ڪراچي (م ڊ) ڀارتي ميڊيا پنهنجي تبصرن ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي خواهش آهي ته هن ڀيري نواز شريف اقتدار ۾ اچي، ڀارتي اخبار هندوستان ٽائمز پنهنجي تجزياتي رپورٽ ۾ اسلام آباد ۾ مقرر اڳوڻي ڀارتي هاءِ ڪمشنر اجي بساريا جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته هن ڀيري نواز شريف کي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل آهي، اڳوڻي هاءِ ڪمشنر موجب پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي واضح خواهش آهي ته هن ڀيري نواز شريف وزيراعظم ٿئي، اخبار پنهنجي تبصري ۾ لکيو ته جيڪڏهن پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي ناراضگي جي ڪري 2013 جي چونڊن بعد بڻيل نواز شريف جي حڪومت کي ڪرپشن جي الزامن جيڪري ختم ڪيو ويو هو پر هاڻ اسٽيبلشمينٽ جي ترجيحون تبديل ٿي چڪيون آهن، اخبار ۾ ٻين تجزيه نگارن ۽ نشرياتي اددارن جي رپورٽس جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو ته ماضي ۾ عمران خان جي حمايت ڪندڙ اسٽيبلشمينٽ هن ڀيري نواز شريف جي حمايت ۾ آهي، اخبار موجب نواز شريف جي جماعت پنهنجي چونڊ منشور ۾ اها به ڳالهه واضح ڪئي آهي ته ڀارت سان تڏهن دوستاڻا لاڳاپا بحال ٿيندا، جڏهن انڊيا والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال ڪري آرٽيڪل 370 جو خاتمو ڪندو.