ڪراچي(رپورٽر) ملڪ جي ناليواري شاعر فيض احمد فيض جي 114 هين سالگرهه آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ ملهائي وئي، ان موقعي تي ڪيڪ به ڪاٽيو ويو، ان موقعي تي فيض احمد فيض ۽ فلسطين تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر ڊآڪٽر جعفر احمد ۽ زهرا نگاهه چيو ته فيض احمد فيض کي فلسطين سان خاص محبت هئي، فلسطينين وٽ پنهنجو گهر به نه رهيو آهي پوءِ به اهي پنهنجي جنگ وڙهي رهياآهن، هنن چيو ته جيستائين آخري فلسطيني زنده آهي فلسطين قائم دائم رهندو.