عام چونڊون: موبائل فون سروس جي بندش تي ايمنڊ کي ڳڻتي

اسلام آبا د ( م ڊ) ملڪ  ۾ عام چونڊن ڏهاڙي موبائل فون سروس جي بندش تي ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪ ميڊيا ايڊيٽر اينڊد نيوز  ڊائريڪٽر ايمنڊ ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي،  ايمنڊ جي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته انٽرنيٽ ۽ موبائل فون جي سروس جي بندش جي ڪري صحافين کي سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو، عوام کي عام چونڊن جي حقيقتن کان باخبر رکڻ ۾ چئلينجز جو منهن ڏسڻو پيو، ايمنڊ موجب سموري صورتحال ۽ حقيقتن کي ڄاڻڻ عوام جو بنيادي ۽ اهم حق آهي جنهن جي لاءِ فون سروس ۽ انٽرنيٽ هجڻ ضروري هوندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.