جي يو آءِ پاران سڀاڻي اليڪشن ڪميشن سنڌ آڏو ڌرڻي جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر) جمعيت علماء اسلام ( ف) جي اڳواڻن قاري محمد عثمان ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي چيو ته 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن  اليڪشن 2024 پاڪستان جي سياسي تاريخ جو  بدنما داغ بڻجي وئي آھي، جنهن جي خلاف 15 فيبروري تي جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ راشد سومرو جي سربراهي ۾ سنڌ اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو، ۽ چونڊن جا فيصلا پهريان ئي طئي ڪيا ويا هئا ،  اھڙي ڪڌي عمل خلاف اسان مزاحمت جو اعلان ڪيو ٿا . اڳواڻن چيو تھ سکر سميت ٻين ڪيترن ئي شهرن  ۾ رات پيٽ ۾ چونڊ نتيجا تبديل ڪري من پسند اميدوارن کي کٽرايو ويو آھي. اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو تھ اين اي 191, 193, 194, 196,197,199,201,245 ۽ پي ايس 5, 6, 7, 8, 9, 18106, 111, 114, 118,21,28 جا فارم 43 ۽ فارم 45 تحت نتيجا جاري ڪيا وڃن، ۽ ڌانڌلي وارن تڪن تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي وڃي، ووٽن تي آڱوٺن جا نشان چيڪ ڪيا وڃن ۽ اليڪشن جي ڏينهن جيڪب آباد، ٺل ۽ ٻين هنڌن تي ڪارڪنن تي تشدد ڪرڻ وارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ سميت سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي آر اوز کي معطل ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.