نيويارڪ(م ڊ) گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيوگوتريس پاڪستان ۾ چونڊ کان پوءِ پيش ايندڙ مسئلن کي قانوني طريقي سان حل ڪرڻ جو زور ڏنو آهي، گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري پاڪستاني عملدارن سان ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، انتونيوگوتريس ٻڌايو ته اسان جي پاڪستاني صورتحال تي عقابي نظر آهي، هن چيو ته چونڊن کان پوءِ جي سمورن مسئلن کي طئي ٿيل قانوني طور طريقي حل ڪريو، ڪنهن به اهڙي ڪارروائي کان پاسو ڪيو وڃي. جيڪا ڇڪتاڻ جو سبب هجي ۽ انساني حقن، قانوني جي حڪمراني لاءِ عوام جي مفاد جو مڪمل اعترام ڪيو وڇي، گڏيل قومن جي سربراهه ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي قائم رکڻ تي به زور ڏنو هن پاڪستاني عملدارن ۽ سياسي اڳواڻن کي به اپيل ڪئي ته اهي پرسڪون ماحول برقرار رکن ۽ هر قسم جي تشدد کي رد ڪن.