لاهور(عوامي آواز نيوز) وزارت اعظمي جي اميدوار نواز شريف جنھن تڪ جي پولنگ اسٽيشن تي پنھنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو، اتي مسلم ليگ نواز جو ڪوبه اميدوار ناھي. ذريعن مطابق نواز شريف پنھنجو ووٽ آءِ پي پي جي اميدوار عون چوڌري کي ڏنو، ان موقعي تي صحافي کائنس سوال ڪندي پڇيو ته ڇا ايندڙ حڪومت گڏيل حڪومت ھوندي، جنھن تي نواز شريف وراڻيو ته خدا کي مڃو گڏيل حڪومت جو نالو نه به کڻو، تجزئي نگار سيد عمران شفقت پنھنجي وي لاگ ۾ ڳالھائيندي چيو آھي ته پاڪستان ۾ ڪنھن کي به حڪومت نه پر حڪومت ۾ ڀائيواري ملندي آھي، اھو ئي سبب آھي جو اڄ ڏينھن تائين اسان جو ملڪ پٽڙي تي چڙھي نه سگھيو آھي، هن وڌيڪ اھو به چيو ته اسان صدارتي نظام به لاڳو ڪري ڏٺو، ڊڪٽيٽر شپ جو به ڊگھو دور رھيو آھي، 58 ٽو بي سميت مارشل لا نافذ ڪئي وئي، انھن تجربن بربادي کان سواءِ ٻيو ڪجھه به ناھي ڏنو، ھاڻي پاڪستان جي آئين جو تجربو ڪري آئين جي بالادستي قائم ڪرڻي پوندي، ٻي صورت ۾ ڪجھه به ھڙ حاصل نه ٿيندو، سيد عمران شفقت چيو ته سادي اڪثريت سان حڪومت ڪنھن جي به قائم ٿئي پر گڏيل حڪومت ملڪ ۽ قوم جي حق ۾ ھرگز نه ھوندي.