مشڪلات ۾ گهيريل نواز ليگ کي پ پ ۽ پي ٽي آءِ جا سرپرائز

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پي ٽي آءِ ۽ پ پ وڏا سرپرائز ڏيڻ لڳيون، علي امين گنڊاپور جي ساک خراب،هر طرف کان ڦاٿل نواز ليگ لاءِ پ پ پاران سندس نئين حڪومت جي ساٿ ڏيڻ پر حڪومت جو حصو بڻجڻ کان انڪار،آئيني عهدن تي نظرون کتل،ناليواري تجزئي نگار عمر چيما چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ پ پ ٻئي مرڪز ۾ نواز ليگ جي مانيٽرنگ ڪنديون، نواز ليگ جي مشڪلات ۾ گهٽتائي  نه آئي، پي ٽي آءِ اڳ ئي ان لاءِ وڏو خطرو بڻيل آهي، اسٽيبلشمينٽ به مٿس ان ڪري ناراض آهي ته سندن ايتري سپورٽ باوجود نواز ليگ اليڪشن ۾ ٻوٽو نه ٻاريو،وقت ٻڌائيندو ته پ پ ۽ نواز ليگ ۾ ڊيل ۾ ڪيتري سچائي آهي، مون کي نٿو لڳي ته نئين حڪومت اڍائي سال به هلي سگهندي،مضبوط حڪومت نه پئي بڻجي، عليمه خان جي خواهش آهي ته تحريڪ انصاف ايم ڊبليو ايم سان اتحاد ڪري،پي ٽي آءِ مجلس وحدت المسلمين ۾ پناهه وٺي ڇڏي آهي، وقت ٻڌائيندو ته ان کي مخصوص سيٽون ملن ٿيون، هن چيو ته پهريون ڀيرو ٿيندو ته هڪ شيعا پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي وئي آهي،پي ٽي آءِ کي مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ جو چانس ڏنو ويندو ته عوام کي هفتي اندر ئي خبر پئجي ويندي، ڇو ته ان پارٽي جو حڪومت ۾ رهي ڊليور ڪرڻ جو رڪارڊ سٺو ناهي، هن چيو ته عمران رياض وي لاگ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان کي بني گالا منتقل ڪيو ويندو پهرين کيس هڪ ڪمرو پوءِ ٻه ٽي ڪمرا ڏنا ويندا، بعد ۾ هو ٻاهر واڪ ڪندي نظر ايندو ۽ هڪ ڏينهن ايندو ته عدالت چوندي ته اسان عمران خان کي آزاد ڪري رهيا آهيون،اها خبر جهنگ جي باهه جيان پکڙجي وئي آهي ،هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪجهه به ممڪن آهي پر ان ڳالهه ۾ صداقت ناهي ته عمران خان بني گالا منتقل ٿيندو، جڏهن ته عمران خان سان جيل ۾ ڪنهن به جنرل ملاقات ناهي ڪئي، عمران خان پاڻ ترديد ڪئي آهي ته جيل ۾ کيس ڪنهن به ملاقات ناهي ڪئي ۽ نه ئي کيس بني گالا منتقل ڪيو پيو وڃي، جيستائين ڊيل جو رستو نٿو نڪري تيستائين عمران خان جيل ۾ ئي رهندو، هن چيو ته علي امين گنڊاپور گينگسٽر قسم جو ماڻهو آهي، هو ڪي پي مان پنجاب هٿيار منتقل ڪندو آهي، ڪڏهن شراب جي بوتلن سميت پڪڙيو ويندو آهي، هن جو خاندان اڳ ۾ به سياست ۾ رهيو آهي، علي امين گنڊاپور تي الزام آهي ته هن آپگهاتي حملي ۾ اسرار گنڊاپور کي شهيد ڪرايو آهي، علي امين 2013ع ۾ سياست ۾ آيو، سندس ڀاءُ فيصل گنڊاپور مڪاني کاتي جو وزير رهي چڪو آهي،علي امين انتهائي تڪراري شخصيت آهي، عمران خان پاران سندس نامزدگي مان لڳي ٿو ته عمران خان ماضي مان سبق ناهي سکيو،علي امين جي نامزدگي ۾ بشريٰ بي بي جو به اهم ڪردار آهي ڇو ته علي امين(ع) سان اچي ٿو،ان کان اڳ عثمان بوزدار،عارف علوي به ”ع“ جي ڪري وڏا عهدا ماڻي چڪا آهن.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 14 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.