ڊيرا اسماعيل خان ۽ خاران ۾ دهشتگردن جا حملا، 6 اهلڪار شهيد، ڪيترائي زخمي

ڊيرا اسماعيل خان/ خاران (م ڊ) ڊيرا اسماعيل خان ۽ خاران ۾ دهشتگردن جا حملا، 6 اهلڪار شهيد، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ڊيرا اسماعيل خان ۾ چونڊن جي لاءِ سيڪيورٽي تي مقرر پوليس موبائل تي بم حملي جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا، پوليس موجب نامعلوم دهشتگردن طرفان ڌماڪي کانپوءِ فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو، ان حوالي سان پوليس لائين مان وڏي نفري کي طلب ڪيو ويو، ڪلاچي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس موبائيل تي بم حملي ۾ 4 جوان شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا، اطلاع ملندي ئي پوليس اختياريون به واقعي واري هنڌ پهچي ويون، حملي جو نشانو بنجندڙ پوليس موبائيل گره اسلم پولنگ  اسٽيشن جي سيڪيورٽي تي مقرر هئي. جنهن ۾ سب انسپيڪٽر خانزاده ۽ ٻيا اهلڪار سوار هئا. نامعلوم دهشتگردن طرفان حملي کان پوءِ انڌاڌنڌ فائرنگ به ڪئي وئي، واقعي کان پوءِ شهيد اهلڪارن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس علائقي جي ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو،  پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز موجب بلوچستان ۾ پاڪستان ليويز جي اهلڪار ميڊيا کي ٻڌايو ته ضلعي خاران جي علائقي لجا ٽائون ۾ هڪ ڌماڪو ٿيو ، جنهن ۾ اسان جا 2 جوان شهيد ٿي ويا ۽ 9 زخمي ٿي پيا، ٻئي پاسي پنج گور جي علائقي وشبود ۾ پولنگ اسٽيشن ٻاهران ڌماڪو ٿيو، نتيجي ۾ 2 ٻار زخمي ٿي پيا، پوليس موجب اسسٽنٽ ڪمشنر گوادر جي گاڏي تي ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.