آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ امن معاهدي بابت ايران جي جوابي تجويزن کي بيڪار قرار ڏيندي چيو آهي ته هن وقت ايران سان جنگبندي رڳو نالي ماتر رهجي وئي آهي۔ هن ٻيهر دعويٰ ڪئي ته ايران جي فوجي طاقت تباهه ٿي چڪي آهي ۽ آمريڪا ايران جهڙي ناقابلِ اعتبار ملڪ کي ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو۔ ان کان اڳ به سوشل ميڊيا تي پاڪستان وسيلي موڪليل ايراني تجويزن کي رد ڪندي سندس چوڻ هو ته اهي تجويزون ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳيون ناهن۔ ان کان پوءِ ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي تهران ۾ پريس بريفنگ دوران چيو ته ايران غيرمعقول آمريڪي مطالبا قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي۔ هن چيو ته معاهدو ايران جي ضرورتن ۽ شرطن مطابق ٿيندو۔ سندس چوڻ هو ته ايران آمريڪا کي منصفاڻيون ۽ ذميواراڻيون تجويزون ڏنيون آهن، جن ۾ مستقل جنگبندي، پابندين جو خاتمو ۽ سامونڊي رستن جي بحالي شامل آهي۔ هن اهو به چيو ته آمريڪي دٻاءَ سبب ايران جا اثاثا ناجائز طور منجمد ڪيا ويا آهن، تنهنڪري انهن تان پابنديون هٽائڻ به ايران جي اهم مطالبن ۾ شامل آهي۔
ايراني ترجمان جي لهجي مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيندڙ تجويزن جي ڏي وٺ ڪنهن امن معاهدي جي تياري کان وڌيڪ هڪ ٻئي کان پنهنجون شرطون مڃرائڻ جي ڪوشش بڻيل آهي۔ مبصرن موجب گذريل ڪجهه ڏينهن دوران پاڪستان جي ذريعي ٻنهي ملڪن جيڪي پيغام موڪليا آهن، تن ۾ مفاهمت يا هڪ ٻئي جي موقف کي سمجهڻ بدران رڳو پنهنجا مطالبا ورجايا ويا آهن۔ ان ڪري تهران جو رويو به اوترو ئي سخت آهي، جيترو واشنگٽن مان ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن مان ظاهر ٿئي ٿو۔
اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان سميت ڪيترائي ملڪ اهڙو رستو ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن سان ٻئي ڌريون ڪجهه رعايتون ڏئي ڪنهن معاهدي تائين پهچي سگهن۔ پر هن وقت تهران جي سخت رويي مان لڳي ٿو ته ايران هاڻي ڪا به رعايت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي۔ ايران جو خيال آهي ته آمريڪا عالمي معاشي حالتن، وچ اوڀر ۽ يورپ ۾ پنهنجن اتحادي ملڪن جي مفادن سبب ايترو ڦاٿل آهي، جو هو ايران خلاف نئين جنگ شروع ڪرڻ جو خطرو نه کڻندو۔ اهو به چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن جنگ ٻيهر شروع ٿي ته تيل جون قيمتون تمام گهڻيون وڌي سگهن ٿيون ۽ ايران خليجي پاڙيسري ملڪن کي سخت نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو۔تهران آمريڪا ۽ دنيا جي ان مجبوري کي پنهنجي طاقت سمجهڻ جي غلطي ڪري رهيو آهي۔ هن رويي کي ڪنهن به رخ کان ڏٺو وڃي، اهو دٻاءُ وجهڻ ۽ بليڪ ميلنگ جهڙو طريقو لڳي ٿو، جيڪو ايران بي دريغ استعمال ڪري رهيو آهي۔ ان جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته ايران جي سياسي قيادت اڃا تائين پاسدارانِ انقلاب کي امن جي رستي تي آڻڻ ۾ ڪامياب ناهي ٿي سگهي۔ ڊونلڊ ٽرمپ جو اهو خيال گهڻو غلط نظر نٿو اچي ته ايران اندر قيادت جو بحران موجود آهي ۽ ڪنهن وٽ به آخري فيصلو ڪرڻ جو مڪمل اختيار ناهي۔
ايران ۾ جنگبندي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ وارن ۾ صدر مسعود پزشڪيان ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي شامل آهن۔ جنگبندي ختم ٿيڻ بابت ٽرمپ جي اشارن باوجود صدر پزشڪيان تازو چيو آهي ته ايران کي گهرجي ته جنگي ميدان ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين کي سفارتڪاري ذريعي مڪمل ڪري۔ هن سينيئر پوليس آفيسرن سان ملاقات دوران چيو ته ملڪ اڳيان ٽي رستا آهن: عزت سان ڳالهين ۾ داخل ٿي قومي مفادن جو تحفظ ڪرڻ، جنگ ۽ امن جي وچ واري حالت برقرار رکڻ، يا جنگ ۽ ڳالهين کي ساڳئي وقت جاري رکڻ۔ سندس چوڻ هو ته پهريون رستو ايران لاءِ سڀ کان وڌيڪ فائديمند آهي۔
ٻئي طرف، ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سخت موقف باوجود 24 ڪلاڪن اندر ٻيو ڀيرو سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو۔ ظاهر آهي ته ان ڳالهه ٻولهه ۾ سعودي عرب کان ڪنهن امن معاهدي لاءِ سهڪار جي اپيل ڪئي وئي هوندي۔ پر جڏهن اهڙيون تجويزون رسمي صورت ۾ تهران پهچن ٿيون ته پاسدارانِ انقلاب جا سخت گير اڳواڻ انهن کي رد ڪري ڇڏين ٿا ۽ سياسي قيادت کين قائل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ٿي۔
تازو ايران آمريڪا ڏانهن جيڪو جواب موڪليو، ان جي تياري ۾ ٽي ڏينهن لڳا، پر ان ۾ وري به ساڳيا پراڻا مطالبا ورجايا ويا ته آبنائي هرمز کولڻ تي اتفاق ڪيو وڃي، مستقل جنگبندي ڪئي وڃي، جڏهن ته ايران جي جوهري پروگرام بابت ڳالهين کي ملتوي ڪيو وڃي۔ ڊونلڊ ٽرمپ هن معاملي تي ايترو واضح موقف اختيار ڪري چڪو آهي جو لڳي ٿو ته ايران جي جوهري صلاحيتن تي پابنديون شامل ڪرڻ کان سواءِ آمريڪا ڪنهن امن معاهدي تي راضي نه ٿيندو۔ ان دوران اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو آمريڪا تي جنگ شروع ڪرڻ ۽ نامڪمل ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي۔ پاسدارانِ انقلاب جو سخت گير رويو اسرائيل جي ان خواهش لاءِ رستو هموار ڪرڻ برابر آهي۔ ان کان علاوه اسرائيل جي اها خواهش به آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان عرب ملڪ ايران خلاف جنگ ۾ شامل ٿي وڃن۔
گڏيل عرب امارات ان خيال جو حامي سمجهيو وڃي ٿو۔ تازو جنگبندي دوران جڏهن ايران ابوظهبي تي ڊرون حملو ڪيو هو ته گڏيل عرب امارات ان جو جواب ڏيڻ چاهيو ٿي۔ پر سعودي ولي عهد محمد بن سلمان اماراتي صدر محمد بن زايد النهيان سان سڌي ڳالهه ٻولهه ڪري کيس صبر ڪرڻ تي آماده ڪيو، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌي جنگ ٽري وئي۔اسرائيل هر صورت ۾ خطي ۾ باهه ڀڙڪائڻ چاهي ٿو۔ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ايران جا پاسداران به ڄڻ ساڳئي مقصد لاءِ آمريڪا سان اشتعال انگيز رويو اختيار ڪري رهيا آهن، جيئن جيڪڏهن جنگبندي ٽٽي پوي ۽ آمريڪا يا اسرائيل حملا ڪن ته پوءِ هو خاص طور تي گڏيل عرب امارات ۽ بحرين کي نشانو بڻائي ڪجهه مقصد حاصل ڪري سگهن۔ پر اهڙو ارادو ڪندي شايد اهو وساري ويهندا آهن ته ايران وٽ ميزائلن ۽ ڊرونن کان سواءِ ٻي ڪا وڏي فوجي طاقت ناهي، جڏهن ته امارات ۽ بحرين وٽ پنهنجون هوائي فوجون به آهن ۽ کين آمريڪي سهڪار به حاصل آهي۔ اهڙي حالت ۾ ايران شايد ڪجهه نقصان ته پهچائي سگهي، پر ڪنهن ملڪ جي علائقي تي قبضو ڪرڻ جو خواب پورو ٿيڻ ڏکيو لڳي ٿو۔
ان جي ابتڙ، اهڙي حڪمت عملي اسرائيل جي ان خواهش کي ضرور پورو ڪري سگهي ٿي ته عرب ملڪ ۽ ايران پاڻ ۾ الجهي پون، جيئن اسرائيل پنهنجي مخالف قوتن کي ڪمزور ٿيندي ڏسي سگهي۔ سوال اهو آهي ته ڇا پاسدارانِ انقلاب جا اڳواڻ اهو سمجهڻ کان قاصر آهن ته خليجي ملڪن کي سڌي جنگ ڏانهن ڌڪڻ سان حقيقت ۾ اسرائيل جا هٿ ئي مضبوط ٿيندا؟ هن سموري پس منظر ۾ صدر مسعود پزشڪيان جي اها راءِ وڌيڪ مناسب لڳي ٿي ته ايران جو اصل مفاد سفارتڪاري ذريعي عزت ڀريو معاهدو ڪرڻ ۾ آهي۔ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته تهران اندر هن سوچ تي مڪمل اتفاقِ راءِ نظر نٿو اچي، ۽ بظاهر اسرائيل جو جنگجو وزيراعظم ۽ ايران جا سخت گير پاسداران ٻئي هڪ جهڙي رستي تي هلي حالتن کي وڌيڪ خراب ڪرڻ تي تُل نظر اچن ٿا۔