ڪراچي مان قومي اسيمبلي جي 21 تڪن تي ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پاران قومي اسيمبلي جي وڌيڪ 21 تڪن ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.
نوٽيفڪيشن موجب، ڪراچي جي تڪ اين اي 229 تي پ پ جي اميدوار ڄام عبدالڪريم کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.
ڪراچي جي تڪ اين اي 230 تي پ پ اميدوار سيد رفيع الله کي به ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي،ڪراچي جي تڪ اين اي 231 تي پ پ جي اميدوار عبدالحڪيم بلوچ جي ڪاميابي جو به نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
ڪراچي جي تڪ اين اي 232 تي ايم ڪيو ايم اميدوار آسيا اسحاق صديقي، اين اي 233 تي ايم ڪيو ايم جي اميدوار محمد جاويد حنيف خان ۽ اين اي 234 تي محمد معين عامر پيرزادوکي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.
اين اي 235 تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اميدوار محمد اقبال خان ۽ اين اي 236 تي ايم ڪيو ايم اميدوار حسن شبير کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، اين اي 237 تي پ پ جي اميداور اسد عالم نيازي ۽ اين اي 239 تي پ پ اميدوار نبيل گبول کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن طرفان ڪراچي جي تڪ اين اي 240 تي ايم ڪيو ايم جي ارشد وهرا، اين اي 241 تان پ پ جي مرزا اختيار بيگ، اين اي 242 ايم ڪيو ايم جي سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ اين اي 243 تان عبدالقادر پٽيل جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي جي تڪ اين 244 تان ايم ڪيو ايم جي فاررق ستار، اين اي 245 تان ايم ڪيو ايم جي سيد حافظ الدين ۽ اين اي 246 تان ايم ڪيو جي سيد امين الحق اين اي کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.
ڪراچي جي تڪ اين 247 تي ايم ڪيو ايم اميدوار جي خواجا اظهار الحسن ۽ اين اي 248 تي ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديق کي به ڪامياب قرار ڏنو يو ويو آهي.
ان کانسواءِ ڪراچي جي تڪ اين اي 249 تان ايم ڪيو ايم جو احمد سليم صديقي ۽ اين اي 250 تان ايم ڪيو ايم جو فرحان چشتي جي ڪاميابي جو نوٽيفيشڪن جاري ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.