حب( رپورٽ:يار محمد بروهي)تازين چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ نتيجن ۾ بار بار تبديلي ۽ اميدوارن جي ڪاميابي کي هار ۾ تبديل ڪرڻ خلاف بلوچستان ۾ شٽر ڊائون هڙتال جاري آهي.4 جماعتي اتحاد جي سڏ تي بلوچستان سميت حب ۽ لسٻيلي ۾ به شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي.سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا،پارٽي اڳواڻ رجب علي رند پارٽي ، نيشنل پارٽي تعلقي حب جي صدر روشن علي جتوئي، جنرل سيڪريٽري جان محمد پلال ۽ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن حب بائي پاس تي ڀواڻي اڳيان روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو.ان موقعي تي عوامي نيشنل پارٽي جو ضلعي صدر لالا منان افغان بلوچستان نيشنل پارٽي جو مير بشير احمد مينگل ۽ ٻيا عهديدار موجود هئا،ڪوئيٽا ۾ اي پي سي،نيشنل پارٽي، اي اين پي، هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اهتمام هيٺ چونڊ نتيجن خلاف آر او آفيس آڏو ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي،