اسلام آباد(م ڊ) پ پ اڳواڻ نديم افضل چن چيو آهي ته مسلم ليگ نواز سان ڪنهن به قسم جي سياسي اتحاد تمام مشڪل فيصلو هو،ان ۾ 16 مهينن جي پي ڊي ايم واري اتحاد جو تجربو چونڊن دوران اسان جي رستا روڪ جهڙا معاملا شامل آهن، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته چونڊن دوران سموري انتظامي مشينري انهن جي اميدوارن سان گڏ هئي، هن ملڪ کي اسان کي هلائڻو اهي ان ڪري اهو مشڪل فيصلو ڪرڻو پيو، هن چيو ته نواز ليگ هن وقت ناپسنديده جماعت آهي ۽ تحريڪ انصاف هن وقت غيرسياسي فيصلا ڪري رهي آهي