اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پاڪستان تحريڪ انصاف صدر کي چيو آھي تھ سندن پارٽي کي وفاق،پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ حڪومت جوڙڻ جي دعوت ڏني وڃي،ڇاڪاڻ جو سندن سيٽون وڌيڪ آھن،پاڪستان تحريڪ انصاف اسيمبلين ۾ ويھڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي. صحافي جاويد چوڌري پنھنجي وي لاگ ۾ چيو آھي تھ پرويز خٽڪ شڪست تسليم ڪندي سياست ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ھو، پر پرويز خٽڪ کي ائين نھ ڪرڻ لاءِ سمجھايو ويو تھ جيڪڏھن سسٽم جو حصو رھندو تھ موقعو پيدا ٿي سگھي ٿو.ممڪن آھي تھ پرويز خٽڪ کي ڪا سيٽ خالي ڪري چونڊرائجي ۽ اپوزيشن ليڊر جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي. ھاڻي ثابت ٿيو تھ اھي ٻئي اڳواڻ عمران خان کي نھ پر عمران خان انھن کي ھلائي رھيو ھو. جاويد چوڌري پنھنجي تجزئي ۾ چيو آھي تھ ھنن چونڊن ۾ عمران خان جي ”سي“ ٽيم ھئي.ڪيترن کي عمران خان شڪل توڻي نالي سان بھ نھ سڃاڻندو ھو، پر جيڪڏھن عمران خان جي ”بي “يا ”اي “ ٽيم ھجي ھا ۽ ”بيٽ “جو نشان ھجي ھا تھ ھو ٻھ ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري پئي سگھيا.تنھنڪري ھاڻي ھيڏي وڏي روڪ ٽوڪ باجود عمران خان کي مينڊيٽ مليو آھي تھ ان کي تسليم ڪرڻ گھرجي.پر ھن جو چوڻ ھو تھ کيس پڪ آھي تھ اھو تسليم نھ ڪيو ويندو ۽عمران خان کي ڪجھھ وقت اڃان ڪوشش ڪرڻي پوندي.گذريل ڏينھن روئوف حسن ۽ عمير نيازي پارٽي پاران صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. صدر کي تجويز ڏني وئي تھ وفاق،ڪي پي ڪي ۽پنجاب ۾ پارٽي جي حڪومت جوڙڻ جي دعوت ڏئي.جنھن بعد ھاڻي صدر ڪنھن بھ وقت اھڙو نوٽيفڪشن جاري ڪري سگھي ٿو. اھڙي صورت ۾ ھڪ وڏو آئيني بحران کڙو ٿي ويندو.قانون موجب صدر کي 21 ڏينھن جي اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس گھرائڻو آھي. صدر جيڪڏھن ائين ڪيو تھ پوءِ سياسي ڌرين کي ڳالھيون ڪرڻ ۽ حڪومت سازي جو موقعو نھ ملندو . علي امين جو اسٽيبلشمينٽ سان رابطو بھ آھي پر اسٽيبلشمنيٽ جو خيال آھي تھ گنڊاپور کي زبان تي ڪنٽرول ناھي ۽ ڪي پي ڪي اھڙو صوبو آھي جتي آپريشن ھلي رھيو آھي، سڀ کان وڌيڪ اسٽبلشمينٽ ھتي سرگرم آھي.جنھن ڪري علي امين گنڊاپور جي وڏي وزير ھئڻ سان معاملا سڌا ھلائڻ مسئلو ھوندو.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 14 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي