سنڌ جي وڏ وزارت لاءِ ڪير ڪير ڊوڙ ۾ شامل؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ طرفان سنڌ جي وڏي وزير جي نامزدگي بابت فيصلو ڪجهه ڏينهن اندر ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، سنڌ جي وڏي وزير لاءِ مراد علي شاهه مضبوط اميدوار آهي، پر وڏ وزارت لاءِ فريال ٽالپر، ناصر حسين شاهه ۽ شرجيل ميمڻ جا نالا پڻ گردِش ڪري رهيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چاهي ٿو ته مراد علي شاهه کي ئي سنڌ جو وڏو وزير نامزد ڪيو وڃي.
ياد رهي ته اٺ فيبروري تي ٿيل عام چونڊن ۾ پ پ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽون کٽيندڙ پارٽي بڻجي اُڀري آهي، پ پ سنڌ اسيمبلي 84سيٽن کٽي اڪيلي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم 28 سيٽن کٽيون آهن ۽ آزاد اميدوارن جو انگ 13 آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.