اميدن جي ناڪامي

زيد پيرزادو

جڏھن ڪنھن اداري جو

نئون ماڻھو

چارج سنڀاليندو آهي

نيون اميدون جاڳي پونديون آهن

ترقي ھاڻ ايندي

ھي نظام ضرور مٽائيندو

ايئن ڀاسندو آھي

بھتري جا سپنا

نئون جھان جوڙڻ لڳندا آھن

اميدن جو ھڪ ميلو لڳي ويندو آهي

وقت گذرڻ سان

وري به

مايوسيون ئي

پلئه پونديون آهن

نئون پراڻن کان به خراب نڪرندو آھي

ترقي جي اميد بدلي

اڳ کان وڌيڪ پسماندگي ملندي آھي

وڏن خوابن عيوض

خوفناڪ تعبيرون ملنديون آھن

عوامي تمنائون قتل عام ٿي وينديون آھن

نعرا ٽوڪ بڻجي ويندا آهن!

وعدا دوکا بڻجي ويندا آهن!

اعلان انتظار بڻجي ويندا آهن!

بھتر کي خراب ثابت ڪري

خراب بھتر جي جڳھه کسي وٺندو آهي!

بيوس، ناڪام، ھارايل دل

ترقيءَ جي آس

وري ڪنھن نئين ماڻھو منجهھ

لڳائي

انتظار ۾ ويھي رھندي آهي!

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.