿا سڃاڻپ هوندا آهن .
جڏهن ڪنهن علائقي ۾ ڪتابي ميلو، آرٽ نمائش، ادبي پروگرام، ثقافتي تقريب يا هنرن سان لاڳاپيل ايونٽ ٿيندو آهي، تڏهن اُهو صرف تفريح لاءِ نه هوندو آهي، پر پنهنجي تهذيب، ٻولي، تاريخ، ثقافت ۽ سڃاڻپ کي زنده رکڻ لاءِ هڪ وڏو قدم هجي ٿو جيڪو تمام سنجيدگيءَ سان پرکيو وڃي ٿو اهڙن ميلن ۾ نوجوان جڏهن پنهنجي ڌرتيءَ جي هنر، پنهنجي ماڻهن جي قابليتن ۽ پنهنجي ثقافت جي خوبصورتي کي ڏسندا آهن، تڏهن انهن جي اندر پنهنجي سڃاڻپ بابت فخر پيدا ٿيندو آهي ساڳئي وقت اهي جديد دنيا سان به ڳنڍجي ويندا آهن، ۽ انهن کي اهو احساس ٿيندو آهي ته پنهنجي ثقافت سان جڙيل رهي به جديد دنيا ۾ اڳتي وڌي سگهجي ٿو.
ٽيڪنالاجي ايونٽس ۽ ڊجيٽل سيمينار اڄ جي دور جي سڀ کان اهم ضرورت بڻجي چڪا آهن. دنيا تيزيءَ سان Artificial Intelligence، Robotics، Cyber Security، Digital Marketing، Software Development، Data Science ۽ جديد ٽيڪنالاجي طرف وڌي رهي آهي. جيڪڏهن اسان جا نوجوان اهڙين تقريبن کان پري رهندا ته هو مستقبل جي دنيا ۾ پوئتي رهجي ويندا. پر جيڪڏهن کين ننڍپڻ کان ئي ٽيڪنالاجي، ڊجيٽل مهارتن ۽ جديد سسٽم بابت آگاهي ڏني ويندي، ته پوءِ هو نه رڳو پنهنجي زندگي بهتر بڻائي سگهندا، پر پنهنجي سماج، قوم ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندا. سماجي ۽ فڪري حوالي سان به سيمينار ۽ ميلا انتهائي اهم آهن. اڄ جي دور ۾ نوجوان ذهني دٻاءُ، مايوسي، بي روزگاري، منفي سوچ ۽ سماجي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اهڙين حالتن ۾ جڏهن نوجوان مثبت پروگرامن، علمي تقريبن ۽ فڪري ويهڪن ۾ شرڪت ڪري ٿو ته يقيني طور ڪجهه حوصله انگيز اصلاح ڏانهن نهارين ٿا ، انهن جي اندر نئين اميد پيدا ٿيندي آهي. اهي ماڻهن سان ملندا آهن، نيون ڳالهيون سکندا آهن، پنهنجي اندر موجود خوف مايوسي متضاد خيال ختم ڪندا آهن، ۽ زندگيءَ کي نئين انداز سان ڏسڻ سوچڻ جانچڻ شروع ڪندا آهن. ڪيترائي ڀيرا هڪ تقرير، هڪ ملاقات يا هڪ سيمينار ڪنهن نوجوان جي پوري زندگي بدلائي ڇڏيندو آهي.
سو جيڪڏهن سنڌ جي هر شهر، هر تعلقي ۽ هر ڳوٺ ۾ جي مستقل علمي، فڪري، تعليمي، ٽيڪنالاجي، آرٽ، ثقافتي ۽ پروفيشنل تقريبون ماهوار بنيادن تي ٿينديون رهن، ته يقينن نوجوان نسل ۾ شعور، تحقيق، تخليق، اعتماد، مهارت ۽ ترقيءَ جي هڪ نئين لهر پيدا ٿيندي. ڇو ته وڏن شهرن ۾ ته اڳ ئي ڪيترائي موقعا موجود آهن، پر ننڍن علائقن جا نوجوان اڄ به اهڙن موقعن کان محروم آهن. جيڪڏهن انهن تائين به سيمينار، ميلا، تعليمي پروگرام ۽ جديد تربيت پهچندي، ته پوءِ هو به دنيا جي ڪنهن به نوجوان کان گهٽ نه رهندا. هي تاريخ جو تمام وڏو سچ آهي ته قومن جي ترقي صرف روڊن، عمارتن ۽ مشينن سان ناهي ٿيندي، پر اصل ترقي علم، شعور، فڪر، تحقيق، تخليق، تربيت ۽ نوجوان نسل جي ذهني تعمير سان ٿيندي آهي. سيمينار، ميلا ۽ فڪري پروگرام دراصل اُها روشني آهن، جيڪي نسلن جي مستقبل کي روشن ڪنديون آهن. جيڪڏهن اسان واقعي هڪ بهتر سڀاڻي، هڪ باشعور سماج، هڪ ترقي يافته قوم ۽ هڪ مضبوط مستقبل چاهيون ٿا، ته پوءِ اسان کي تعليم سان گڏ اهڙين علمي، فڪري، ثقافتي، ٽيڪنالاجي ۽ پروفيشنل تقريبن کي به وڏي اهميت ڏيڻي پوندي، ڇو ته ايندڙ دنيا صرف انهن ماڻهن جي هوندي، جيڪي علم سان گڏ شعور، مهارت، تخليقي سوچ ۽ جديد دنيا جي سمجھه به رکندا هوندا.