ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ اسان 10 سيٽن تي کٽينداسين، اسان شهر جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجڻ جي پوزيشن ۾ آهيون، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته / ڪياماڙي واري سيٽ تي قادر پٽيل ڪامياب ٿي ويندو، شهر ۾ 22 تڪ آهن، ڪجهه تڪن تي مقابلو آهي، آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ نه نوابشاهه ۾ آهي،تڪن بابت ٽي وي چئنلن کان وڌيڪ معلومات اسان وٽ آهي، سنڌ جو ايندڙ وڏو وزير ڪير ٿيندو اهو فيصلو قيادت ڪندي،پنجاب ۾ 2018ع ۾ به آزاد اميدوار وڏي انگ ۾ ڪامياب ٿيا هئا،