چڪوال ۾ آن لائين ڪاروبار ڪندڙ زال ۽ ٻار ماري آپگهات ڪري ڇڏيو

چڪوال(م ڊ) گهريلو حالتن کان تنگ شخص پنهنجي 4 ٻارن ۽ زال کي قتل ڪرڻ کان پوءِ آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. شروعاتي ڄاڻ  موجب ڄاڻايل شخص آن لائين ڪاروبار ڪندو هو. پوليس موجب چڪوال جي مزدلفه ٽائون ۾ شفقت نالي شخص پنهنجي زال ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو. قتل ٿيندڙ ٻارن ۾ 2 پٽ ۽ 2 نياڻيون شامل آهن. مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽرز اسپتال چڪوال آندا ويا. پوليس اختيارين موجب ظاهري طور تي معاملو گهريلو تڪراري لڳي رهيو آهي پر پوليس مختلف رخن کي نظر ۾ رکندي جاچ ڪري رهي آهي. آپگهات ڪندڙ شخص جي گهر واري جي عمر 50 کان 55 سال جڏهن ته 2 نياڻين جي عمر 14 کان 16 ۽ ٻن پٽن جي عمر 13 ۽ 7 سال ٻڌائي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.