ايم ڪيو ايم جي 15 سيٽن تي حيرت آهي ان جو جائزو وٺنداسين: مراد علي شاهه

اسلام آباد (م ڊ)  اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي 15 سيٽن تي حيرت آهي، ان جو جائزو وٺنداسين،  ميڊيا  سان ڳالهائندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي عوام جا ٿورائتا آهيون  جو  ڳري اڪثريت سان پ پ ڪامياب ڪيو، پير صاحب  پاڳارو کي هن جي ڀاءُ ۽ جي ڊي اي خراب ڪيو، ان کي جي ڊي اي استعمال ڪيو، پير صاحب پنهنجا دوست تبديل ڪري، اوهان جا مخلص دورست ناهن، مراد علي شاهه چيو ته جڏهن اليڪشن  ڪميشن اعلان ڪري ڇڏيو ان کان پوءِ انهن اسان کان 10 سيٽون گهريون اوهان جي 10 سيٽون گهرڻ جو حق نه پئي بڻيو، پ پ اهو ئي فيصلو ڪندي جيڪو ملڪ جي مفاد ۾ هجي، هن چيو ته ايم ڪيو  ايم  جي 15 سيٽن تي حيرت آهي، ان  جائزو وٺنداسين. هنن هڪ سال اڳ بلدياتي اليڪشن ۾ چيو هو ته اسان مقابلي لاءِ تيار  ناهيو، هڪ سال ۾ ڇا ٿي ويو جن جا پولنگ ايجنٽ به نه هئا، اهي 15 سيٽون کٽي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.