قطر سمورن 8 اڳوڻي هندستاني نيوي اهلڪارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن مان 7 هندستان واپس پهچي ويا آهن. اتي جي عدالت انهن آفيسرن کي موت جي سزا ٻڌائي ھئي.قطر ۽ هندستاني حڪومتن انھن اڳوڻي آفيسرن خلاف الزامن جا تفصيل ظاهر نھ ڪيا آهن. جڏهن ته ميڊيا رپورٽن موجب انھن تي اسرائيل لاءِ جاسوسي ڪرڻ جو الزام هو.ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته آزادي جو عمل ٻنھي ملڪن وچ ۾ ڪنھن سودي بازي جو نتيجو ٿي سگهي ٿو.
انهن قيدين جي آزادي ھندستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي. اهو به چيو پيو وڃي ته عدالتي فيصلي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ جيڪا ڇڪتاڻ پيدا ٿي اها نه رڳو ختم ٿي وئي آهي پر انهن جي آزادي کي ٻنھي ملڪن ۾ لاڳاپن ۾ وڌيڪ استحڪام جي طور تي ڏٺو پيو وڃي. قطر ۾ گرفتار ٿيلن ۾ ڪيپٽن رٽائرڊ نوتيج سنگهه گل، ڪيپٽن رٽائرڊ بريندر ڪمار ورما، ڪيپٽن رٽائرڊ سورڀ وشسٽ، ريٽائرڊ ڪمانڊر اميت ناگپال، ريٽائرڊ ڪمانڊر پرننڊو تيواري، اڳوڻو ڪمانڊر سگونوڪا پڪالا، اڳوڻو ڪمانڊر سنجيو گپتا ۽ رٽائرڊ سيلر راگيش شامل آهن.هندستان جي پرڏيهي معاملن وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هندستاني حڪومت قطر جي دهرا گلوبل ڪمپني لاءِ ڪم ڪندڙ 8 هندستاني شهرين کي آزاد ڪرڻ جي آجيان ڪري ٿو، جن کي قطر ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.بيان موجب 8 مان 7 ماڻهو ڀارت واپس ويا آهن.
اڳوڻي نيوي اهلڪارن کي آگسٽ 2022 ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ گذريل سال 26 آڪٽوبر تي هڪ مقدمي کانپوءِ موت جي سزا ٻڌائي وئي ھئي.ھندستان 9 نومبر تي قطر جي هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ھئي، جنهن کي 23 نومبر تي منظور ڪيو ويو. قطر ۾ ھندستاني سفير ست ڊسمبر تي انھن قيدين سان ملاقات ڪئي ھئي.قطري عدالت ڀارتي اپيل ٻڌڻ کانپوءِ 27 ڊسمبر تي موت جي سزا کي گھٽائي ڇڏيو ھو.
هلندڙ سال 4 جنوري تي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ترجمان رنڌير جيسوال هڪ نيوز بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ھندستاني قانوني ٽيم کي عدالتي حڪم مليو آهي.تھ انھن جي شھرين کي قطر ۾ آزاد ڪيو ويو ھو. انهن مان ست اهلڪارن سومر جي رات 2 وڳي اندرا گانڌي انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتا.
مبصرن موجب وزيراعظم نريندر مودي ۽ قطر جي امير جي وچ ۾ ذاتي لاڳاپن ۽ پرڏيهي معاملن ۽ قومي سلامتي واري وزارت جي صلاحڪار اجيت ڊوول جي ڪوششن سبب انهن ماڻهن جي آزادي ممڪن ٿي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب اجيت ڊوول ڪيترائي ڀيرا خاموشي سان قطر جو دورو ڪري چڪو ھو ۽ معاملي تي اعليٰ اختيارين سان ڳالهيون ڪيون ھيون.
ان کان اڳ وزيراعظم نريندر مودي ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني دبئي ۾ ٿيندڙ COP-28 اجلاس جي سائيڊ لائنز تي ملاقات ڪئي ھئي. جنهن بابت چيو ويو ھو ته ان معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ھئي.