اصل نقصان مسلم ليگ(ن) جو ٿيو، پي ٽي آءِ ۽ پ پ فائدي ۾ رهيون

تحرير: عدنان هاشمي

تحرير : عدنان هاشمي

چونڊ نتيجا جيئن جيئن اچڻ لڳا، ن ليگ ڪارڪنن ۾ مايوسي پکڙجڻ لڳي، نتيجا اچڻ ۾ وقت لڳي رهيو هو ۽ ڪيترائي ٽي وي چئنل پنهنجي تجزئي نگارن کي ويهاري اليڪشن ٽرانسميشن شروع ڪري چڪا هئا ۽ ظاهر آ ٽرانسميشن هلي رهي آهي ته تجزئي نگارن کي به ڪجهه نه ڪجهه چوڻو هو، تقريبن تمام وڏن ٽي وي چئنلن تي رڳو 10 سيڪڙو نتيجن تي تبصرا شروع ٿي ويا هئا ته تحريڪ انصاف آزاد اميدوارن جي شڪل ۾ واضح اڪثريت سان مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي رهي آهي، ڪجهه صحافين ۽ تجزئي نگارن جي پنهنجي ايجنڊا به ٿي سگهي پر ان صورتحال ٽي وي تي نظرون ڄمائي ويٺل عوام کي حيران ڪري ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي عوام پي ٽي آءِ جي حيران ڪندڙ فتح تي همدرداڻيون پوسٽون ڪرڻ لڳو، جڏهن ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن جشن ملهائڻ شروع ڪري ڇڏيو، ن ليگ به پارٽي طور دٻاءَ ۾ اچي وئي، ان جو ڪو اڳواڻ ميڊيا سان نه ڳالهائي رهيو هو، سوشل ميڊيا تي ليگي حمايتن اعتراض اٿارڻ شروع ڪيا، جنهن کانپوءِ ن ليگ جي سوشل ميڊيا ٽيم کي هوش آيو ۽ اهي به ميدان ۾ لهي پيا، گڏوگڏ ليگي اڳواڻ به سوشل ميڊيا تي پوسٽون ڪرڻ لڳا پر تيستائين دير ٿي چڪي هئي، ن ليگ پارٽي طور چونڊن ۾ هارائي هجي يا نه، تحريڪ انصاف جي مبينا حڪمت عملي آڏو هڪ ڀيرو ٻيهر بري طرح هارائي وئي، تحريڪ انصاف کٽڻ باوجود ڌانڌلي ۽ وفاق ۾ حڪومت سازي جو مينڊيٽ ملڻ جو بيانيو ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ اهو بيانيو نه رڳو پي ٽي آءِ کي جيئرو رکندو پر نئين ٺهندڙ حڪومت کي ٽوٽا به چٻائيندو.

ڪجهه ذريعن جي دعويٰ آهي ته ميڊيا ۾ ٿيندڙ اليڪشن ٽرانسميشن جي وچ ۾  ملڪ رياض جو تمام گهڻو عمل دخل هو، جنهن نواز شريف يا ن ليگ کي پريشان ڪري ڪو خاص هدف حاصل ڪرڻ پئي چاهيو، ڪجهه صحافي ان ڳالهه جي ترديد ڪري رهيا آهن پر اهو الزام راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين ليگي اڳواڻن طرفان به لڳايو پيو وڃي، ن ليگ جو موقف آهي ته نواز شريف کي 190 ملين پائونڊ ڪيس کي هضم ڪرڻ ۾ عدم دلچپسي ڏيکارڻ جي سزا ملي رهي آهي.

ڪجهه ليگي ذريعن جي اها به دعويٰ آهي ته ناليوارو صحافي حامد مير مبينا طور تي پي ٽي آءِ جي ڏٽي ۾ اچي ويو، کيس جعلي فارم 45 موڪليا ويا ۽ هو انهن جي تصديق نه ڪرائي سگهيو، ان جعلي فارم 45 سبب هن چونڊن جي رات اليڪشن ٽرانسميشن دوران ڪيترن ئي اميدوارن جي سرسي جي خبر بريڪ ڪئي، سندن اهو به چوڻ آهي ته رڳو حامد مير ئي نه پر ٻيا ڪيترائي ناليواري اينڪر به ان ڏٽي ۾ اچي ويا.

راڻا ثناءُ الله ۽ ٻيا اڳواڻ نالي سان يا بنا نالو کڻڻ جي حامد مير تي تنقيد ڪري رهيا آهن، چيو پيو وڃي ته راڻا ثناءُ الله کي حامد مير ئي خبردار ڪيو هو، جنهن جي بنياد تي راڻا ثناءُ الله فوري طور پنهنجا گارڊ تبديل ڪيا ۽ احتياط کان ڪم وٺڻ لڳو، نه ته ان جي گاڏي مان اصلي هيروئن برآمد ڪرڻ جو پروگرام هو، جنهن کانپوءِ ان جي عمر جيل ڪاٽڻ يا عدالتن جا چڪر لڳائيندي گذري ها، جيڪڏهن اهو معاملو ائين آهي ته پوءِ راڻا ثناءُ الله کي ان جو اهو ٿورو ياد رکڻ گهرجي.ليگي ڌرين جو اهو به چوڻ آهي ته کٽيندڙ 100 آزاد اميدوارن کي ڪُل هڪ ڪروڙ 70 لک ووٽ مليا آهن ۽ ٻين سياسي جماعتن کي ساڍا 4 ڪروڙ ووٽ مليا آهن، ائين ناهي ته سڄي پاڪستان رڳو عمران خان کي ووٽ ڏنا آهن.

هڪ ٻيو سوال اٿاريو پيو وڃي ته راڻا ثناءُ الله، جاويد لطيف، خواجا سعد رفيق، خرم دستگير جهڙا ٻيا اڳواڻ ڪيئن هارائي ويا ۽ راڻا تنوير، خواجا آصف، اياز صادق جهڙا اميدوار ڪيئن کٽي ويا، معنيٰ نواز شريف جا ويجها سمجهيا ويندڙ اسيمبلين ۾ پير نه رکي سگهندا، ليگي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن لاءِ سڀ کان حيران ڪندڙ ڳالهه خواجا سعد رفيق جي سردار لطيف کوسا جهڙي اميدوار کان شڪست هئي، چيو پيو وڃي ته ن ليگ جي اعليٰ عهديدار واڳ ڌڻين کان ڪجهه اڳواڻن جي قرباني ڏئي ڪجهه کي کٽرائڻ لاءِ ڳالهه ڪئي، صحافي طلعت حسين به سوال اٿاريو ته ”عمران خان جي جنهن لهر نواز شريف جي مضبوط اميدوارن کي تباهه ڪيو، اها لهر سڄي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڇو نه هلي سگهي، ان لهر رڳو نواز شريف جي ويجهن ساٿين کي اڏايو، جڏهن ته شهباز شريف ڪابينا جا سمورا ميمبر محفوظ رهيا“.

صحافي ابصار عالم چيو ته نواز شريف صاحب جي 6 پيارن مان هڪ جڏهن هر جاءِ تي ويهي اهو فرمائيندو وتي ته ميان صاحب جي ته هاڻ يادداشت ئي ڪم نٿي ڪري ته سمجهي وڃو ميان صاحب کي وزارت عظميٰ کان پري رکڻ جو ڪم ڪنهن ڪنهن ڪهڙي ڪهڙي ليول تي ڪيو آهي.ليگي اڳواڻ جاويد لطيف ٽي وي پروگرام ۾ سوال اٿاريو ته ”مانسهره ۽ لاهور ۾ جيئن نواز شريف جي حوالي سان ميڊيا تي ڳالهيون ٿينديون رهيون ڇا اهو باءِ ڊيزائن ناهي؟ نواز شريف جي نالي تي ووٽ وٺڻ وارا کٽي وڃن ۽ نواز شريف لاءِ تاثر ڏنو وڃي ته هو هارائي رهيو آهي؟ اهڙو ماحول ٺاهيو ويو جو هو چوٿون ڀيرو وزيراعظم نه بڻجي“.

انهن ڳالهين مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ڪجهه سال اڳ جيڪا خبر ٻڌڻ لاءِ ملي هئي ته اسٽيبلشمينٽ مائنس نواز ۽ مائنس زرداري چاهي ٿي. جيڪا هن فارمولي تي هاڻي به قائم آهي ۽ ان جو عملي نمونو اسان تازين چونڊن ۾ ڏٺو آهي. نه رڳو نواز شريف پر سندس ويجها سمجهيا ويندڙ سڀ اڳواڻ فارغ ٿي چڪا آهن. شهباز شريف کي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اسٽيبلشمينٽ ن ليگ جي وزارت عظميٰ جو اميدوار بڻائڻ چاهيندي هئي، هاڻي اهو عملي طور تي ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. چيو پيو وڃي ته نواز شريف مڪمل مايوسي جو شڪار آهي ۽ سڀني معاملن کان پاسو ڪري چڪو آهي. نواز شريف کي لڳل ضرب ڏاڍي گهري آهي.

