چونڊ نتيجا تسليم ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو: حمزا شهباز

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزا شهباز چيو آهي ته مان چونڊ نتيجن کي مڃڻ ضروري سمجهان ٿو. لاهور ۾ ميڊيا سان  ڳالهائيندي حمزه شهباز چيو ته صبح جو ٽرن آئوٽ گهٽ هو، پوءِ بهتر ٿيو. هن چيو ته جنهن به غلط ڪم ڪيو آهي ان کي سزا ملڻ گهرجي، معاشي استحڪام هن وقت ملڪ جي وڏي ضرورت آهي، دهشتگردي خلاف سمورين سياسي پارٽين کي گڏ بيهڻو پوندو، مان سمجهان ٿو ته چونڊ نتيجن کي تسليم ڪرڻ ضروري آهي.

ڪراچي: دستي بم ڌماڪي جو زخمي ٻارڙو فوت، مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مبينه ٽائون جي حاجي ليمو ڳوٺ ۾ دستي بم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ هڪ وڌيڪ معصوم  ٻارڙو علاج دوران فوت ٿي ويو، دستي بم ڦاٽڻ سبب مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو، مبينه ٽائون جي علائقي گلشن اقبال بلاڪ ٽي حاجي ليمو ڳوٺ ۾ نوجوان جي هٿ ۾ دستي بم ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ ٻارڙو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن جي لاش کي قانوني ڪارروائي بعد عباسي شهيد اسپتال کان ڇيپا سرد خاني منتقل ڪيوويو، ريسڪيو  عملدارن جو چوڻ آهي ته ٻار جي سڃاڻپ 7 ورهين جي حسنين ولد شهزاد جي نالي سان ٿي آهي، وارث غسل ڪفن بعد تدفين لاءِ لاش کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا، اربع ڏينهن مبينه ٽائون جي علائقي حاجي ليمو ڳوٺ ۾ دستي بم ڦاٽڻ سبب نوجوان فاروق ميراڻي موقعي تي مارجي ويو هو، جڏهن ته زخمي ٿيندڙ 16 ورهين جي نسرين ۽ڊيڍ سالن جو ريحان  نجي اسپتال ۾ فوت ٿي ويا هئا.

انٽرنيٽ بندش مان لڳي ٿو ڄڻ غير معمولي حالتون هجن: مشاهد حسين

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينيٽر مشاهد حسين سيد عام چونڊن جي ڏينهن موبائل سروس جي معطلي تي چيو آهي ته موبائل فون جي بندش غير معمولي صورتحال لڳي ٿي. جيو نيوز سان ڳالهائيندي سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته هي هڪ چونڊ عمل آهي، عام ڏينهن آهي، لڳي ٿو ته موبائل فون بند ٿيڻ سبب غير معمولي صورتحال آهي. هن چيو ته اليڪشن جا انتظام سٺا آهن ۽ امن امان سان ووٽ ڏنو، سڀني وٽ پنهنجا پولنگ ايجنٽ آهن، سڀني کي خبر آهي ته پولنگ کان اڳ ڇا ٿيو. مشاهد حسين سيد چيو ته 8 فيبروري اچي ويو آهي، چونڊون خدا جي مرضيءَ سان ٿينديون آهن، ان کان اڳ تمام گهڻو مونجهارو هو، ليول پلينگ فيلڊ نه ڏني وئي، ان باوجود ٽين دنيا جي ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ جو موقعو ملي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.