جماعت اسلامي جو پي ٽي آءِ سان حڪومت سازي ۾ سهڪار کان انڪار

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي، پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي خيبرپختونخوا ۾ حڪومت سازي ۾ سهڪار ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب امير لياقت بلوچ جو چوڻ هو ته جماعت اسلامي فيصلو ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ سان سهڪار نٿا ڪري سگهون.
سندس چوڻ هوته پي ٽي آءِ سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن بابت ڳالهه ٻول ٿي هئي پر پي ٽي آءِ وفاقي سطح تي ڪنهن ٻي پارٽيءَ سان اتحاد ڪيو آهي انڪري رڳو ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ سان اتحاد جو ڪو جواز نٿو ٺهي.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر محمد علي سيف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته صوبائي اسيمبلي ۾ جماعت اسلامي جي نمائندگي ناهي رهي، انڪري انهن سان حڪومت ٺاهڻ جو ڪو به سبب ناهي رهيو، جماعت اسلامي سان رڳو ڪي پي ۾ حڪومت سازي تي ڳالهيون ٿيون هيون.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان حڪومت ٺاهڻ لاءِ قانوني طريقيڪار جو جائزو ورتو پيو وڃي.
واضح رهي ته ان کان اڳ جماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ پي ٽي آءِ طرفان حڪومت ٺاهڻ لاءِ رابطن جي تصديق ڪئي هئي ۽ چيو هو ته عوامي مينڊيٽ جي احترام ۾ جيڪڏهن ضرورت پئي ته جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.