نواز شريف اڳ ئي شهباز شريف جي پرچائڻ تي 2022 ۾ حڪومت ٺاهڻ تي راضي ٿيو هو، جنهن سان پارٽي جي نه رڳو مقبوليت وئي پر ووٽ کي عزت ڏيو جي بيانيي کان به محروم ٿيڻو پيو، جنهن جو فائدو مڪمل طور تي عمران خان کنيو.

مسلم ليگ ن ۾ ڪنهن نه ڪنهن سطح تي ڪا نه ڪا کچڻي ضرور پچي رهي آهي. شهباز شريف جي پنهنجي وڏي ڀاءُ سان وفاداري جي شاهدي کڻي ڪير به ڏئي، پر ليگي ڪارڪن جيڪي اڳ ئي شهباز شريف اينڊ ڪمپني تي شڪ جو اظهار ڪندا رهيا، هاڻي کلي سوشل ميڊيا تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيا آهن. نواز شريف خلاف پارٽي ۾ سازش جو جڏهن هر ڪو ذڪر ڪندي نظر آيو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو ضرور آهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت جي دور ۾ وزير ن ليگ ۾ ڏارن جا بيان ڏيندا هئا.

مسلم ليگ ن جيڪڏهن حڪومت وٺي ٿي ته کيس ڪيترائي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، جنهن کانپوءِ مون کي نٿو لڳي ته مسلم ليگ ايندڙ سال ايتريون سيٽون به ڪڍي سگهندي. ايندڙ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف نه رڳو پنجاب پر وفاق ۾ به واحد اڪثريتي پارٽي بڻجي ويندي.

ن ليگ بابت چيو ويندو آهي ته هو هاڻي به 90 جي ڏهاڪي جي سياست ڪري رهي آهي، جيڪو درست به آهي. روايتي طريقي سان چونڊون وڙهڻ جو وقت ختم ٿي چڪو آهي. جن سان مقابلو آهي اهي غير روايتي طريقن جو استعمال ڪندي ڪاميابيون حاصل ڪري رهيا آهن. تحريڪ انصاف جي ڊيجيٽل ونگ جي ته هميشه تعريف ٿيندي آهي پر هن چونڊن ۾ جهڙي ريت ڪم ڪيو، اهو واقعي واکاڻ جوڳو آهي. پيپلزپارٽي به پنهنجي ڊيجيٽل ونگ مضبوط ڪئي آهي. ٻئي پاسي مسلم ليگ ن جو اهو حال آهي جو سندن سوشل ميڊيا هيڊ عاطف رئوف نه رڳو بري طرح ناڪام آهي، پر هن صاحب کي سندس پنهنجي پارٽي جا ڪارڪن ئي پسند ناهن ڪندا. مسلم ليگ ن سان واسطو رکندڙ عام ماڻهو وڌيڪ بهتر انداز سان پنهنجي پارٽي جو بنا ڪنهن پگهار جي دفاع ڪندي نظر ايندا آهن. انهن طرفان به وري وري مرڪزي اڳواڻن کي ٽيگ ڪري عاطف رئوف جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريا ويا آهن پر ن ليگ جي قيادت جي مٿي ۾ جونءِ به نٿي سري.

ٻئي پاسي سيڪريٽري اطلاعات مريم اورنگزيب ميڊيا کان پاسيري رهي ٿي. هو حڪومت دوران به ميڊيا لاءِ موجود نه هوندي هئي، جڏهن ته ٻين پارٽين جي ڳالهه ڪريون ته اهي پنهنجو موقف بيان ڪرڻ لاءِ هميشه موجود هوندا هئا. مريم اورنگزيب جو ڪم ئي ميڊيا کي هينڊل ڪرڻ آهي پر هو پنهنجي قيادت جي پرسنل سيڪريٽري جي طور تي ڪم ڪندي نظر ايندي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ عظميٰ بخاري انتهائي سرگرم آهي، هو نه رڳو ٽي وي چينلز تي پارٽي جو بچاءُ ڪندي آهي پر هن پنهنجو ذاتي يوٽيوب چينل به ٺاهي رکيو آهي جتي هو پارٽي جو موقف ڀرپور انداز ۾ رکي رهي آهي.

