سکر (م ڊ) سکر جي تڪ اين اي 200 جي پولنگ اسٽيشنن نمبر 3 ۽ 4 تي پرزائيڊنگ آفيسر ڊيوٽي ڇڏي ويا. پرزائيڊنگ آفيسرن جي وڃڻ سبب پولنگ جو عمل 4 ڪلاڪ روڪيو ويو. ضلعي رٽرننگ آفيسر جي نوٽيس بعد پوليس پرزائيڊنگ آفيسرن کي واپس وٺي آئي. ان حوالي سان ڊي آر او فياض مهيسر جو چوڻ آهي ته پرزائيڊنگ آفيسرن جي واپسي کانپوءِ پولنگ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، هو جاچ ڪن پيا ته پرزائيڊنگ آفيسرن پنهنجو فرض ڇو ڇڏيو. ڊي آر او جو چوڻ هو ته سڄي ضلعي ۾ پولنگ پرامن طريقي سان جاري رهي.
موبائل سروس بندش ڌانڌلين جي شروعات آهي: مصطفيٰ نواز کوکر
اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 47 ۽ 48 تان آزاد اميدوار مصطفيٰ نواز کوکر جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ موبائل فون بند ڪرڻ چونڊ ڌانڌلي جي شروعات آهي. سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن دوران پولنگ جو عمل شروع ٿيڻ کان اڳ اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، پشاور ۽ ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ موبائل فون سروس معطل ۽ انٽرنيٽ سروس متاثر ٿيڻ جون شڪايتون مليون آهن. ان سلسلي ۾ پنهنجي بيان ۾ آزاد اميدوار مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اميدوارن جو ايجنٽن ۽ اليڪشن مشينري سان رابطو ختم ڪرڻ زيادتي آهي. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ موبائيل فون سروس بند ڪرڻ ڌانڌلي جي شروعات آهي، پوليس جي بربريت کي به ڪجهه وقت کان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ڪنهن هنڌ کان اطلاع ايندو ته دير ٿي ويندي. اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر وڌيڪ چيو ته ڌانڌلي واري چونڊ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.
چونڊ ڏهاڙي بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڌماڪا، 3 ڄڻا زخمي
ڪوئيٽا (م ڊ ) گوادر ضلعي ۾اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي سميت مختلف علائقن جي پولنگ اسٽيشن ۾ ڪي ئي ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا، پوليس آفيسر مطابق اربع تي عام چونڊن جي موقعي تي گوادر شهر ۽ ڀرپاسي ۾ 14 هنڌن تي بم ۽ ديسي بمن جا حملا ٿيا، گوادر جي علائقي پليري ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي گاڏي ويجهو ڌماڪي ۾ سندس حفاظت ۾ مقرر 2 ليويز اهلڪار سپاهي نسين ۽ بوهار هالي بخش زخمي ٿي پيا، جڏهن ته حملي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر محفوظ رهيو، پوليس مطابق پسنيا ۾ پولنگ شروع ٿيڻ کان اڳ 2 پولنگ اسٽيشن ويجهو زوردار ڌماڪا ٿيا، پهريون ڌماڪو پراهگ محلو وارڊ نمبر 7 ۾ٿيو، ٻيو ڌماڪو بنگلا بازار وارڊ نمبر 1 ۾ پولنگ اسٽيشن ويجهو ٿيو، ٻنهي ڌماڪن ۾ ڪوئي جاني نقصان ناهي ٿيو، پوليس مطابق شهر ۽ ضلعي جي مختلف علائقن ۾ مختلف پولنگ اسٽيشنز جي ويجهو به ڌماڪا ٿيا، ڌماڪن ۾ ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو، جڏهن ته ان سان پولنگ جو عمل به متاثر ناهي ٿيو، جيوڻي تعلقي جي رئيساڻي بازار بوائز اسڪول ۾ آئي ڊي ڦاٽڻ سان ڌماڪو ٿيو، جڏهن ته ڌماڪي ۾ ڪنهن نقصان جو اطلاع ناهي مليو. ٻئي پاسي ڪيچ ضلعي ۾ مختلف علائقن ۾ فائرنگ، ڌماڪا هڪ شخص زخمي ٿي پيو، تفصيل مطابق ڪيچ ضلعي جي علائقي خيرآباد ۾ پي اي پي جي اميدوار مير اڪبر آسڪاني جي مائٽ جي گاڏي تي فائرنگ سان هڪ شخص زخمي ٿي پيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال پهچايو ويو، ليويز مطابق بليده ۾ بوائز هاءِ اسڪول سلو بليده ۾ پولنگ اسٽيشن تي دستي بم اڇلايو ويو، جنهن ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو، تربت ۾ اڻڄاتل هٿياربندن ڪو جوسر پولنگ اسٽيشن تي 2 گرنيڊ اڇلايا واقعي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو، اهڙي طرح ڪومازي ۾ پولنگ اسٽيشن ويجهو رستي تي رکيل بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ ڪوئي نقصان نه ٿيو. واقعن جا فورسز واقعن واري هنڌن تي پهچي ثبوت گڏ ڪري ورتا ۽ حملا ڪندڙن جي ڳولا شروع ڪري ڏني.
تڪراري چونڊ ايندڙ حڪومت جي قانوني حيثيت سواليه بڻائيندي: آءِ سي جي
واشنگٽن(م ڊ) انٽرنيشنل ڪرائسس گروپ چيو آهي ته پاڪستان ۾ تڪراري چونڊ ايندڙ حڪومت جي قانوني حيثيت کي نقصانپهچائيندي ۽ سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام کي منهن ڏيڻ لاءِ ان کي ڪمزور ڪري ڇڏيندي.آءِ سي جي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تڪراري چونڊن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ فسادن جو خطرو آهي، عام چونڊون سنگين سياسي پولرائزيشن ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پارٽي خلاف ڪريڪ ڊائون واري ماحول ۾ ٿي رهيون آهن.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سياستدانن کي سول يا ملٽري بيوروڪريسي پاران چونڊن ۾ ڌانڌلي جي ڪوششن کي رد ڪرڻ گهرجي.