زرداري جي اهم شخصيت سان گڏجاڻي، شهبازشريف ڪئمپ مضبوط

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)حڪومتي جوڙ توڙ لاءِ  ن ليگ ٻن پاليسين تي ڪم ڪري رھي آھي،ظاھر ۾ نوازشريف کي وزارت عظميٰ تي آڻڻ چاھي ٿي پر پردي پويان شھبازشريف جو ھٿ مضبوط ڪيو پيو وڃي.نوازشريف جي ڪئمپ کي ھارايو ويو.شھبازشريف پي ٽي آءِ، کي حڪومت جوڙڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي،عمران خان ڪي پي ڪي، جي لاءِ علي امين گنڊاپور کي نامزد ڪري ڪھڙو مٿين کي پيغام ڏنو آھي،صحافي اسد طور موجب اڳوڻي پي ڊي ايم مان مسلم ليگ ن سرگرم آھي، ڪجھھ ن ليگ وارن کي نھ کٽرايو ويو، جنھن ۾ خواجا سعد رفيق ، خرم دستگير، جو وڏو نالو آھي، ميان جاويد لطيف،راڻا ثناالله ۽عابد شيرعلي کي ھارائي ڪري شھبازشريف جا ھٿ مضبوط ڪيا ويا، شھبازشريف جي اڳيان اچڻ جي حوالي سان نوازشريف کي رام ڪرڻ لاءِ مريم نواز کي پنجاب جي وڏ وزارت ڏني پئي وڃي. ان پس منظر ۾ پ پ پ کي چيو پيو وڃي تھ اڪثريت ن ليگ وٽ ھئڻ ڪري ٽي سال ن ليگ جو وزيراعظم  ھجي،ٻن سالن لاءِ پ پ پ پنھنجو ماڻھو ڏئي.اسد طور موجب پ پ جي سي اي سي جي چئن ڪلاڪن واري اجلاس مان اوچتو آصف زرداري  اٿي ڪنھن شخصيت سان ملڻ ويو ھو،خيال آھي تھ اڳوڻي صدر کي حڪومت جوڙتوڙ جي سلسلي ۾ پيغام ڏياريو ويو آھي تھ اتحادي حڪومت جي معاملي تي توھان کي شھبازشريف جي نالي جي مخالفت ڪرڻي آھي،پر اتحاد نوازليگ سان ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو.ٻئي پاسي ن ليگ ۾ شھبازشريف۽ نوازشريف وچ ۾ ڊيڊ لاڪ آھي.پر اسٽيبلشمينٽ جو چوڻ آھي تھ  اتحاد اسان ڪرائينداسين ته نوازشريف  وزيراعظم ۽ اسحاق ڊار فنانس وزير نھ ھوندا،هن چيو ته  عمران خان،علي امين گنڊاپور کي وڏ وزارت لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو آھي، پر اھا تڪراري شخصيت آھي.پي ٽي آءِ اڳواڻ پاران اھڙي چونڊ ڪرڻ مان ظاھر آھي تھ عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان جھيڙي جي موڊ ۾ آھي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 14 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.