پي ٽي آءِ طرفان ٽيڪنالاجي جي استعمال جي فائدي جو هڪ مثال اهو به آهي ته مريم نواز جي تازو اپلوڊ ٿيل وڊيو تي پي ٽي آءِ جا اشتهار هلي رهيا هئا، جنهن ۾ عمران خان يا پي ٽي آءِ جو بيانيو پيش ڪيو پئي ويو، ممڪن آهي ته مريم نواز جو انٽرويو ٻڌڻ واري ڪنهن شخص متاثر ٿي ن ليگ بدران پي ٽي آءِ کي ئي ووٽ ڏنو هجي.

مجيد نظامي جو چوڻ آهي ته اليڪشن نتيجن کي سامهون رکو ته وچ پنجاب ۾ مسلم ليگ ن مسلسل هيٺ وڃي رهي آهي. ٻئي پاسي تحريڪ انصاف مضبوط ٿي رهي آهي. مسلم ليگ ن جا 2013 ۾ 88 قومي اسيمبلي ميمبر، 2018 ۾ گهٽجي 49 ۽ هاڻي 2024 ۾ 38 ايم اين اي چونڊجي سگهيا آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي ڪنهن وقتي لهر جو نتيجو ناهي. ڇا مسلم ليگ ن کي پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪرڻ جي سنجيده ضرورت آهي؟

تحريڪ انصاف کي به ڪيترائي صحافي ۽ سياستدان سمجهائيندا هئا ته فلاڻا فلاڻا ڪم نه ڪريو پر هنن نه مڃيو ۽ پنهنجو نقصان ڪرائي ويٺا، ساڳئي نموني مسلم ليگ ن بابت جيڪو چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن هنن ان تي غور نه ڪيو ته پي ٽي آءِ ته پوءِ به سنڀلجي پئي، مسلم ليگ ن سنڀلجي نه سگهندي.

مريم نواز پنجاب جي وڏي وزير بڻجڻ واري آهي، پر ان لاءِ اهو عهدو ڪنهن به ريت سولو نه هوندو، کيس مضبوط اپوزيشن کي منهن ڏيڻو پوندو پر گڏوگڏ کيس پارٽي جي اندر به مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو. هڪ عورت هجڻ باوجود هو عورتن کي وڌيڪ سرگرم نه ڪري سگهي. جڏهن ڪا غريب يا مڊل ڪلاس عورت مريم نواز جا مهانگا ڪپڙا، مهانگا بيگ، سون جون چوڙيون يا منڊي وغيره ڏسندي ته ان کي ڪيئن پنهنجائپ محسوس ٿيندي. مريم نواز جي سامهون پاڪستان ۾ ئي بينظير ڀٽو جهڙي شخصيت جو مثال موجود آهي، جيڪا ڪارساز سانحو ٿيڻ کانپوءِ زخمي ۽ مارجي ويل ڪارڪنن وٽ وئي، جيتوڻيڪ سندس زندگي کي خطرا هئا. بينظير ڀٽو ڪو سيڪيورٽي بهانو نه بڻايو. ان عمل ڪارڪنن کي نه رڳو حوصلو ڏنو پر بينظير ڀٽو جي قد ۾ به واڌارو ٿيو. جيڪڏهن سياسي مخالفت سبب بينظير ڀٽو جي نقش قدم تي هو نٿي هلڻ چاهي ته پاڙيسري ملڪ ۾ اندرا گانڌي، سونيا گانڌي سميت ڪيترين ئي عورت سياستدانن وٽان به سبق حاصل ڪري سگهي ٿي.

مسلم ليگ ن جو ڪارڪن نواز شريف سان محبت ڪري ٿو، هنن لاءِ مريم نواز متبادل طور ته قابل قبول آهي، پر ڪنهن به ريت اهو مقام شهباز شريف کي نه ڏيڻ گهرجي.چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جو نقصان ته اصل ۾ رڳو مسلم ليگ ن يا نواز شريف کي ٿيو آهي. پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي ته فائدي ۾ رهيون آهن. پي ٽي آءِ هن وقت به ميڊيا جي لاڏلي نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي ميڊيا تي مڪمل اعتماد سان پنهنجو موقف رکي رهي آهي. نواز شريف اسٽيبلشمينٽ سان مبينا طور تي هٿ ملائي پوئتي رهجي ويو، هو نه هيڏانهن جو رهيو نه هوڏانهن جو. ڪو ڏوراپو ڏئي سگهو ٿو نه ڪا شڪايت. چونڊن کان اڳ اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو بڻجڻ جو ٽيگ مٿس لڳي رهيو هو، سندس پارٽي ان تاثر کي ختم ڪرڻ ۾ خراب نموني ناڪام رهي. جيڪڏهن پارٽي ۾ نواز شريف خلاف واقعي سازش ٿي رهي آهي ته هو ان جو به ذڪر نه ڪري سگهندو، ڇو ته پارٽي خراب نموني ورهائجي چڪي آهي، ان جو فائدو به مخالفن کي ٿيندو.

ن ليگ پنهنجي چونڊ مهم دير سان شروع ڪئي ۽ جلسن جو زور پنجاب تائين رکيو، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري مڪمل طور تي سرگرم هو. سندس محنت واکاڻ جوڳي آهي. ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جو بنا ڪنهن چونڊ مهم جي ايتريون سيٽون حاصل ڪرڻ، ن ليگ جي سياسي تجربي تي سوال اٿاري رهيو آهي. جنهن چونڊ مهم کي پاڻ نواز شريف ليڊ ڪري رهيو هو، اهم مخالف جيل ۾ هجي، ان جي باوجود شڪست اصل ۾ نواز شريف جي سياست جي شڪست آهي.

هاڻي پيپلزپارٽي اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته اسان حڪومت جو حصو نه بڻجنداسين، مسلم ليگ ن جي وزارت عظميٰ جي اميدوار کي ووٽ ڏينداسين، پر وزارتون نه وٺنداسين ۽ اپوزيشن ڪنداسين. سياسي مفاهمت پنهنجي جاءِ تي پر بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي جون پاڙون ٻين صوبن، خاص طور تي پنجاب ۾ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو، ان لاءِ کيس ن ليگ کي نشانو بڻائڻو پوندو. ته ن ليگ لاءِ حڪومت ڪرڻ ڪنهن صورت سولو نه هوندو. وڏي اپوزيشن هوندي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ ايوان کي سڪون سان هلڻ نه ڏيندي. هن ڀيري پي ٽي آءِ جا اهي ميمبر به اسيمبلي جو حصو هوندا، جن جي بيانن کي ڪارڪنن ۾ پذيرائي ملندي آهي ۽ اهي ماڻهو جارحاڻو مزاج رکن ٿا.

عمران خان جي غلطين سبب سخت معاشي فيصلا پي ڊي ايم حڪومت جي ڳچي ۾ پيا ۽ هاڻي ن ليگ کي هڪ ڀيرو ٻيهر سخت محنت ۽ فيصلا ڪرڻا پوندا، پر هاڻي کان ئي چئي سگهان ٿو ته هن محنت جو نتيجو ن ليگ کي ملڻ بدران ڪنهن ٻي پارٽي کي ملندو، جڏهن اها پارٽي حڪومت ڪندي ته ملڪ جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي چڪا هوندا ۽ کين عوام کي ڊليور ڪرڻ سولو ٿي ويندو. ن ليگ جي حصي ۾ سخت معاشي فيصلن جا نتيجا غير مقبوليت جي شڪل ۾ ملندا.

ليگي قيادت کي عوام کي رليف ته ڏيڻو آهي پر ان کان اهم بيانيو ڏيڻو پوندو ۽ اهو بيانيو جارحاڻو هجڻ گهرجي. مريم نواز ن ليگ کي فرنٽ تان ليڊ ڪري تڏهن ئي پارٽي جي بچت ممڪن آهي. بهر حال، ليگي قيادت کي هوش کان ڪم وٺڻو پوندو. پنهنجي بادشاهت وارو رويو يا سوچ ڇڏڻي پوندي، نه ته سندن پارٽي دفن ٿيڻ وڃي رهي آهي، ان کي ڪنهن جو ڪلهو يا ڪو به بيانيو بچائي نه سگهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.