لاهور (م ڊ) ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جيڪڏهن مريم نواز پنجاب جي وڏي وزير بڻبي ته هوءَ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 119 جي سيٽ ڇڏي ڏيندي. ذريعن موجب اهڙي صورتحال ۾ ن ليگ اين اي 119 جي ضمني چونڊن ۾ خواجا سعد رفيق کي ٽڪيٽ ڏيندي. ٻئي پاسي استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان پاران پنجاب اسيمبلي جي سيٽ ڇڏڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب عبدالعليم خان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 117 تان قومي اسيمبليءَ ۾ ويندو. ذريعن موجب عبدالعليم خان واري پي پي 149 جي سيٽ تي آءِ پي پي جو شعيب صديقي اميدوار هوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ضمني چونڊن ۾ استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ ن ليگ گڏجي چونڊ وڙهندا.