ملير ۾ يوسف مرتضيٰ بلوچ،ڄام عبدالڪريم، آغا رفيع الله ۽ ٻيا پ پ اميدوار ڪامياب

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ملير ضلعي جي ٽن قومي ۽ ڇهن صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي مخالف اميدوارن تي واضح سرسي حاصل، اين اي 229 تي 184 پولنگ اسٽيشنن مان 82  پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب ڄام عبدالڪريم 34 هزار 213 ووٽ کڻي اڳتي سندس مخالف اميدوار قادر بخش ڪلمتي 10 هزار 277 ووٽ حاصل ڪري ٻئي نمبر تي رهيو.  اين اي 230 پيپلزپارٽي جي آغا رفيع الله کي مذهبي جماعت جي اورنگزيب فاروقي تي سرسي حاصل، اين اي 231 جي 215 پولنگ اسٽيشنن مان 45 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري غير حتمي موجب پيپلزپارٽي اميدوار عبدالحڪيم بلوچ 8 هزار 651 ووٽ کڻي اڳتي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار خالد محمود 5 هزار 890 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. پي ايس 84 جي 108 پولنگ اسٽيشنن مان آيل 45 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب پيپلزپارٽي اميدوار يوسف مرتضيٰ بلوچ 15 هزار 557 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو حمايتي يافته آزاد اميدوار زين العابدين ڪولاچي 2 هزار 804 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، پي ايس 85 جي 108 پولنگ اسٽيشنن مان 39 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب پيپلزپارٽي اميدوار محمد ساجد جوکيو 13 هزار 72 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي اميدوار پير حفيظ الله 5 هزار 858 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.  پي ايس 86 جي پيپلزپارٽي اميدوار راجا عبدالرزاق بلوچ کي مسلم ليگ (ن) اميدوار يعقوب خاصخيلي تي سرسي حاصل، پي ايس 87 جي پيپلزپارٽي اميدوار کي مخالفن مٿان سرسي حاصل، پي ايس 88 جي پيپلزپارٽي اميدوار کي مخالفن مٿان سرسي حاصل، پي ايس 89 جي 117 پولنگ اسٽيشنن مان 56 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلزپارٽي اميدوار محمد سليم بلوچ کي پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار احسان خٽڪ تي سرسي حاصل. رات هڪ بجي تائين مليل غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پ پ جي محمد سليم بلوچ 12 هزار 454 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي پي ٽي آءِ جو اميدوار رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.